الماس نهڙيو
جيئن ادب سان آشنائي ٿي، ڪتاب ڦلهورڻ شروع ڪيم. ڪجهه شاعري، ڪجهه نثر ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندڙ انٽرويو پڙهڻ شروع ڪيم ته خبر پئي ڪهاڻي مري وئي. البت اڃان ڪهاڻيون پڙهيون به نه هيون. پڙهڻ کان اڳ ڪهاڻيءَ جو مرڻ دکدائڪ عمل ضرور هو پر “مرڻ واري سان گڏ مربو ناهي” سو اسان به ڪهاڻيءَ جي پچر ڇڏي ڏنم.
شاعري، ناول، آتم ڪٿائون ۽ جيل ڊائريون پڙهڻ لاءِ گهڻو ئي مواد پيو هو. سو پڙهڻ لڳاسين. هڪ لڱا ڪٿي پڙهيو هئم ته “ڪنهن جي مرڻ سان ڪهاڻي ٿوروئي مرندي آهي.”
علي بابا جي اها ڳالهه ٺهڪي آئي. صنفون ڄمنديون آهن، مرنديون ٿوروئي آهن. ها عروج ۽ زوال جي دؤر مان ضرور گذرنديون آهن.
ائين ڪهاڻين پڙهڻ جو شوق جاڳيو. هيستائين تمام ٿوريون ڪهاڻيون پڙهيون آهن پر سڀ ماسٽرپيس پڙهيون آهن. هاڻي ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڪهاڻي فني توڙي فڪري لحاظ کان سگهاري ٿيندي پئي وڃي.
نصير ڪنڀار جي ڪهاڻين جو ڪتاب “جهرڪيون اُڏامي ويون” پيڪاڪ پبليڪيشن پاران ڇپجي چڪو آهي. نصير ڪنڀار جو هي ٻيو ڪتاب آهي. پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب “وارياسا وجود” جيتوڻيڪ مارڪيٽ ۾ ته اڻ لڀ آهي پر اڄ به پڙهجي ٿو ۽ مارڪيٽ ۾ وڏي ڊمانڊ آهي.
نصير جا ٻيئي ڪتاب ڪهاڻين تي مشتمل آهن. ان ڪري جو نصير پنهنجي پاران ۾ لکي ٿو ته “جنهن ميڊيم ۾ پنهنجي ڳالهه سٺي نموني بيان ڪري سگهان، انهي ئي صنف ۾ لکان.”
نصير روايتي ليکارين وانگر پنهنجي نالي اڳيان شاعر، ناول نگار ۽ ڊراما نويس وغيره وغيره جا ٽيگ لڳائڻ کان پرهيز ڪيو آهي. ان ڪري ئي پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو سائين جي ڪهاڻين جو ائين انتظار ڪندو آهي، جيئن هڪ ٿريو هاري برسات جو انتظار ڪندو آهي.
اسٽيفن ڪنگ لکيو آهي ته “جيڪڏهن توهان وٽ پڙهڻ جو وقت ناهي ته لکڻ جو وقت به نه هئڻ کپي.” اسٽيفن چوي يا ان جا وڏا چون پر اسان تي ان سان فرق نه پوندو. اسين پڙهنداسين ٺپ ڪونه پر ٻارهن مهينن ۾ فقط ٻارهن ڪتاب پنهنجي خرچ تي ضرور ڇپائينداسين.
نصير ڪنڀار کي آئون ذاتي طور سڃاڻان ته هو سٺي ليکڪ سان گڏ انتهائي سٺو پڙهندڙ پڻ آهي. هن کي جيترو لکڻ کپي ها، هن ان جي ڏهين پتي جيترو به ناهي لکيو. نصير وٽ مقدار بدران معيار آهي. ان ڪري جو هو گهٽ لکندو آهي ۽ گهڻو پڙهندو آهي.
ڪهاڻين بابت رابرٽ فسٽ جو چوڻ آهي ته “ڪهاڻي لکڻ وقت جيڪڏهن ليکڪ جي اکين ۾ ڳوڙها نه هوندا ته پڙهندڙ جي اکين ۾ به نه هوندا.”
نصير ڪهاڻيون ڪهڙي ڪيفيت ۾ لکيون آهن. ڪهاڻي لکڻ وقت ڪهڙي ڪرڀ مان گذريو آهي. انهن سوالن جا جواب ليکڪ پاڻ ڏئي سگهي ٿو. پر پاڻ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ چئون ٿا جڏهن “جهرڪيون اُڏامي ويون”، ڇڏائجي ويل هٿ” ۽ “بي منزل مسافر” ڪهاڻيون پڙهجن ٿيون ته اکيون اسوءِ جي اوهيرن وانگر اوڙڪون ڪري وسڻ لڳن ٿيون.
