ملڪ ۾ مهانگائي ڪيتري وڌي وئي آهي ۽ عوام مهانگائيءَ جي بار هيٺ ڪيئن ساهه کڻي رهيو آهي، اهو درد رڳو عوام ئي ڄاڻي ٿو، جيڪو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان لڳو پيو آهي. جنهن لاءِ اٽو ايترو ته مهانگو ڪيو ويو آهي جو اهو اٽو به خريد نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ان وٽ ايتري سگهه آهي جو ٻيا خرچ به پورا ڪري سگهي. عوام ڪهڙي ريت جيءَ رهيو آهي، اهو پنهنجو رڌڻو ڪيئن هلائي رهيو آهي ۽ ڪهڙي ريت ڏکيو وقت گذاري رهيو آهي، ان کي فقط عوام ئي سمجهي سگهي ٿو. حڪمران طبقو انهن سمورين شين کان آجو آهي، ملڪ ۾ ڪيتري به مهانگائي هجي حڪمرانن تي ڪوبه فرق ڪونه پوندو آهي. اهي پنهنجي زندگي جيئن جو تيئن جيئندا رهندا آهن. تازو وزير اعظم شهباز شري مهانگائي وڌڻ جو اعتراف ڪيو آهي. پر ڇا اعتراف ڪرڻ سان مهانگائي گهٽ ٿي ويندي ۽ عوام کي اٽو سستي اگهه تي ملي سگهندو. هتي رڳو اعتراف ڪافي ناهي.
بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن زوب ۽ صحبت پور جو دورو ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان انتهائي ڏکين حالتن ۾ حڪومت سنڀالي هئي، اڳوڻي حڪومت جي غلط پاليسين سبب عوام مهانگائي ۽ ٻيا عذاب ڀوڳي رهيو آهي، ان وقت آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽٽي چڪو هو ۽ مهانگائي عروج تي هئي پر ان باوجود وفاق ٻوڏ متاثرن لاءِ 100 ارب رپيا خرچ ڪيا ۽ اڃا به ٻوڏ متاثرن لاءِ سوين ارب رپين جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي گهرن لاءِ معاوضو ڏيڻ جي ڳالهه ذهن ۾ ايندي هئي ته رات جو ننڊ نه ايندي آهي، 10 لک گهر پاڻي ۾ تباهه ٿي ويا. انشاءَ الله اسان متاثرن کي معاوضو ڏينداسين. ٻئي طرف صحبت پور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ٻوڏ سبب سڄو صحبت پور ضلعو پاڻي ۾ ٻڏل هو، هتي پاڻي ۽ خوراڪ پهچائڻ آسان ڪم نه هو اڄ صحبت پور جو هي علائقو ڏسي سڪون ملي ويو، سنڌ جو ميداني ۽ بلوچستان جو جابلو علائقو پاڻي ۾ ٻڏل هو، ڊپ لڳندو هو ته متاثرن جي ڪهڙي ريت مدد ڪنداسين. هن چيو ته 9 جنوري تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان گڏ جنيوا ۾ ڊونرز ڪانفرنس جي سربراهي ڪندس، ان سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي رهيو آهيان. پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ اسان کي پاڻ همت ڪرڻي پوندي.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت جي اعتراف سان عوام جي دل تي ڇنڊو ڪونه پوندو پر مهانگائيءَ کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻو پوندو يا ان کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو. پي ڊي ايم ۽ ان جي اتحادين کي حڪومت ڪهڙي به حالت ۾ ملي هجي پر اصل ڳالهه اها آهي ته ڇا اها مهانگائيءَ جي طوفان کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. اها هن وقت تائين عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏئي سگهي آهي؟ ماڻهو اٽي لاءِ دربدر ٿي رهيا آهن ۽ دانهون ڪري رهيا آهن ته اٽو سستو ڪريو. پر اٽي جا اگهه ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهي رهيا آهن. تنهنڪري اعتراف نه عمل جي ضرورت آهي. ذخيرا اندوزن خلاف ڪارروائي ڪري ماڻهن کي سستي اگھه تي شيون فراهم ڪرڻ سان ئي عوام جيئڻ جهڙُو ٿي سگهي ٿو.
پريشان حال ٻوڏ متاثر
ٻوڏ متاثرن سان هن وقت تائين جيڪي به مسئلا آهن، انهن کي حل ناهي ڪيو ويو، نتيجي ۾ نه رڳو ٻوڏ متاثر پريشان لڳا پيا آهن پر انهن لاءِ ايندڙ وقت ۾ به پريشانيون وڌي وينديون. گذريل سال آيل ٻوڏ سبب ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا هئا، جنهن کان پوءِ بحاليءَ جو ڪم شروع ٿيو هو پر هيستائين اهو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اڄ به پرڏيهي امداد جو انتظار ڪري رهيون آهن. اڃا تائين به ڪيترن شهرن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي.
خبر موجب ميرپورخاص ضلعي جي شهر ٽنڊو جان محمد سم نالي جي پاڻي سبب ڀرپاسي جي 10 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين تي اڃا تائين برساتي پاڻي بيٺل آهي، اهو پاڻي ٽنڊو جان محمد سم نالي مان داخل ڪيو ويو، جيڪو سم نالو زمينن جو پاڻي ڇنڊڻ لا ڊگهڙي، پراڻو دمبالو کان ڪڍيو ويو آهي، جنهن جي کوٽائي ۽ تعميرات جو ڪم پراڻ ۽ زيرو پوائنٽ تائين مڪمل ڪرڻو هو. جنهن ۾ سم ۽ برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻو هو، اهو منصوبو مڪمل نه ٿيڻ ڪري 50 ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، جنهن ۾ سوين ڪچا گهر پڻ ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. هنن ڳوٺن جا ماڻهو اڃا تائين اتي جي روڊن تي قائم ڪيمپن تي ويٺل آهن، جنهن ۾ سندن گهرڀاتين سان گڏ گهرن جو سامان ۽ چوپايو مال پڻ شامل آهي. ڪيمپن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار بي يارو مددگار ويٺل آهن. ڪيمپن ۾ ويٺل عورتن صغرى ۽ ٻين ٻڌايو ته هن برساتي پاڻيءَ ۾ اسان جا سمورا گهر ڊهي پيا آهن، زرعي زمين تي اڃا تائين برساتي پاڻي بيٺل آهي، جيڪو نيڪال نه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هتي ڪيترائي ماڻهو مليريا، ڊينگي ۽ ٻين بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن. هنن چيو ته خبر ناهي ته سندن علائقا ۽ ڳوٺ ڪڏهن بحال ٿيندا، نه وري ڪا روزگار جي ضمانت آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سندس ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪري واپس ڳوٺن ڏانهن منتقل ڪرڻ سان گڏ نوان گهر تعمير ڪري ڏنا وڃن.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ جتي جتي به ٻوڏ متاثر آهن، انهن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. شهرن مان پاڻي نيڪال ڪري انهن کي پنهنجن گهرن ڏانهن روانو ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ هاڻوڪي سياري ۾ ٻوڏ متاثر سخت بيمار ٿي سگهن ٿا.