ڪراچي کي نئين ملڪ جي گادي جو هنڌ ڪرڻ جي ڪري سنڌ حڪومت لا ٻيڻا ٽيڻا مسئلا پيدا ٿي ويا هئا. هڪ ته نئين ملڪ لا انتظامي ڍانچي کي ٺاهڻو هو. ڇاڪاڻ ته جيئن ڀارت کي دهلي ۾ انگريز سرڪار جو ٺهيل ٺڪيل انتظام مليل هو ائين پاڪستان لا نه هو ۽ هتي هر شي کي نئين سر ٺاهڻو هو ۽ ٻي ڳالهه ته حڪومت جي دفترن سان گڏ مرڪزي حڪومت جي ملازمن، سندن خاندانن ۽ وڏي تعداد ۾ ايندڙ پناهگيرن جي رهائش جو بندوبست پڻ ڪرڻ هو.
اسمبلي جي عمارت ۽ سيڪريٽريٽ وغيره مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪري سنڌ اسمبلي اين جي وي اسڪول جي عمارت ۽ سيڪريٽريٽ نپيئر بيرڪس وغيره ۾ شفٽ ٿي ويو پر اصل مسئلو رهائش جو هو ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايتري گنجائش نه هئي جو پناهگيرن جي ان سيلاب کي جا ڏيئي سگھي. ان جو فوري حل اهو هو ته هندو هتان لڏي وڃن. شروع ۾ انهن هندن جي گھرن تي قبضا ٿيڻ شروع ٿيا جن پنهنجن گھر وارن کي ڀارت موڪلي ڇڏيو هو ۽ هڪ يا ٻه ڄڻا گھر وغيره جي سنڀال لا گھر ۾ رهيل هئا. اهڙن ڪجھه وڏن گھرن کي حڪومت پنهنجي استعمال ۾ ڄاڻائي پنهنجي تحويل ۾ ورتو. پر پو به اهو مسئلي جو حل نه هو. اڃا به هندن جو هڪ وڏو تعداد ٻڏتر جو شڪار هو.
نومبر ڊسمبر 1947 ۾ اهي خبرون اچڻ لڳيون ته اجمير ۾ مسلمانن تي حملا ٿيا آهن ۽ انهن حملن ۾ سنڌ مان لڏي ويندڙ هندو به شامل رهيا آهن. ليکڪا ننديتا ڀاوناني سنڌ مان ويندڙ هڪ خاندان جي حوالي سان ٻڌائي ٿي ته سندن ٽرين جڏهين اجمير کان لنگھي ته ٻي پٽڙي تي هڪ ٽرين بيٺي هئي جنهن مان رت ڳڙي رهيو هو. ان ٽرين ۾ اهي مسلمان هئا جيڪي پاڪستان اچي رهيا هئا. ان سلسلي ۾ اهم خبر اها هئي ته حضرت معين الدين چشتي جي درگاهه تي حملو ڪري ان کي نقصان پهچايو ويو هو. ان خبر جي پو ترديد به ٿي ۽ اها ڪوڙي ثابت ٿي پر ان پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو ۽ حيدرآباد سنڌ ۾ وڏي پئماني تي هندن جي گھرن تي حملا ۽ ڦرمار شروع ٿي ويئي. ان صورتحال حيدرآباد شهر ۽ ويجھڙائي وارن علائقن ۾ هڪ ڊپ واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي ۽ هندن وڏي پئماني تي لڏڻ شروع ڪيو. نوابشاهه ۾ اڳ ئي هندن ۽ سکن تي حملا شروع ٿيا هئا ۽ اتان لڏپلاڻ شروع ٿي ويئي هئي.
