ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ ۾ سرچاءُ جون نيون ڪوششون

Editorial-Article-Allahbux Rathore

اتحادي حڪومت ۽ عمران خان توڙي جو هڪٻئي جي آمهون سامهون نظر اچن پيا، حڪومتي وزير ۽ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ مخالف بيانيي کي جاري رکي رهيا آهن ۽ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته اهي ائين مخالف آهن، جيئن عمران خان کان اقتدار جي گادي کسڻ وقت هئا. پر اشارا ڪجهه ٻي ڪهاڻي ٻڌائين پيا. پهرين فرصت ۾نيوٽرل پاران هي پيغام سياسي اڳواڻن ڏانهن موڪليو پيو وڃي ته هو ٿورو صبر کان ڪم وٺن، جيئن ڪو وچ وارو رستو ڪڍي سگهجي. امڪاني طور وچ وارو رستو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ان تي ٻنهي ڌرين کان فيڊ بيڪ ورتو پيو وڃي. عمران خان کان تازو ئي پڇيو ويو ته هن جا واڳ ڌڻين سان ڪنهن به سطح تي رابطا آهن يا نه؟ هن جواب انڪار ۾ ڏنو هو، پر اها حقيقت ناهي. ساڳي انداز سان اتحادي حڪومت جنهن تيزيءَ سان عمران خان کي ديوار سان لڳائڻ جو پلان تيار ڪيو هو، جنهن تحت پي ٽي آءِ جي سربراهه کي نااهل قرار ڏيڻ ۽ ٻيا فيصلا ڪرڻا هئا، اهي به التوا جو شڪار ٿيندي نظر اچن پيا. ريفري، ٻنهي ڌرين کي لڳاتار پيغام ڏين پيا ته جيڪڏهن هنن سياسي ويڙهه جاري رکي ته ان جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. خاص ڪري دهشتگرديءَ جي تازي لهر ۽ معاشي صورتحال، انتهائي خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهن ٿيون. ان حوالي سان ڪجهه معاشي ماهرن سان مشورا ڪري،کين حڪومت جي مدد لاءِ راضي ڪيو ويو آهي. جنهن جو مطلب آهي ته معاشي جهنگ ۾ رڳو اسحاق ڊار نه هوندو، پر سگهارين ڌرين جا ماهر به ڪنهن نه ڪنهن سطح تي پاليسين جوڙڻ ۾ هٿ ونڊائيندا. ساڳي ريت عمران خان جنهن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي حڪومتن ٽوڙڻ لاءِ ريس لڳائي، هاڻي، ان کي ڪجهه زميني حقيقتن بابت ٻڌايو پيو وڃي، جنهن جو اظهار پي ٽي آءِ سرڪاري طور تي ڪري رهي آهي.
جيستائين عام چونڊون ٿين، تيستائين اليڪٽيبلز جي صفبندي شروع ٿي وئي آهي. ان جو مطلب آهي ته ممڪن آهي ته اتحادي حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ کان اڳ نين چونڊن لاءِ راضي ڪري سگهجي. ان حوالي سان اتحادي حڪومت ۾ شامل ڌرين کي الڳ الڳ طريقي سان ڊيل ڪيو پيو وڃي. (ن) ليگ جي سپريم ليڊر ميان نواز شريف جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ کيس چيو ويو آهي ته هن کي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، جنهن وقت چاهي، ڏيهه وري سگهي ٿو. ميان نواز شريف جي رستي ۾ واڳ ڌڻي ڪابه رڪاوٽ پيدا نه ڪندا. ان سان گڏ، ميان صاحب، پهريان ضمانتون حاصل ڪري واپس وري ٿو يا وري هو ڏيهه اچي عدالتي فيصلن کي منهن ڏيڻ گهري ٿو، هي ان جي چوائس هوندي. پر ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته ميان نواز شريف جيل جي هوا نه کائيندو.