درياهه پنٿي دل: هيءَ ڪهاڻي سنڌ جي يگاني ليکڪ ۽ سنڌو درياهه جي ازلي عاشق (هي درياهه هو ۽ درياهه هي هو) علي بابا تي لکيل آهي. هڪ ڪهاڻيڪار کي ٻئي ڪهاڻيڪار جو ڪهاڻيءَ ۾ ڀيٽا پيش ڪرڻ وڻندڙ ڳالهه آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ علي بابا جي لااُٻالي طبيعت، درياهه سان دل، مهاڻن سان محبت ۽ منهن تي سچ ڦهڪائي ڏيڻ واري عادت سميت علي بابا جي شخصيت جي مڙني پاسن تي ڪمال ڪاريگريءَ سان لکي وئي آهي.
هن ڪهاڻيءَ مان هڪ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو “بکن جا پاهه ڏسندي به ڪڏهن پنهنجي ڪهاڻيءَ جي ڪلائيميڪس يا ڊرامي جي ڊائلاگ تي سمجهوتو نه ڪيائين. هاڻ ڄاڻ پيس ته بک پيٽ کي ڪونه لڳندي آهي. بک ته ذهنن جي هوندي آهي.”
ميرانجهڙا رنگ: هيءَ ڪهاڻي بي اي انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندڙ سهيل ۽ فائن آرٽس ۾ پڙهندڙ مجيب جي آهي. سهيل پنهنجي روم پارٽنرس جي ڪري پريشان رهي ٿو.
مالي حالتن جي اڻهوند جي ڪري يونيورسٽي ڇڏڻ چاهي ٿو. مجيب نه رڳو پاڻ سان گڏ رهائي روم پارٽنرس جي پريشانين کان آجو ڪري ٿو پر پنهنجي استعمال واريون شيون به سهيل کان پري نٿو ڪري ۽ ٽيوشن هٿ ڪرائي ڏي ٿو ته جيئن هو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري سگهي. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سهيل سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري ڊي سي ٿي وڃي ٿو ۽ مجيب پينٽگس سان نينهن نڀائيندي نڀائيندي پيءُ جي وفات کان پوءِ مالي حالتن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پئي ٿو. سهيل کي پنهنجو دوست سمجهي مدد لاءِ وڃي ٿو پر سهيل اهو ساڳيو سهيل نه رهيو. بيوروڪريسيءَ جي نشي ۾ ورتل سهيل مجيب جون مهربانيون وساري اُلٽو طنزيه تبرا ڪري ٿو. مجيب نراس ٿي واپس موٽي ٿو ته سهيل مانيءَ جي آڇ ڪري ٿو. مجيب چوي ٿو “نو ٿينڪس، مجيب ماڻهن کي ماني ڀيڙا ڪندو آهي. ڪنهن جو ٽُڪريل نه رهيو آهي.”
پُشڪر:”سائيني جيئن هوش سنڀاليو هئائين، تڏهن کان هن جي اڱڻ تي ڀلو گڏهه ۽ گاڏي هئا.” گڏهن سان انس سائيني کي ورثي ۾ مليل هو. مرحيات پيءُ رمضان ڀلو بوسڪي لاسي گڏهه وٺي ڏنو هو. پهرين ڏينهن سائينو گڏهه کي سينگاري مزوري کي لڳي ٿو. سڄو ڏينهن مزوري جي هڻ وٺ ۾ لڳو رهي ٿو. شام جو جڏهن سندس پيءُ رمضان گڏهه کي پگهريل ڏسي ڇڙٻ ڏي ٿو ۽ ٽوال سان گڏهه کي واءُ هڻي ٿو ۽ ٻچڪار ڪري چوي ٿو “ابو منهنجو پٽ بچين اڄ پهرئين ڏينهن ڇوري توکي جام ڊوڙايو آهي.”
ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اڄ به جانورن سان انتها درجي جو پيار ڪندا آهن. گهر جو ڀاتي سمجهندا آهن.
جڏهن بوسڪي لاسي سرڳيل ۾ مبتلا ٿي موڪلائي ٿو ته سائينو مايوس ٿي وڃي ٿو.
پوءِ ٽامڙو وٺي ٿو ۽ منڊو ٿيئڻ ڪري جلدي وڪڻي ڇڏي ٿو ۽ بادامي پشڪر وٺي ٿو.
چنگچي رڪشن جي ڪري گڏهه گاڏيءَ جو ساڳيو اوج نه رهيو هو. ڪراچي ڪمائيندڙ پُٽ به اچي گهر ويهي رهي ٿو ته ڪراچيءَ ۾ ڌنڌي جو حال ڪونهي نه ئي گڏهه گاڏي جو ڌنڌو آهي، سو گڏهه گاڏي وڪڻي رڪشو وٺي ڏي. پٽ جي ضد آڏو بيوس بڻجي، گڏهه گاڏي وڪڻي رڪشو وٺي ڏي ٿو.
