سنڌ

مرچ ۽ ٽماٽن جو اگهه ڪري پيو، گجي ۾ آبادگارن جا مٿي تي هٿ

مرچن ۽ ٽماٽن جو اگھه نه ٿيو، يونين ڪائونسل گجو ۽ ڀرپاسي جي آبادگارن جا ڪروڙين رپيا ٻڏي ويا، مھينو اڳ ۾ 16 ھزار رپيا مڻ وڪرو ٿيندڙ مرچ گهٽجي 600 رپيا مڻ تائين وڃي پهتا، جڏهن ته 300 رپيا ڪلو وڪرو ٿيندڙ ٽماٽا 40 رپين ۾ ملي رهيا آهن. رپورٽ موجب يونين ڪائونسل گجو ۽ ڀرپاسي ۾ ھزارين ايڪڙن تي پوکيل مرچن ۽ ٽماٽن جو فصل تيار ٿيندي ئي اگھه ڪري وڃڻ سبب آبادگارن جا مٿي تي ھٿ اچي ويا آهن، مھينو اڳ مارڪيٽ ۾ 16 ھزار رپيا في مڻ وڪرو ٿيندڙ مرچ ھن وقت 600 کان 800 رپيا في مڻ وڪرو ٿي رھيا آهن، جڏھن ته ٽماٽن جي 10 ڪلو واري پيٽي جيڪا 3 ھزار رپين ۾ وڪرو ٿي رھي ھئٔي، سا ھاڻ 350 کان 400 رپين تائين وڪرو ٿي رھي آهي، يوسي گجو ۽ آس پاس جي آبادگارن پير بشير شاھه، وقار ميمڻ، سجاد علي، آچار سومرو، غلام نبي پليجو، اشرف جوکيو ۽ ٻين دانهن ڏيندي چيو ته مرچن جي فصل تي في ايڪڙ اڍائٔي لک کان 3 لک رپيا خرچ اچي ٿو، جڏهن ته ٽماٽن جي في ايڪڙ تي ھڪ لک کان ڏيڍ لک رپيا خرچ ٿي وڃن ٿا، جنهن ۾ کيڙي، ٻج، يوريا ڀاڻ، زرعي دوائون مزدوري ۽ ٻيا خرچ شامل آهن، آبادگارن چيو ته برساتن توڙي موسمي حالتن مطابق ان کان وڌيڪ خرچ به ٿي وڃي ٿو، مرچن توڙي ٽماٽن جي موجوده اگھن ۾ اسان جو ڀاڙو ۽ مزدوري به مشڪل سان نڪري ٿي، جيڪڏهن اگھه نه وڌيا ته اسان جا ڪروڙين رپيا ٻڏي ويندا ۽ معاشي طور ڪنگال ٿي وينداسين. آبادگارن چيو ته حڪومت ايران کان ٽماٽو گهرائي مقامي آبادگارن جو معاشي قتلام ڪري رهي آهي، سنڌ جو ٽماٽو جڏھن به تيار ٿيندو آهي ته ڀارت يا ايران کان ٽماٽو گھرائي مقامي آبادگارن، زميندارن ۽ ھارين سان ظلم ڪيو ويندو آھي، هينئر ٻج، ڀاڻ توڙي زرعي دوائن جا اگهه آسمان تي پهتل آهن، جڏهن هاڻ سنڌ جو ٽماٽو مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿيو آهي ته حڪومت ايران ۽ ڀارت مان ٽماٽو گهرائي رهي آهي. آبادگارن وفاق ۽ سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته سنڌ جي آبادگارن لا زرعي پاليسيون جوڙيون وڃن ۽ فوري طور تي ٽماٽي جي امپورٽ بند ڪري سنڌ جي فصلن جا مناسب اگهھ مقرر ڪيا وڃن ته جيئن مقامي آباگار معاشي قتل کان بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button