عمران خان کي لاڳيتو سنگنلز ڏنا پئي ويا ته هو جيل ياترا ڪرڻ جون تياريون ڪري، ان سان گڏ هو نااهل به ٿي ويندو، ان حوالي سان کيس ٻڌايو ويو ته 2018ع ۾ هن جي نااهلي يقيني هئي، پر جهانگير ترين کي قربانيءَ جو ٻڪر بڻايو ويو. اهڙي ريت هڪ طرف نواز شريف ۽ ٻئي پاسي ترين کي نااهل قرار ڏيڻ Balancing act هو. ان ڪري عمران خان کي ميدان کان ٻاهر رکڻ لاءِ اتحادي حڪومت ۾ خاص ڪري هارڊ لائينرز زور لڳائي رهيا آهن ته هو ڪنهن به صورت ۾ عمران کي ميدان ۾ ڏسڻ نٿا چاهين. پر ممڪن آهي ته ڪجهه حلقا ٽياڪڙي لاءِ تيار ٿي وڃن ۽ اهڙو رستو ڪڍيو وڃي، جنهن سان عمران خان نااهل ته نه ٿئي، پر هو ڊرائيونگ سيٽ تي به نه هوندو. ان حوالي سان جيڪا حڪمت عملي جڙندي، ان ۾ عمران خان ڀلي پاپولر ليڊر هجڻ جو راڳ الاپي، پر کيس سياسي ميدان ۾ ووٽ ذريعي شڪست ڏني ويندي. ان حوالي سان اليڪٽيبلز جو ڪردار اهم هوندو،جن جو انگ 70 جي لڳ ڀڳ هوندو. عمران خان جي رينڪ اينڊ فائل ۾ موجود اڳواڻ چون ٿا ته ملڪي سياست ۾ اليڪٽيبلز جو ڪردار ختم ٿي ويو، هاڻ ووٽرز پاپولر ليڊرشپ يعني عمران خان کي ووٽ ڏيندا. جنهن مان لڳي ٿو ته هو ماضي مان سبق حاصل نه ڪري رهيا آهن ته ڪيئن محترمه بينظير ڀٽو جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ آءِ جي آءِ ٺهرائي وئي. ان جي باوجود محترمه کي ميدان کان ٻاهر ته نه ڪري سگهيا، پر ان جي سياسي قد ڪاٺ کي ننڍو ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
عمران خان سمجهيو پئي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ جيترا ميمبر هن سان گڏ هئا، اهي پارٽيءَ سان وفادار رهندا ۽ هو جيئن چاهيندو، فيصلا ڪندو، ان حوالي سان عمران خان کي ٻڌايو پيو وڃي ته هو غلط فهميءَ جو شڪار آهي. پهرين آپشن طور پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي هن جو ساٿ نه ڏيندو. ان حوالي سان جيڪڏهن پرويز الاهيءَ کي اعتماد جي ووٽ دوران پي ڊي ايم ڏانهن هٿ وڌائڻو پيو ته هو اهو به ڪري وٺندو. هن ڀيري (ن) ليگ پنجاب حڪومت ۾ دلچسپي نٿي رکي،اها رڳو ايترو چاهي ٿي ته صوبائي اسيمبلي قائم رهي ته جيئن بحراني ڪيفيت پيدا نه ٿئي. ان حوالي سان ٻيو آپشن هي آهي ته اعتماد جو ووٽ وٺڻ وقت، پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ميمبر غائب ٿي وڃن، مطلب هو ووٽ وجهڻ جي تڪليف ئي نه ڪن. ممڪن آهي ته ڪجهه پرڏيهه ۾ موجود آهن، ڪجهه ٻيا اوڏانهن هليا وڃن. عمران خان ان پوزيشن ۾ ناهي ته انهن ميمبرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهرائي.
