رانديون

پهرين سيمي فائنل جي هيرو جمي نيشم جي مايوس تصوير وائرل ٿي وئي

دبئي: ٽي-20 ورلڊڪپ جي پهرين سيمي فائنل جي هيرو جمي نيشم جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. هڪ ڏينهن اڳ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ دلچسپ ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم آخري اوورن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. ميچ جي مشڪل مرحلي ۾ جمي نيشم صرف 11 بالن تي 27 رنسون ٺاهي شاندار اننگ کيڏي ۽ پنهنجي ساٿي ڊيرل مچل جي مدد سان 167 رنسن جو ٽارگيٽ پورو ڪيو.

جڏهن ڊيرل مچل آخري بال تي چوڪو لڳايو ته نيوزيلينڊ جي پوري ٽيم ۽ ٽيم جا ميمبر جشن ملهائي رهيا هئا پر جمي نيشم جي چهري تي ڪو به جذبو نظر نه آيو، هو اتي ئي ويٺو هو ڄڻ سوچي رهيو هجي.

ڪرڪيٽر جو اهو انداز سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کان لڪي نه سگهيو، اسپورٽس ويب سائيٽ ڪرڪ انفو به ان حوالي سان ٽوئيٽ ڪيو ۽ لکيو ته نيشم پنهنجي جاءِ تان نه هٽيو آهي. نيشم جواب ڏنو ته منهنجو ڪم پورو ٿيو؟ مان نه ٿو سوچان. سندس ٽوئيٽ مان واضح ٿيو ته جمي نيشم فائنل کٽڻ جي ڳالهه ڪري رهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button