رانديون

سيمي فائنل کان اڳ عماد ۽ حارث جي آسٽريلوي رانديگرن سان ملاقات

دبئي: ٽي-20 ورلڊڪپ جي ٻئي سيمي فائنل کان اڳ پاڪستاني ڪرڪيٽرن عماد وسيم ۽ حارث رئوف آسٽريلوي رانديگرن ايڊم زيمپا ۽ مارڪس اسٽوئنس سان ملاقات ڪئي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ٽوئيٽر تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته عماد وسيم ۽ حارث رئوف دبئي جي هڪ هوٽل ۾ آسٽريلوي رانديگرن سان ملاقات ڪري رهيا آهن.

دبئي جي هڪ هوٽل ۾ آسٽريلوي رانديگرن سان ملاقات دوران عماد ۽ حارث دنيا جي بلند ترين چوٽي ڪي-2 ۽ پاڪستان جي ٻين دلچسپ هنڌن بابت پڻ معلومات شيئر ڪئي.

ان دوران ٻنهي پاڪستاني رانديگرن آسٽريلوي رانديگرن کي سووينئر پيش ڪيا ۽ پاڪستان بابت دلچسپ معلومات شيئر ڪئي. ملاقات دوران عماد ٻنهي آسٽريلوي رانديگرن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button