ڄامشوري ۾ رهندي مون کي وڏي ۾ وڏو فائدو اهو ٿيو آهي ته هتي سنڌ جي چوٽي جي ليکڪن جهڙوڪر عبدالقادر جوڻيجو، خان محمد پنهور، شوڪت حسين شورو، محمود مغل، آغا رفيق ۽ اهڙن ٻين ڪيترن وڏن ليکڪن سان نه رڳو ملاقاتون رهيون پر ڪچهريون به ٿينديون رهيون. انهن مان وري شوڪت صاحب ۽ قادر جوڻيجي صاحب سان وڌ کان وڌ ملاقاتون ٿيون.
شوڪت شوري سان وڌيڪ ملاقاتون ان ڪري به ٿينديون رهيون جو مون سائين کي پنهنجا ٻه ناول به ڏيکاريا، جن جي حوالي سان شوڪت صاحب ڀرپور صلاحون ڏيندا رهندا هئا. ائين ئي سائين سان ڇهه اٺ مهينا اڳ هڪ ملاقات ٿي، مان ۽ پيارو دوست اختر حفيظ شوڪت صاحب کي پنهنجا تازا ڇپيل ناول “يوٿوپيا” ۽ “ڪووڊ-19” ڏيڻ وياسين. چانهه پيئندي مون شوڪت صاحب کان پڇيو:
“سر اڄڪلهه ڇا پيا لکو؟”
منهنجو سوال ٻڌي شوڪت صاحب مرڪڻ لڳو ۽ انهي نفيس مرڪ سان جواب ڏنائين:
“يار اڄڪلهه رڳو مهاڳ پيو لکان، لڳي ٿو هاڻي مهاڳي ليکڪ ٿي ويا آهيون.” اهو جواب ٻڌي اسين وڏي واڪي کلڻ لڳاسين ۽ مون سائين کي چيو:
“سر پو مهاڳ لکڻ ضروري آهن ڇا؟”
ان تي هنن جواب ڏنو:
“يار دوست ڪتاب ڏيو وڃن ۽ مان ڪنهن کي به، نه ٿو ڪري سگهان، ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته مهاڳ نه لکجي، پر وري به دوست وڏي آس کڻي ايندا آهن ۽ مان کين جواب ڏئي نه سگهندو آهيان.”
اهو جواب ٻڌي مون کي اندازو ٿيو ته شوڪت صاحب وڏي دل جا ماڻهو آهن، يا عام لفظن ۾ هو ڪيڏا وڏا ماڻهو آهن. ڀلا وڏي ماڻهو جي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي نشاني هوندي ته هو هر وقت ٻين جي ڪم ايندو رهي. شوڪت صاحب نه رڳو مهاڳ لکي ڏيندا هئا پر نوجوانن کي همٿائيندا به هئا.
مون کي ان ڳالهه جي خوشي به آهي ته مان گذريل ٽيهن سالن کان شوڪت صاحب وارن جو پاڙيسري رهيو آهيان، پر مون سان سندن شفقت ۽ محبت جي سُڌ تازو ئي ڪجهه مهينا اڳ پئي، جڏهن منهنجي هڪ واقفڪار کي سندس ايم فل جي تحقيقي مقالي لا ورهاڱي تي لکيل سنڌي ڪهاڻي جو ڪتاب ٿي کپيو. ان شوڪت صاحب سان رابطو ڪيو ته کيس شوڪت صاحب ۽ مرلي ڌر جيٽلي جو ايڊٽ ڪيل ڪتاب “سرحد جي آرپار (سنڌي ڪهاڻي ۾ ورهاڱي جو درد) جي ضرورت آهي ته شوڪت صاحب چيو ته مون وٽ ان جي هڪڙي ئي ڪاپي آهي ۽ مان نٿو ڏئي سگهان ته ان دوست سائين سان منهنجو ذڪر ڪيو. ان حوالي سان شوڪت صاحب جو جواب ٻڌي مون کي به حيرائي ٿي. سائين جواب ۾ چيو:
“مان ڪليم کي اهو ڪتاب ڏئي سگهان ٿو.”
مون کي ان دوست جي ڪال آئي، جڏهن هن شوڪت صاحب جو اهو جملو ٻڌايو ته ڏاڍي خوشي ٿي ۽ احساس ٿيم ته شورو صاحب مون سان ڪيترو نه پيار ڪري ٿو. مون سائين کان ڪتاب ورتو ۽ شام تائين فوٽو ڪاپي ڪرائي واپس ڏيڻ جو چيو ته سائين مون کي مرڪي چيو:
“هاڻي تڪڙ نه آهي ڪتاب تو وٽ محفوظ هوندو.”
اهڙي ريت هڪ ٻي ڪچهري، جيڪا پڻ شوڪت صاحب جي ئي گهر ٿي، ان ۾ هنن مون کي چيو:
“هاڻي ڪوشش ڪري ڪو ٿلهو متارو ناول لک.” مون هاڪار ڪندي سائين کي چيو:
“سر هڪ ناول اوهان کي به لکڻ گهرجي.”
جنهن جي جواب ۾ هنن چيو:
“يار هاڻي صحت ساٿ نٿي ڏي، ناول نه لکي سگهبو.”
ائين شوڪت صاحب سان جيتريون به ملاقاتون رهيون، انهن مان ڪا هڪڙي به اهڙي نه هئي جنهن ۾ ناول ۽ ڪهاڻي جو ذڪر نه ٿيو هجي.
