آفتاب سليمان لغاري
ھن وقت سڄي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ صوبي ۾ کاڌي پيتي سان گڏوگڏ روزمره استعمال جي ٻين شين جي اگھن ۾ سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي اھنجن جيان وڏي سطح تائين واڌ ٿي چڪي آهي. خاص طور ھن وقت ملڪ ۾ اٽي جو بحران چوٽ چڙھيل آهي. ملڪ جي عوام لاءِ اٽو اڻلڀ ٿي ويو آهي.
ڪافي وقت کان ملڪ جو معاشي ڏيوالو نڪرڻ جون خبرون ھلن پيون، جن تي پھرين ته اعتبار نه به ڪجي ها پر ھاڻ ته انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي رھيو ته ڪو ملڪ معاشي ڏيوالپڻي ڏانهن نه پيو وڃي. ڀلا انهيءَ کان وڌيڪ ملڪ جو معاشي ڏيوالو نڪرڻ جي حد ڪھڙي ھوندي جو ملڪ جي عوام لاءِ اٽي جي لپ به اڻلڀ ٿي وئي آهي. انهيءَ ڪري گھٽ ۾ گھٽ ھاڻ ته اسان جي حڪمرانن ۽ نام نھاد عوامي سياست ڪرڻ جي دعويدارن کي عوام سان سچ ڳالهائڻ گهرجي ۽ کين انهيءَ حقيقت ته پردو کڻڻ گھرجي ته سندن نااھلين ۽ غلط فيصلن سبب ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي چڪو آهي. ڇاڪاڻ ته ھاڻ حڪمرانن پاران سڀ ڪجهه ٺيڪ ھئڻ وارو راڳ گھڻي دير تائين آلاپجي نه سگھندو. ھنن بي حس حڪمرانن کي ذري برابر به ملڪ ۽ ملڪ جي ڏتڙيل عوام جو ڪو احساس ناهي.
ھڪڙي پاسي عوام ماني ڳڀي نه ملڻ ڪارڻ آپگھات ڪرڻ تي مجبور آهي ته ٻئي پاسي حڪمران عوام آڏو پنهنجون غلطيون قبول ڪرڻ ۽ اصل حقيقتون بيان ڪرڻ بدران منافقي جو نقاب پائي عوام کي رڳو ڪوڙا دلاسا ڏيڻ ۾ پورا آهن ته ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. جڏهن ته ھن وقت ملڪ تمام گھڻي نازڪ معاشي صورتحال مان گذري پيو پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ھنن اقتدار جي پوڄاري حڪمرانن وٽ رڳو اقتدار جي ڪرسي ماڻڻ کان سواءِ ملڪ کي موجوده معاشي عدم استحڪام واري صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي ناهي. ھنن وٽ پنهنجن مفادن کي تحفظ فراھم ڪرڻ ۽ پنهنجا ذاتي مقصد ماڻڻ لاءِ ھر قسم جي قانون سازي ڪرڻ کان سواءِ ملڪ جي غريب عوام کي رليف ڏيڻ، مھانگائيءَ جي جن کي قابو ڪرڻ، اٽي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا به ايجنڊا ناهي. ملڪ اچي معاشي ڏيوالي جو شڪار ٿيڻ تي پھتو آهي پر ملڪ جو مٿيون طبقو اڄ به عياشيون ڪرڻ ۾ پورو آهي. اهو پنهنجن شاهه خرچين کي گهٽائڻ لاءِ تيار ڪونهي.
ملڪ ۾ گھڻا وزير، مشير آهن، جيڪي حد کان وڌيڪ عوام جي خزاني مان عياشيون پيا ڪن پر انهن جي عياشين تي ڪير به ڪڇڻ وارو ناهي. باقي عوام لاءِ ڀلي ماني ٽڪر به ميسر نه ھجي، ان سان ھنن جو ڪو تعلق ناهي. حڪومت پنهنجن وزيرن مشيرن جا خرچ ڇو نٿي گهٽائي؟ جيڪڏهن ڪنهن وزير جي پروٽوڪول مان ھڪڙي گاڏي گھٽ ٿي پئي ته وزير صاحب جي صحت تي ته ڪو اثر نه پوندو پر جيڪڏهن ملڪ جي اعليٰ طبقي جون عياشيون گھٽ نه ٿيون ته پوءِ انهيءَ جا اثر ڏاڍا ڀيانڪ ھوندا. نتيجي ۾ ملڪ ۾ عوام لاءِ ٻه ويلا مانيءَ به ھڪ خواب بڻجي ويندي.
سمورن سياستدانن، وزيرن ۽ مشيرن جي خرچن مان ترت ڪٽوتي ڪري اھو پئسو عوام تي خرچ ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ملڪ کي ھن حال ۾ پھچائڻ وارو ملڪ جو عوام نه پر اھو ئي ملڪ جو مٿيون طبقو آهي، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ غريب عوام جي حق تي ڌاڙو ھڻي سدائين عياشيون ڪري ٿو. ھن وقت ملڪ ۾ اٽي جو بحران پيدا ڪري ۽ اٽي سميت روزمره استعمال جي شين جا اگھه عوام جي پھچ کان پري ڪري عوام کان جيئڻ جو حق به کسو پيو وڃي. اقتدار جا بکيا ڀلي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي خوشفھين ۾ مدھوش ڇو نه ھجن پر زميني حقيقتون اھي آهن ته عوام ھن وقت پنهنجي بنيادي ضرورتن، سٺي صحت، بھتر تعليم ۽ اجھي سان گڏوگڏ پنهنجي جمهوري ۽ آئيني حقن کان ڪوھين ڏور اٽي جي لپ لاءِ دربدر ٿي رهيو آهي ۽ حڪمران ٽي ويءَ تي اچي اھو چوڻ ۾ مصروف نظر ٿا اچن ته قوم کي مبارڪون ھجن، ملڪ امڪاني طور معاشي ڏيوالو نڪرڻ کان بچي ويو آهي.