“رڪشي جي پويان ٺهيل گڏهه جي تصوير ۽ ان جي هيٺيان لکيل اکر پشڪر پڙهي کلي پيو.”
جهرڪيون اُڏامي ويون: هيءَ ٽائيٽل ڪهاڻي آهي. خُدا بخش ۽ پارسا کي چئن نياڻين جو اولاد هوندو آهي ۽ پُٽ جي اولاد جو انتظار ٻنهي کي شدت سان رهي ٿو. پارسا حمل سان هوندي آهي. خدا بخش پٽ جو نالو اياز سوچي ٿو. ڊليوري آپريشن ذريعي ٿئي ٿي. “ڊاڪٽرياڻي ٻڌايو ته نياڻي ڄائي آهي. مريض جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ اهو هن جو آخري ٻار آهي. انهيءَ بعد هاڻي ٻار ٿيڻ عورت لاءِ موت ثابت ٿيندو. ڊاڪٽرياڻي جا لفظ گندرف هُئا. جيڪي هن جي ڪنن ۾ لهندا ٿي ويا.”
هيءَ ڪهاڻي پڙهندي اکين جا بند ڀڄي پون ٿا. دل ٻڏڻ لڳي ٿي. هيءَ ڪهاڻي لکڻ مهل نصير جنهن پيڙاءُ مان گذريو هوندو، ان جو ڪو ڪٿ نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته پيڙا کي ماپڻ جا ڪي به پئراميٽرس ايجاد ناهن ٿي سگهيا.
ڀيڻي ۽ پوسٽ نه ٿيل خط: هيءَ ٻئي ڪهاڻيون ڪوئلي جي پسمنظر ۾ لکيل آهن. ڪارپوريٽ سيڪٽر جون حرامپايون، مڊل ڪلاس جون مڪاريون ۽ علائقي واسين سان ٿيندڙ وهلور سمجهڻ ۾ هيءَ ڪهاڻيون ڪارائتيون آهن. ڪوئلي ۾ متاثر ٿيندڙ ڳوٺاڻن سان گڏ اسين به ان جو شڪار ٿيا آهيون.
نصير جهڙي ماڻهوءَ کي ادارا تحويل ۾ وٺي آڏي پڇا ڪن ٿا. انهن جو سبب هيءَ ڪهاڻيون آهن. هيءَ نه رڳو ڪهاڻيون آهن پر ليکڪ جي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان ڪمٽمينٽ آهي. ڪارپوريٽ سيڪٽر کي معدنيات کپي ٿي ماڻهو نه.
پر ڪجهه اهڙا به ماڻهو هئا، جن کي خبر هُئي ته ڌرتيءَ جو متبادل نٿو ٿي سگهي.
ان ڪري دودي جهڙن اڻپڙهيل ڳوٺاڻن پئسن جون سٿيون موٽائي منهن تي هڻي چيو ٿي ته “ڌرتي وڪاڻي کان ڌرتي ڌڪاڻو چڱو آهيان.”
مهراڻي لوڍي جو “پوسٽ نه ٿيل خط” پڙهي ڏسو ماڻهو پنهنجي ديس جي مڙهن، ماٿارين، دڙن ۽ دنگن سان ڪيئن محبت ڪن ٿا. ان کان سواءِ ٻوڏ جي پسمنظر ۾ لکيل ڪهاڻيون ڳنڍو، ڇڏائجي ويل هٿ ۽ بي منزل مسافر شاهڪار ڪهاڻيون آهن. جيڪي پڙهڻ سان ٻوڏ متاثرن جي بيوسي ۽ سياستدانن جي بي حسي روئاڙي ٿي ڇڏي.
آخري انگ ۽ چنڊ گرهڻ سميت هن ڪتاب ۾ شامل سموريون ڪهاڻيون ڇرڪائيندڙ آهن.
هيءَ ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ مظهرالاسلام جو نظم بار بار ياد اچي رهيو آهي.
ڪهاني سياه دور ڪي چيخ هي
ڪهاني گلاب موسمون ڪا ڦول هي
ڪهاني جواني ڪي دهليز پر کڙي عورت ڪا خواب هي
ڪهاني ڦٽا هوا آدمي هي
ڪهاني ورق ورق لڙڪي هي
ڪهاني عمر قيد ڪاٽني والا قيدي هي
ڪهاني ڊار سي بڇڙي هوئي ڪونج هي
ڪهاني غير مطبوعه بوسه هي
ڪهاني بچي ڪي سليٽ پر مٽا هوا سوال هي