ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جهنگلي ۽ آبي جيوت لاءِ هڪ بهتر فيصلو

سنڌ توڙي ملڪ ۾ جهنگلي جيوت کان وٺي آبي جيوت سدائين غيرمحفوظ رهندي آئي آهي. جنهن ڪري ان جو انگ نه رڳو ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي پر اها جيوت هاڻ اڻلڀ پڻ ٿي رهي آهي. جهنگلي ۽ آبي جيوت جي تحفظ لاءِ قائم ڪيل ادارن هيستائين اهڙو ڇا ڪيو آهي، جو انهن جو انگ وڌي سگهي ۽ ان کان سواءِ انهن جي رهڻ لاءِ ماحول پڻ سازگار ٿي سگهي. هيستائين ته ائين ٿيندو آيو آهي جو وائلڊ لائف کاتو انهن جو ڌڻي ئي ڪونه ٿيو آهي. نتيجي ۾ جتي به ڪنهن شڪاريءَ کي جهنگلي جيوت ۽ آبي جيوت مارڻ کي موقعو ملي ٿو ته اهو دير ئي نٿو ڪري. اهڙي ريت اهو معاملو ڏهاڪن کان هلندو پيو اچي. ٿرپارڪر ۾ گذريل سال ناياب هرڻين کي مارڻ جو معاملو سامهون آيو پر شڪارين کي سزا ڪونه آئي ۽ نه ئي انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. جڏهن ادارا ۽ انتظاميه انهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه هجن ته پوءِ انهن کي ڪنهن جو خوف به ناهي رهندو ۽ اهي سنڌ ۾ جنهن به جانور يا پکي پکڻ کي مارڻ چاهين ته ماري سگهن ٿا. سنڌ ۾ انڌي ٻلهڻ هڪ اڻلڀ جيو آهي، جنهن جو شڪار وقت بوقت ٿيندو رهندو آهي. اڳ ئي ان جو انگ ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي. شڪارين ۽ عام ماڻهن پاران انڌي ٻلهڻ کي مارڻ جو سلسلو جاري رهيو ته هڪ ڏينهن اهو به ايندو جو اهي ٻلهڻيون سنڌو درياهه به مڪمل طور ختم ٿي وينديون. ڪجهه وقت اڳ هڪ شهري انڌ ٻلهڻ کي ڪهاڙي هڻي ماري ڇڏيو هو، جنهن تي ڪيس ڪيو ويو ۽ ٻه ڏينهن اڳ عدالت ان ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي کيس سزا ڏني آهي.
سکر جي مقامي عدالت انڊس ڊولفن کي مارڻ واري ڪيس ۾ جوابدار کي پنج سال قيد ۽ اڍائي لک رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. سکر سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدرن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪيو ويو. عدالتي حڪم تي جوابدار منور ميراڻي کي گرفتار ڪري جيل منتقل ڪيو ويو. وائلڊ لائيف کاتي جي آفيسر مير اختر ٽالپر موجب منور ميراڻي آگسٽ 2021ع ۾ پنوعاقل جي شاخ ۾ ڄار ۾ ڦاٿل ناياب نسل جي انڊس ڊولفن کي ڪهاڙيءَ جا وار ڪري ماري ڇڏيو هو. واقعي جا وڊيو فوٽيجز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تي ٻيلي کاتي ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو. عدالتي حڪم تي ڊولفن کي مارڻ واري وڊيو جي تصديق پنجاب فارنزڪ ليبارٽري مان ڪرائي وئي هئي. اسين هن فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا. هن فيصلي جي هر سطح تي آجيان ٿيڻ به گهرجي. ڇاڪاڻ ته آبي جيوت توڙي جهنگلي جيوت جي مالڪي مشڪل سان ئي ٿيندي آهي. هن فيصلي کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مثال قائم ٿي ويو آهي ته ماڻهو اڳيان هلي ڪنهن به ريت ناياب نسل جي جانورن ۽ پکين کي مارڻ کان لنوائيندا. جڏهن انهن کي اهو احساس ٿيندو ته انهن کي مارڻ سان قانون تحرڪ ۾ اچي سگهي ٿو ۽ شڪاري کي سزا ملي سگهي ٿي، اهو جيل وڃي سگهي ٿو ۽ ان کي ڏنڊ به ڀرڻو پوندو. پر جيڪڏهن اهو خوف ئي نه هجي ته جتي ڪٿي جانورن جو قتلام جاري رهندو. جنهن سان نه رڳو سنڌ ۾ جانورن جون زندگيون خطري ۾ رهنديون پر انهن کي وائلڊ لائف کاتو به تحفظ فراهم نه ڪري سگهندو.
اسين سمجهون ٿا ته جهنگلي ۽ آبي جيوت جي تحفظ لاءِ سنڌ حڪومت کي هر سطح تي اپاءَ وٺڻ گهرجن. ان کان سواءِ جتي به انهن کي مارڻ جا ڪيس سامهون اچن ٿا ته انهن جي پوئواري ٿيڻ گهرجي. شڪارين کي سزائون ڏيارڻ تائين وائلڊ لائف کاتي کي سک سان نه ويهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهو بنهه گهڻو ضروري آهي ته جهنگلي ۽ آبي جيوت جي حفاظت ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ انهن کي ڪو خطرو نه رهي ۽ نه ئي انهن جي نسل ڪشي ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button