سنڌ

چمبڙ ۾ لاش ملڻ باوجود پوليس حرڪت ۾ نه آئي، ڳوٺاڻن جو ٿاڻي اڳيان ڌرڻو

چمبڙ ۾ همراهه جو جهنگ مان لاش ملڻ ۽ پوليس طرفان ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف مقتول جي وارثن ۽ ڳوٺ سانوڻ گوپانگ جي رهواسين انجمن حيدري جي جنرل سيڪريٽري عبدالغفور شاھه، امير بخش گوپانگ، ڪمال گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چمبڙ ٿاڻي سامھون ڌرڻو هنيو، جڏهن ته ٽنڊوالھيار- ٽنڊو غلام علي روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏيئي 6 ڪلاڪن تائين ٽريفڪ لا بند ڪيو ويو، جنهن سبب ٻنھي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان جي ھمراھه انور گوپانگ کي 2 جوابدار قتل ڪري لاش جھنگ ۾ اڇلائي ويا، پوليس نه ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري رهي آهي. ٻئي طرف چمبڙ پوليس جو چوڻ آهي ته احتجاج ڪندڙ اسان کي جوابدارن جا واضح نالا ۽ پار پتا نٿا ڏين، اسان ڪنھن تي ڪيس داخل ڪريون. آخر ۾ پوليس ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button