سنڌ

عوامي تحريڪ جو مارچ روان دوان، سنڌ تي ڌارين کي قابض ٿيڻ نه ڏينداسين:لال جروار

سنڌ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، ڌارين جي آبادڪاري ۽ زمينون وفاق حوالي ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ جو نڪتل مارچ ٽئين ڏينهن تي سجاول ۽ جاتي کان ٿيندو ميرپور بٺوري پهچي ويو، عوامي تحريڪ طرفان اعلانيل جدوجهد جي سلسلي ۾ وصل مارچ سجاول جي حدن ۾ داخل ٿيو، جتي ملاح چؤڪ، بائي پاس، سجاول شھر، جاتي شھر، بيگنا موري، ميرخانا موري، جاتي چوڪ، ميرپور بٺورو ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ اسٽاپن تي جلسا ڪيا ويا. وصل مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سينيئر اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، علي محمد پرويز ميمڻ، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي صدر ساجده پرهياڙ، حسين آزاد، ساگر پرهياڙ، عزيز ميمڻ، ڪامريڊ بچل ملاح ۽ ٻين ڪئي. مختلف شهرن ۾ جلسن کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي صدر لال جروار چيو ته حڪومت سنڌ اسيمبلي مان صوبي جون زمينون، تيل، گئس ۽ ڪوئلو وفاق جي اختيارن ۾ ڏيڻ جو ٺهرا پاس ڪري سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي معدني وسيلن تي پهريون حق سنڌي عوام جو آهي نه ڪي اسيمبلي ۾ ويٺل ويڪائو بي ضمير چونڊيل نمائندن جو، سنڌي عوام سنڌ سرڪار جي ان قرارداد کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي بي ضمير ۽ سفاڪ وڏيرن ڌارين جي لوڌ آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري وسيلن ۽ زمينن تي کين قبضي جي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته سنڌ سرڪار سندن هر طرح جي ناجائز مدد ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت ۾ ويٺل اربين کربين رپين جي ڪرپشن ڪندڙ وزيرن ۽ مشيرن ڪرپشن وسيلي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، ڪرپٽ حڪمرانن ملڪي معيشت آئي ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏي آهي، هاڻي مهانگائي جو طوفان آڻي سنڌ سميت سڄي ملڪ جي غريب مسڪين عوام کان هڪ ويلو ماني جو به کسيو پيو وڃي. هن چيو ته بدنيتي تي ٻڌل آدمشماري ذريعي سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي سنڌ جو شهري ڪري ڳڻيو ويندو جنهن ڪري هتي سنڌي دائمي طور اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، سنڌ جو عوام بدنيتي تي ٻڌل هن آدمشماري کي رد ڪري چڪو آهي، لساني سياست ڪندڙ حڪومتي اتحادي ڌر جي فرمائش تي آدمشماري ڪرائي پئي وڃي ۽ آدمشماري ڪرائڻ لاءِ اڳ ۾ اختيار ڪيل اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڊي فيڪٽو وارو طريقو اختيار ڪيو پيو وڃي، جنھن موجب ماڻھو جتي آھي اتي ڳڻيو ويندو ۽ شناختي ڪارڊ وارو شرط به لازمي نه ھوندو، هن طريقيڪار جي ڪري لکين افغاني، بهاري، بنگالي ۽ ٻيا پرڏيهي سنڌ جا شهري ڪري ڳڻيا ويندا جنهن ڪري سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ٿي ويندي، سڀ کان پهرين سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، هي آدمشماري سنڌ جي بقا ۽ وجود تي حملو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو واضح ۽ چٽو موقف آهي ته اسان سنڌ ڌرتي تي افغانين سميت ڪو به ڌاريو قابض ٿيڻ نه ڏينداسين، افغاني پنهنجي وطن افغانستان واپس هليا وڃن، سنڌي قوم جي وسيلن تي بار نه بڻجن، آمريڪي سامراج پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ پرڏيهي ان ڪري رهايا آهن ته جيئن هي خطو سدائين دهشتگردي جي ور چڙهيل هجي. جلسن کي نور احمد ڪاتيار ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button