ڪراچي ۾ جيتوڻيڪ اهڙي صورتحال نه هئي پر هتي مهاجرن کي اهو فڪر هو ته هندو هتان ڇو ڪونه ٿا لڏين ته جيئن سندن ڇڏيل گھر کين ملي سگھن. ان مقصد لا انهن جنوري 1948 ۾ موليڏني مسافر خاني ۾ گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ اهو چيو ويو ته سنڌي مسلمان ته ڪانئر ۽ بزدل آهن ۽ اهي هندن کي ڪجھه نه چوندا ۽ مهاجرن کي ئي ان سلسلي ۾ ڪجھه ڪرڻو پوندو. ان مقصد لا هندن تي حملن لا 6 جنوري 1948 جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو. ان جي خبر سنڌ حڪومت جي اهلڪارن کي پئجي ويئي ۽ انهن ان سلسلي ۾ حفاظتي قدم کڻندي ڪجھه ڄڻن کي گرفتار به ڪيو. 6 جنوري تي سنڌ جي ٻين شهرن مان سکن جي هڪ وڏي تعداد کي ڀارت لڏڻ لا ڪراچي اچڻو هو. انهن تي حملي لا ريلوي اسٽيشن تي مهاجرن جو هڪ وڏو تعداد موجود هو. انهن کي ڪنهن ريت رتن تلا جي گردواري پهچايو ويو. پر گردواري جي ٻاهران مهاجرن جو وڏو تعداد گڏ ٿي ويو، جيڪو ڪن اندازن موجب اٺ هزار يا پنجويهه هزار هو پر ليکڪا سوڀي گيانچنداڻي جي حوالي سان ان تعداد کي سوا لک ٻڌائي ٿي. بهرحال ڪجھه سکن کي ته گردواري اندر داخل ٿي ماريو ويو جڏهين ته آخر ۾ گردواري کي باهه ڏني ويئي جنهن ۾ گھڻا سڙي مري ويا. اهي فساد سڄي شهر ۾ ڦهلجي ويا ۽ مختلف علائقن ۾ هندن جي گھرن تي حملا، ڦرمار ۽ قتل ڪرڻ جا واقعا ٿيا. ڪراچي شهر ۾ پهريون ڀيرو ڪرفيو لڳايو ويو. سنڌ جي وزير اعليٰ محمد ايوب کهڙو جو چوڻ هو ته ان وقت جو ڀارتي هائي ڪمشنر سري پرڪاس ان سڀڪجھه لا ذميوار هو. شهر جي صورتحال کي ڏسندي کيس چيو ويو هو ته سکن کي ڪراچي نه گھرائي ۽ جيڪڏهين گھرائي به ٿو ته رات جي اونداهي ۾ گھرائي ۽ انهن کي سڌو بندرگاهه موڪليو وڃي. پر انهن هدايتن تي عمل نه ڪيو ويو. جڏهين ته هائي ڪمشنر جو چوڻ هو ته هو ان وقت ڀارت ۾ هو ۽ سکن جي ڪراچي اچڻ جو جيڪو ٽيليگرام آيو هو ان کي ڊپٽي هائي ڪمشنر جوڳي اهميت نه ڏني. سنڌ حڪومت پاران ان سلسلي ۾ سخت قدم کنيا ويا. وڳوڙين کي تنبيهه ڪرڻ سان گڏ گھڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سزائون ڏنيون ويون جڏهين ته ساڳي وقت هندن کي اهو يقين ڏياريو ويو ته سندن جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي ويندي ۽ اهي سنڌ مان نه لڏين. ليکڪا جو چوڻ آهي ته کهڙو جي اهڙن سخت قدمن جي ڪري وزير اعظم لياقت علي خان هڪ نجي گڏجاڻي ۾ کيس ڇنڀيندي چيو ته تون ڪهڙو مسلمان آهين. اتي هندوستان ۾ هندو مسلمانن کي مارين پيا ۽ هتي تون هندن جي حفاظت پيو ڪرين ۽ مسلمانن کي مارين پيو. سندس اشارو پوليس فائرنگ ۾ وڳوڙين جو مرڻ هو. بهرحال سنڌ حڪومت جي انهن قدمن کڻڻ جي باوجود هڪ غيريقيني ڪيفيت هئي ۽ هندن پاڻ کي محفوظ نه ٿي سمجھيو. سندن سنڌي مسلمانن متعلق چوڻ هو ته اهي انهن وڳوڙن جو حصو نه هئا پر ساڳي وقت اهي کين بچائڻ لا به اڳتي نٿي آيا ۽ هڪ خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ٿي ڪيو. ان جو ڪارڻ شايد اهو هو ته انهن پاڻ ۾ ايتري سگھه نه ٿي محسوس ڪئي جو اهي ان سڄي صورتحال کي منهن ڏيئي سگھن.
ليکڪا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي مختلف شهرن ۾ پناهگيرن پاران گھرن تي قبضي ڪرڻ لا اهِڙا فساد ڪيا ويا. دهلي جو مثال ڏيندي هو چئي ٿي ته اولهه پنجاب مان آيل پناهگيرن اتي وڏي پئماني تي مسلمانن جو قتل عام ڪيو، ڦرمار ڪئي ۽ گھرن تي زوري قبضا ڪيا. ان ۾ اٽڪل ويهه کان پنجويهه هزار ماڻهو مري ويا جڏهين ته ڪراچي ۾ ٿيل فسادن ۾ يارنهن سو کن ماڻهو قتل ٿيا. انهن فسادن جو نتيجو اهو نڪتو ته نه رڳو ڪراچي پر پوري سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ ۾ واڌارو اچي ويو.
