ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڀارت: شامي جو دفاع مذهبي جانبداري خلاف آهي

Editorial-Article-Maheer Bose

مهير بوس
ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي جو پنهنجي مسلمان ساٿي رانديگر محمد شامي جو ڀرپور دفاع ملڪ ۾ هندو مذهبي عصبيت (جانبداري) جي وڌندڙ لاڙي خلاف جنگ ۾ اهم لمحو بڻجي سگهي ٿو. ٽي- 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان هٿان ڀارت کي شڪست کان پو ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڪيلي مسلمان رانديگر شامي کي مسلسل سوشل ميڊيا تي نشانو بڻاو ويو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن الزام لڳايو ته هڪ مسلمان جي حيثيت سان هن ڄاڻي واڻي خراب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ته جيئن پاڪستان ٽيم ۾ ان جا ساٿي مسلمان ميچ کٽي سگهن.
حقيقت اها آهي ته ڀارتي ٽيم جي ٻين 10 هندو رانديگرن به بنهه خراب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ پاڪستان کي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف پهرين ڪاميابي ڏياري.
هي پهريون ڀيرو ڪونهي، جڏهن پاڪستان خلاف کيڏندڙ ڀارتي مسلمان جي حب الوطني تي سوال اٿاريو ويو آهي. جڏهن ته ٻنهي ملڪن تي سوال اٿاريو پيو وڃي. جڏهن ته ٻنهي ملڪن راند کيڏي آهي، ڀلي اها ڪرڪيٽ هجي يا هاڪي، جتي به انهن جي وچ ۾ زبردست دشمني آهي، ڪيترن ئي هندن سوال اٿاريو آهي ته ڪو ڀارتي مسلمان واقعي هندستان جي سڀ کان وڏي مسلمان مخالف خلاف بهترين ڪارڪردگي جو مطاهرو ڪري سگهي ٿو. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ان رويي ان وقت ڀارتي ڪرڪيت جي اڀرندڙ ستارن مان هڪ عباس علي بيگ جي ڪيريئر کي ايترو متاثر ڪيو جو هو واقعي به پاڻ سنڀالي نه سگهيو.
يقينن ڀارتي ڪرڪيٽ ۾ مذهب سدائين گهڻو متجسس ڪردار ادا ڪيو آهي. ڀارت جي ڪرڪيٽ جي شروعاتي سالن ۾ هندوئن، مسلمانن ۽ پارسين لا الڳ ٽيمون جوڙيون وينديون هيون. انهن مذهبي ٽيمن هڪ برطانوي ٽيم خلاف هڪ ٽورنامينٽ به کيڏيو هو. جنهن ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جو بيناد رکيو هو. جتي نج يورپي رت وارا رانديگر ئي حصو وٺي سگهندا. اهو ٽورنامينٽ گانڌي جي اصرار تي روڪيو ويو هو، جنهن کي لڳو ته ان سان مذهبي ساڙ کي هٿي ملندي.
پر 1980ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون ڀارتي ڪرڪيٽ جي تاريخ تي تحقيق ڪري رهيو هئس ته منهنجي ملاقات ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن سان ٿي، جيڪي ٽورنامنيٽ ۾ راند کيڏي چڪا هئا. انهن اقرار ڪيو ته ان سان مذهبي عصبيت جي حوصلا افزائي نه ٿي هئي. هاڻ ستم ظريفي اها آهي جو ان قسم جو ٽورنامينٽ ناممڪن ٿي ويو آهي. پر مذهبي عدم راوداري ۾ واڌ ٿي آهي، جنهن کي هندو مت جي انتهاپسندن هوا ڏني آهي. انهن جي نريندر مودي جي اقتدار ۾ اچڻ کان پو گهڻي حوصلا افزائي ٿي آهي.