حڪمرانن کي عوام تي رحم ڇو نٿو اچي؟ جڏهن چاھين ھٿ وٺي عوام کي ٻوڙي دربدر ڪري ۽ پوءِ عوام جي نالي تي اربين رپيا وٺي ھضم ڪري ڇڏين آخر ڇو؟ ھي بي حس حڪمران جن کي نه ته عوام جو ڪو فڪر آهي، جيڪو هاڻوڪن ڏينهن ۾ ڪهڙين ڏکيائين کي منهن پيو ڏئي ۽ نه ئي وري کين ملڪ جي تباهيءَ جو ڪو الڪو اٿن. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ ڪھڙو به بحران ڇو نه پيدا ٿي پوي پر حڪمرانن ۽ اعليٰ طبقي لاءِ ته ڪو مسئلو ئي ناهي. باقي ملڪ جي عوام لاءِ ھن ملڪ ۾ ڪجهه به ناهي. نه بجلي، نه گئس، نه اٽو، نه اجھو ۽ نه ئي وري پائڻ لاءِ لٽو آهي.
ٻين صوبن کي ڇڏي پاڻ رڳو سنڌ جي ڳالهه ڪريون ته سنڌ صوبو ھر لحاظ کان ملڪ ۾ وڌيڪ ڪمائي ڏيڻ وارو صوبو آهي. سڀ کان وڌيڪ گئس سنڌ مان ٿي نڪري، ان باوجود سنڌ صوبو سياري جي موسم ۾ به گئس جي سخت لوڊشيڊنگ کي منهن پيو ڏئي. بجليءَ جي لوڊشيڊنگ سبب علائقن جا علائقا اونداھيءَ ۾ ٻڏا پيا آهن ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي ناهي. ھن ملڪ اندر اھنجن کان سواءِ عوام لاءِ ڪا اھڙي شيءِ ناهي جنهن جو ھنن نااھل حڪمران بحران پيدا نه ڪيو ھجي. ڇاڪاڻ ته حڪمرانن کي خبر آهي ته اسان عوام سان ڪوڙ ڳالھائي. اٻوجھه عوام کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جا سونھري خواب ڏيکاري پنهنجو وقت پورو ڪري وينداسين. حڪمرانن کي پنهنجن مفادن کي تحفظ فراھم ڪرڻو آهي، باقي عوام جي زندگيءَ ۾ بھتري ڪيئن ايندي؟ عوام جي مھانگائيءَ مان جان ڪيئن ڇٽندي؟ ملڪ معاشي طور استحڪام ڪيئن ماڻيندو؟ ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جو خاتمو ڪڏهن ٿيندو؟ عوام جي ڪرپشن جي ناسور مان نجات ڪيئن ممڪن ٿيندي؟ انھن معاملن سان هنن لاپرواهه حڪمرانن جو ڪو تعلق نظر نٿو اچي.
ڇو ته جيڪا به سياسي ڌر اقتدار ۾ اچي ٿي ته ان جو فرض آهي ته ھو ڪنهن به اجائي تنقيد تي ڌيان ڏيڻ بدران عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪري. ملڪ کي درپيش بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجو گھربل ڪردار ادا ڪري پر بدقسمتيءَ سان پاڻ وٽ وري ٿيندو، ان جي ڪجهه ابتڙ آهي.
ھتي عوام جو فڪر ڪرڻ ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي راھن تي گامزن ڪرڻ بدران حڪومت توڙي مخالف ڌر ٻيئي پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ مان ئي وانديون نٿيون ٿين جو کڻي ڪنھن عوامي ايجنڊا تي ڪم ڪن يا وري عوام جي زندگيءَ ۾ بھتري آڻڻ ڏانهن ڪو ڌيان ڌرين.
تنھنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام کي ھاڻ اصل حقيقتن کان واقف ڪيو وڃي. سمورن سياسي شراڪتدارن کي ملڪ کي درپيش معاشي، سياسي توڙي سفارتي بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. انهيءَ سان گڏوگڏ سمورين سياسي ڌرين کي ھاڻ ملڪ ۽ عوام جي مفادن خاطر جمهوري ۽ آئيني روايتن جي پاسداري ڪندي ھڪ ٻئي جي پاڻ ۾ اجائي سياسي ڄنڊا پٽ ڪرڻ واري روش جو خاتمو آڻڻو پوندو ۽ ملڪ جي موجوده حالتن جو سمورو بار رڳو عوام مٿان ڏئي مھانگائي ۽ معاشي بحرانن جي صورت ۾ عوام جو رت چوسڻ بدران حڪمرانن کي ھاڻ پنهنجين غلطين کي پڻ قبول ڪري پنهنجين پاليسين ۽ ڪيل فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي. ان کان سواءِ ملڪ کي درپيش بحرانن مان ڪڍڻ ۽ ھر لحاظ کان مستحڪم ڪرڻ لاءِ مستقل مزاجيءَ سان اپاءَ وٺڻ گھرجن.