عمران خان کي ٽيون آپشن هي ٻڌايو ويو آهي ته فرض ڪري ته پي ٽي آءِ جا ميمبر موجود به هجن،پر اهي ووٽ جو حق ئي استعمال نه ڪن ۽ نيوٽرل ٿي وڃن. انهن سمورن آپشنز ۾ نقصان عمران خان جو ٿيندو. ان ڪري کيس چيو پيو وڃي ته هو اسيمبلين مان استعيفائن واري آپشن کي وساري ويهي ۽ ممڪن هجي ته پي ٽي آءِ جا ميمبر قومي اسيمبلي ڏانهن به موٽي وڃن. جيڪڏهن عمران خان ان لاءِ تيار نه ٿيو ته ميمبرن جو جوڳو انگ، جن موڪلن جون درخواستون ڏنيون يا وري حاضري لڳائيندا رهيا، پر اجلاسن ۾ شريڪ نه ٿيا يا وري اهي جن جو چوڻ آهي ته استعيفا واري ڪاغذ تي انهن جو هٿ ٺوڪيون صحيون آهن، ان ڪري اهي واپس وڃڻ لاءِ تيار آهن. اهي سموريون ڳالهيون عمران خان کي ٻڌايون ويون آهن، جيڪڏهن ان جي باوجود هو غيرسياسي يا زميني حقيقتن کان هٽي فيصلا ڪندو ته نقصان سندس پارٽيءَ جو ٿيندو. اها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته جيڪي ميمبر اعلان جي باوجود استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، اهي ڪڏهن پي ٽي آءِ جو حصو ئي نه رهيا هئا، اهي ته اوڌر تي اسٽيبلشمنٽ انهن کي ڏنا هئا، زبيده جلال کان وٺي ڪيترائي اهڙا ايم اين ايز آهن، جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان واڳ ڌڻين جي اکين جا تارا آهن. انهن جا پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ وڏا معاشي ۽ سياسي اسٽيڪس آهن، هو انهن کي ڇڏي عمران خان جي مهم جوئي جو حصو ڪيئن ٿيندا؟
ڏسڻ ۾ اچي پيو ته جن عمران خان جي اتحادين کي موجوده حڪومت جا هٿ ونڊائڻ جا اشارا ڪيا، هاڻ انهن کي چيو پيو وڃي ته اهي پ پ يا (ن) ليگ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪن، جيئن ڪنهن به امڪاني گڙٻڙ جي نتيجي ۾ انهن کي حڪومتي صفن ۾ محفوظ رکي سگهجي. امڪان هي آهن ته اتحادين جي اڪثريت پيپلز پارٽيءَ جو حصو ٿيڻ لاءِ تيار آهي. ان لاءِ رڳو آصف زرداري ئي انهن لاءِ مناسب اڳواڻ ناهي، پر واڳ ڌڻين جي به اها ئي خواهش آهي، جيئن ايندڙ چونڊن ۾ پ پ کي سگهارو ڪري، (ن) ليگ جي سامهون بيهاري سگهجي. اصل حڪمران سمجهن ٿا ته مستقبل ۾ ٽي قوتون هونديون، جيڪي اتحادي به هونديون ۽ اهي مخالف به. پي ٽي آءِ اتحادين کي ڊيڄارڻ لاءِ هوندي، باقي هڪ پاسي مولانا فضل الرحمان ۽ ان جا دوست هوندا، ٻئي پاسي آصف زرداري ۽ ٽئين طرف وري (ن) ليگ هوندي. انهن ٽنهي قوتن جي سگهه کي قائم رکندي، پنهنجن صوبن ۽ وفاق ۾ ايڊجسٽ ڪيو ويندو.
عمران خان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هو ڀلي اتحادي حڪومت جي اڳواڻن کي چور، ڌاڙيل ۽ ڦورو چوندو رهي پر جيڪڏهن هن پراڻي بيانيي تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪجهه به نه ملندو. ان سان گڏ نواز شريف، توڙي آصف زرداري کي چيو پيو وڃي ته اهي ماضي جيان وڙهڻ بدران سٺن ٻارن جيان پنهنجو پنهنجو حصو وٺن ۽ موجون ڪن. اها ڳالهه به چئي پئي وڃي ته ملڪ ۾ استحڪام تڏهن ئي ايندو، جڏهن سموريون سياسي ڌريون دنگل بدران سياسي اننگز کيڏينديون. ان سان سڀني جو فائدو آهي. جيڪڏهن واڳ ڌڻين جي نئين فارمولي تي اتفاق ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ بحراني ڪيفيت، خاص ڪري ڊيفالٽ واري خطري کي منهن ڏنو ويندو. ان سان گڏ، قومي سلامتي ڪميٽي ذريعي انتهاپسندي، خاص ڪري بندش وڌل تنظيمن خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. هن ڀيري اهو پيغام به ڏنو پيو وڃي ته بلوچستان ۾ انتهاپسند ۽ سرمچار ويجها اچي ويا آهن. ان ڪري انهن جي ڳٺجوڙ کي ٽوڙيو ويندو. ان جو مطلب آهي ته بلوچستان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. دهشتگردي خلاف جيڪي آپريشن شروع ٿيندا، ان لاءِ واڳ ڌڻين کي عالمي سطح تي به ڪافي حمايت حاصل ٿيندي ۽ ان ذريعي معاشي فائدا به حاصل ڪري سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button