۽ مسلمانن کي حب الوطني تي اهو سوال هڪ اهڙي موقعي تي سامهون آيو آهي، جڏهن ڀارت لا کيڏندڙ مسلسانن جي انگ ۾ ڊرامائي انداز ۾ ڪمي آئي آهي. 60ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون ممبئي ۾ وڏو ٿي رهيو هو ۽ راند جي باري ۾ پرجوش هئس. ڀارت ۾ ڪيترائي مشهور مسلمان ڪرڪيٽر هوندا هئا، جن جي قيادت ڪرشماتي پٽودي نواب ڪري رهيو هو. جنهن هڪ مئل ۽ بور راند کي گهڻو دلچسپ ٺاهي ڇڏيو هو. هن هڪ مشهور هندو اداڪاره سان شادي به ڪئي هئي، جنهن بعد ۾ اسلام قبول ڪري ورتو هو. ان وقت ائين لڳندو هو پٽودي ڪرڪيٽ ۽ زندگي ٻنهي ۾ جادو ڀري ڇڏيو هو.
اهو ان ڳالهه جو پئمانو آهي ته ملڪ ۾ ڪيتري تبديلي آئي ۽ اڄ هندو جنوني شايد پٽودي کي هڪ مسلمان جهادي قرار ڏين ها، جيڪو هندو عورتن کي ڦاسائڻ ۽ هندو مذهب کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هندو مذهبي عصيبت ۽ پاڪستان مخالف احساس ايترو زهريلو آهي جو راند هلائيندڙ عالمي ادارو آ سس سي جي اهتمام هيٺ عالمي مقابلن ۾ هر ڀيري ڀارت پنهنجي پاڙيسري سان ڪرڪيٽ نٿو کيڏي. پاڪستان ڪرڪيٽرن کي دنيا جي ڪامياب ترين ٽورنامينٽ آ پي ايل ۾ کيڏڻ جي اجازت ناهي، جيڪو دنيا جي ٻين گهڻن ئي مشهور ڪرڪيٽرن لا شاندار شو آهي.
ڪجهه عرصو اڳ ۾ ڀارتي ٽي وي تي مون مشورو ڏنو هو ته جيئن ته ڀارت جا پاڪستان سان سفارتي لاڳاپا آهن، ان ڪري ڀارت کي پاڪستان سان ڪرڪيٽ به کيڏڻ گهرجي. منهنجي ملڪ دشمن طور مذمت ڪئي وئي ۽ الزام لڳايو ويو ته آئون جيئن ته ان قسم جي ميچن تي ڪمينٽري پئسا ڪمائيندو آهيان، تنهنڪري اهڙي ڳالهه ڪري رهيو آهيان.
اهڙي ريت ماحول خلاف ورات ڪوهلي نه رڳو سامي جي حمايت آواز اٿارڻ جو فيصلو آهي پر هن پاران خاص طور تي مذهبي عصبيت جي مذمت ڪرڻ به اهم آهي. ان جي نتيجي ۾ هن کي خوفناڪ بدتميزي کي منهن ڏيڻو پيو پوي. اهو اڳوڻي ڀارتي مشهور ڪرڪيٽرن جي بلڪل ابتڙ آهي، جن شامي جو دفاع ڪندي مذهب جي ڪنهن به ذڪر سان پرهيز ڪيو آهي.
يقينن ڪوهلي سدائين انهن لا پنهنجو ماڻهو رهيو آهي. گذريل سال هن آسٽريليا ۾ هڪ اهم ٽيسٽ سيريز مان وقت ڪڍي پنهنجي زال کي ٻار ٿيڻ دوران ان سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. انگينلڊ جي دوري ۾ هن معين علي سان گڏ وقت گذاريو هو، جيڪو هڪ دين دار مسلمان آهي ۽ هن مذهب ۽ ان سان ماڻهن جي زندگين تي ڪهڙو اثر پوي ٿو، انهن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي ڪرڪيٽ جي جنون جي حد تائين پوئواري ڪئي ويندي آهي ۽ ڀارت جيڪو راند جو پاور هائوس آهي، ڪوهلي جو آواز وسيع پئماني تي گونجيو آهي. پر ڇا ان جي مداخلت ٻين ممتاز ڀارتين کي هندو مذهبي عدم راوداري جي خلاف ڳالهائڻ تي راضي ڪندي، هاڻ اهو ڏسڻ باقي آهي.
**
انڊپينڊيٽ اردو جي ٿورن سان

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button