شوڪت صاحب، مشتاق شورو، منير احمد ماڻڪ ۽ مدد علي سنڌي سان گڏ اهو ڪهاڻيڪار آهي جنهن جديديت جي لاڙي کي پنهنجائي ڪهاڻيون لکيون. جيڪڏهن شوڪت صاحب جي ڪهاڻين تي نظر وجهجي ٿي، جيڪي مختلف رسالن سان گڏ سندن چئن ڪتابن ۾ پڙهڻ لا ملن ٿيون ۽ چونڊ ڪهاڻيون انگريزي ۾ به ترجمو ٿيون آهن. انهن ۾ ٽي مک ڌارائون ملن ٿيون ترقي پسندي جنهن ۾ حقيقت نگاري ۽ سماجي حقيقت نگاري، قوم پرستي ۽ جديديت. انهن ڪهاڻين کي پڙهندي اهو به لڳي ٿو ته لکڻ جي حوالي سان شوڪت صاحب جي لکڻ تي مختلف دورن ۾ سماجي ۽ سياسي صورتحال جو گهرو اثر رهيو آهي. جنهن جو ذڪر هنن پاڻ ڪتاب “رات جو رنگ” جي انگريزي ترجمو ۾ ڪيو آهي:
“1950ع واري ڏهاڪي دوران سنڌ ۾ ترقي پسند ادب جو عروج هو، مون سنڌي ۽ اردو ۾ ان قسم جو ادب ڏاڍو پڙهيو ۽ جڏهن مون پاڻ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون ته منهنجين شروعاتي ڪهاڻين جو هيرو هاري يا ڪو مسڪين هوندو هو. جڏهن ته وڏيرو يا سردار وري ولن هوندو هو. 60ع واري ڏهاڪي ۾ وري سنڌ قومپرستي جي هڪ لهر اڀري، جيڪا ادب تي پڻ اثرانداز ٿي ۽ اهڙو ادب سرجڻ شروع ٿيو جنهن ۾ قومي جذبي کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وئي. ان دوران سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ شروع ٿي وئي، جنهن ۾ اسان اديبن به ڀرپور حصو ورتو ۽ جڏهن رات جو 12:00 لڳي ون يونٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ٿيو ته، اسان مشهور شاعر امداد حسيني جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپس وٽ سنڌ ڌرتي کي عقيدت ۾ سجدو ڪيو. ان دوران مون طبقاتي حوالي سان لکڻ بدران سنڌ خلاف ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر تي لکيو. اهڙي ريت 70ع واري ڏهاڪي ۾ ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو ۽ ملڪي سياست ۽ معاشيات انتشار جي ور چڙهي وئي، انهي جو وڏي ۾ وڏو اثر ان دور جي نوجوانن تي پيو، انهن نوجوانن مان اسين به هئاسين، بک، بيروزگاري ۽ بدامني جي ڪري نوجوانن ۾ فرسٽريشن وڌڻ لڳي. ائين به 70ع وارو ڏهاڪو سموري دنيا ۾ انتشار جو ڏهاڪو هو، دنيا نون خيالن ۽ نظرين جي ڳولا ۾ لڳي وئي. انهي ڏهاڪي دوران جديد ڪهاڻي جو جنم ٿيو. سنڌ ۾ مشتاق شورو، ماڻڪ، مدد علي سنڌي ۽ مون جديديت واريون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون.”
جيڪڏهن شوڪت صاحب جي 70ع کانپو وارين لکيل ڪهاڻين جو تجزيو ڪجي ته انهن ۾ گهڻي ڀاڱي وچولي طبقي سان روزاني جي زندگي ۾ سامهون ايندڙ مسئلن جي نشاندهي ملي ٿي. اهڙي ڪهاڻي “رات جو رنگ” يا اهڙين ڪجهه ٻين ڪهاڻين ۾ وري فرد جي اندر هلندڙ ڀڃ ڊاهه جو ذڪر پڻ ملي ٿو. اها ڪهاڻي گهڻي ڀاڱي انر مونولاگ واري انداز ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ مک ڪردار زندگي مان بيزار ٿي خودڪشي ڪرڻ نڪري ٿو ۽ ڪراچي جي رستن تي گهمندو ماضي کي ياد ڪندو هلي ٿو، هڪ پل لا هو خودڪشي جو خيال مٽائي ٿو، پر هڪ تيز رفتار گاڏي کيس چڀاٽي هلي وڃي ٿي. هن ڪهاڻي ۾ بيزاري، خودڪشي جي چاهه سان گڏ ابسرڊٽي جهڙا جز ملن ٿا، جيڪي وجودي فلسفي جا اهم جز آهن.
اهڙي ريت سندن هڪ ٻي ڪهاڻي “نانا” به موضوع جي حوالي سان هڪ نرالي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ انسيسٽ جهڙي حساس موضوع تي قلم کنيو ويو آهي. انسيسٽ مان مراد ويجهن رت جي رشتن سان جنسي لاڳاپا رکڻ.
اهڙي ريت شوڪت شوري جي مختلف ڪهاڻين جو به تجزيو ڪري سگهجي ٿو، جنهن مان خبر پوندي ته هو سنڌي جو ڪيڏو نه وڏو ڪهاڻيڪار هو. اڄ ڪهاڻي خاص ڪري سنڌي ڪهاڻي سان پيار ڪندڙ هر ماڻهو جي اک ان خبر تي آلي آهي ته هاڻي شوڪت صاحب اسان ۾ جسماني طور نه رهيو آهي. ٻه ڏينهن اڳ 74 سالن جي ڄمار ۾ وفات کان پو کين ڄامشوري ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. سنڌي ٻولي جو هڪ وڏو ڪهاڻيڪار اسان کان وڇڙي ويو آهي. شوڪت صاحب نه رڳو وڏو ڪهاڻيڪار هو پر وڏو ماڻهو به هو.