اڳ گانڌي جو اهو موقف هو ته سنڌ ۾ اهڙيون حالتون نه هيون جو هندو اتان لڏين. کين اتي رهي حالتن کي منهن ڏيڻ گھرجي ۽ ساڳيو موقف نهرو ۽ سردار پٽيل جو به هو. پر ڪراچي جي فسادن کانپو سنڌ جي ڪانگريس جا اڳواڻ گانڌي سان مليا ۽ کيس ان ڳالهه تي قائل ڪيو ته انهن حالتن ۾ سنڌي هندن جو لڏڻ ضروري ٿي پيو هو ۽ هو نهرو ۽ پٽيل کي ان سلسلي ۾ انتظام ڪرڻ لا هدايتون ڏيئي. اهڙي ريت ڀارت جي حڪومت پاڪستان ۾ پنهنجي هائي ڪمشنر کي اهڙن انتظامن وغيره ڪرڻ لا لکيو. ان سلسلي ۾ هڪ ته ريل ذريعي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص کان جوڌپور جي واٽ هئي. پر جيئن ته ٽرينن تي حملا ۽ ڦرمار هڪ عام ڳالهه بڻجي ويئي هئي ان ڪري اهم ۽ محفوظ واٽ ڪراچي جي بندرگاهه کان سمنڊ رستي بمبئي ۽ ڀارت جي ٻين شهرن ڏانهن وڃڻ هو. مختلف شپنگ ڪمپنين کي ان مقصد لا جهاز فراهم ڪرڻ لا چيو ويو ۽ گھڻن ڊيڪ تي سفر ڪندڙ مسافرن کي مفت سفر جي سهولت فراهم ڪئي ويئي.
سنڌ حڪومت پاران گھڻي ڪوشش ڪئي ويئي ته اها لڏپلاڻ نه ٿئي. ڇو ته هندو سنڌ جي معيشت ۽ سرڪاري مشنيري جو هڪ اهم حصو هئا. هندن جي حفاظت لا انهن کي خاص جاين تي رهايو ويو هو. ان سلسلي ۾ هندن جي ترجيح اها هوندي هئي ته ان علائقي ۾ سنڌي مسلمان ته ڀلي هجن پر مهاجر نه هجن جيڪا ڳالهه پاڻ مهاجرن ۽ سندن اڳواڻن کي پسند نه ايندي هئي. ان سلسلي ۾ گھٽ ذات وارن هندن جو معاملو، جن کي دلت يا گانڌي جن کي هريجن جو لقب ڏنو هو، ٻين هندن کان مختلف ۽ دلچسپ هو. انهن مان گھڻا گجرات ۽ راجستان وغيره جا هئا جتي ذات پات جو هڪ مضبوط نظام آهي ۽ کين ان ڳالهه جي پڪ هئي ته اتي به ساڻن هتان کان ڪو بهتر ورتا نه ڪيو ويندو. پر شروع ۾ پيدا ٿيل ڊپ جي ڪري انهن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ سنڌ جي شهرن ۾ ڪچري وغيره جي نيڪال جي حوالي سان هڪ بحران پيدا ڪري ڇڏيو ۽ مختلف جاين تي ڪچري جا ڍير لڳي ويا، جنهن کي صاف ڪرڻ لا مسلم ليگ جي ڪارڪنن ۽ عام شهرين کي ميدان ۾ اچڻو پيو. حڪومت پاران ان صورتحال جي پيش نظر انهن ماڻهن جي لڏپلاڻ تي پابندي لڳائي ويئي جنهن جي ڪري گانڌي ۽ ٻين اڳواڻن کي مداخلت ڪرڻي پيئي. بهرحال انهن مان گھڻن ماڻهن هتي رهڻ جو ئي فيصلو ڪيو. ليکڪا جي چوڻ موجب ورهاڱي جي نتيجي ۾ ٻارنهن کان چوڏنهن لک هندن سنڌ مان لڏپلاڻ ڪئي. اهڙي ريت نئين ملڪ جي اڳواڻن جي ذهن ۾ جيڪو Hostage Theory جو تصور هو ته ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن جو تحفظ پاڪستان ۾ رهندڙ هندو ۽ سک آهن ۽ جنهن جي ڪري ئي جناح ان ڳالهه جي حق ۾ نه هو ته هندو سنڌ مان لڏين ڪامياب نه ٿي سگھيو. پاڪستان گھڻي ڀاڱي هڪ مذهب واري رياست بڻجي ويو ۽ هندن ۽ سکن کان ڄڻ خالي ٿي ويو.
ان سڀ جي باوجود مهاجرن لا گھرن ۽ رهائش جو مسئلو مڪمل طور حل نه ٿي سگھيو. گھڻا مهاجر جيڪي پاڪستان کي پنهنجي لا هڪ جنت سمجھي آيا هئا پنهنجن خوابن جي پوري نه ٿيڻ جي ڪري واپس ڀارت پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي ويا ۽ گھڻا هڪ ڊگھي عرصي تائين شهر جي مختلف علائقن ۾ نهايت خراب حالتن ۾ جڳهين ۽ فٽ پاٿن تي رهيا.”