ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مھانگائيءَ جو ايٽم بم نه کپي

Editorial-Article-Mohammad Khan Sial

سڄي ملڪ ۾ اٽي، کنڊ، گيھه، تيل ۽ پيٽرول وغيره کانپوءِ کير جون قيمتون به مھانگيون ٿي ويون آھن. ٻيو ته ٺھيو پر پشاور جي رپورٽ ميڊيا ۾ ڇپي آھي ته اتي کنڊ، پيٽرول کان مھانگي آھي يعني سنڌ کان به گهڻي مھانگي آھي. بھرحال، اھي سڀ ڪارناما سڌي يا اڻسڌي ريت عمران خان سرڪار جا ئي آھن.
ھونئن به ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ته سڄي ملڪ يعني وفاق ۽ چئني صوبن ۾ آيل آھي تنھن نه رڳو ڪروڙن غريبن کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي پر ڪيترن انسانن کي مھانگائيءَ جا دکدائڪ ۽ لاڳيتا عذاب ڏنا آھن. غريب ويچارا ته ڏکين حالتن ۾ به حياتيون گهاري رھيا آھن. ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ وفاقي عمران سرڪار جو “مکيه ڪارنامو” آھي. “سليڪٽڊ سربراهه” کي ساڍن ٽن ورھين جي دور دوران عوام جي مسئلن جي ڳڻتي، ٽڪو به ناھي. سندس مکيه مقصد رڳو اسٽيبلشمينٽ کي راضي رکڻ آھي يعني مھانگائيءَ جي آڙ ۽ زيادتين عيوض عوام مري ته ڀلي مرندو رھي.
وفاقي سرڪار طرفان ضروري شين جي لاڳيتي پر ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ جي نتيجن ۾ لکين ماڻھو بيروزگار ٿي ويا آھن. اٽلندو، عمران سرڪار جي وفاقي وزير فواد چوڌريءَ ڪجھه ڏينھن اڳ بيان ڏنو ته ھڪ لک ماڻھن کي نوڪريون ڏنيون ويون آھن جنھن ۾ ظاھري طور سچائي بلڪل ناھي. ٻيو ته ٺھيو پر وفاقي وزيرن ۽ حڪمران پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن جي بيانن مان لڳي ٿو ته ھو ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ کي به جائز ڪوٺيندا رھن ٿا پر اھم موضوع ته عوام جي آمدني نٿي وڌي تنھن بابت پنھنجا چپ سُبي ماٺ ۾ ويٺا آھن. اصل ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته حڪمران ڪجھه ملڪن جا نالا وٺي دعوى ڪن ٿا ته اتي به پيٽرول جون قيمتون پاڪستان کان وڌيڪ آھن پر اھم ڳالهھ نٿا ٻڌائين ته اُتي جي ڊي پي ھيٺ ماڻھن جي ڪيتري آمدني آھي؟ آمريڪا جو مثال آھي ته اتي ماڻھن جي آمدني گهڻو وڌيڪ آھي سو پيٽرول اتي، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ مھانگو آھي ته اتان جو راڳ ڳائڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته مجموعي طور آمدني به ڏسڻي پوندي جيڪا وڌيڪ آھي.
بيروزگاريءَ جي سسلي ۾ تازو گيلپ سروري جو بيان بہ شايع ٿيو آھي. سندن چواڻي: ڪورونا جي نالي ۾ 45 سيڪڙو ڪاروباري شعبن ۾ خريد توڙي وڪري ۾ گهٽتائيءَ جي ڪري، ملازم ڪڍيا ويا آھن، جڏھن ته 40 سيڪڙو ملازمن کي برقرار رکيو ويو آھي مطلب ته وڏي انگ ۾ ملازمن کي ڪڍيو ويو آھي. ٻئي طرف، ميڊيا موجب ريلوي جي ٽرانسپورٽرز به مسافرن ۽ مال برادرين جي ڪراين ۾ 30 سيڪڙو وڌا ڪئي آھي. اھا سچائي آھي ته اسان جي ملڪ ۾ آمدني ۾ گهٽتائيءَ جو آزار، ٻين جي ڀيٽ ۾ غريبن تي سڌي ريت گهڻو لاڳو ٿيندو آھي. ھونئن به وفاقي سرڪار جو مکيه مقصد، ڪروڙن غريب ماڻھن جون حالتون سڌارڻ ھئڻ گهرجي ۽ انھن تي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ جو بار بار ايٽم بم ڦٽو ڪري انھن کي برباد نه ڪرڻ گهرجي.
اسان جي ملڪ جي ٿلھي ليکي آبادي 22 ڪروڙ آھي، جن مان مکيه گهڻائي غريبن ۽ مسڪينن تي ٻڌل آھي. جيڪڏھن انھن جي واھر ڪبي ته اھي ترقي ڪندا ۽ نتيجي ۾ ملڪ به ڀلائيءَ ڏانھن وڌندو رھندو پر جيڪڏھن بار بار ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻي ۽ مھانگائي وارو ايٽم بم مٿن ڦٽو ڪبو ته انھن مان گهڻائي، مالي طور تباهه ٿي سگهي ٿي جنھن ڪري ڪروڙين غريب ماڻھو پنھنجون حياتيون بچائڻ لاءِ سڌي يا اڻ سڌي ريت پنڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا جڏھن ته سرڪاري آفيسر وري رشوت وڌيڪ وٺڻ شروع ڪندا. بھرحال، عوام کي تباهه ڪرڻ وارو ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ جو چوٿون سال جاري آھي ۽ ائين لڳي ٿو ته عمران خان سرڪار جو سُڌرڻ بدران ملڪ جي برباديءَ ڏانھن خطرناڪ سفر جاري ھوندو.
عمران خان سرڪار جي لاڳيتي مھانگائي جي طوفان ڪارڻ، مھانگائيءَ جي خاتمي جا نه پر ڪروڙن غريبن جي دکدائڪ خاتمي جا امڪان وڌيڪ روشن ٿي ويا آھن. ٻيو ته ٺھيو پر وزيراعظم عمران خان تازو ريڊيو پاڪستان تي تقرير دوران اعلان ڪيو آھي ته مھانگائي اڃا به وڌندي. وري جيڪا ڪجھه رعايت (30 سيڪڙو) اٽي، گيھه ۽ دال تي ڏني اٿس سا رڳو ڇھن مھينن لاءِ ھوندي.
ٻئي طرف، بجليءَ جي اگھن جن ۾ اڳ ۾ اٽڪل ڏهه ڀيرا واڌ ڪئي وئي آھي سا تازو 2 رپيا 52 پيسا ھڪ يونٽ مھانگي ڪئي وئي آھي. عوام جو چوڻ آھي ته گهرن جا چلھا وسامي ويا ته ٻن وقتن جي ماني حاصل ڪرڻ به ڏکيو ٿي پوندو ۽ ائين ئي ٿي رھيو آھي. اھا به سچائي آھي ته خريدارن سان گڏ دڪاندارن کي به پريشان آھن. سندن چوڻ آھي ته بازار مان مھانگيون ڀاڄيون ملنديون ته پوءِ اسان سستيون ڪيئن وڪڻي سگهنداسون؟
سراج الحق امير جماعت اسلامي چواڻي روزگار نٿا ڏيو ته بيروزگار ڪرڻ ڇڏي ڏيو. مھانگائيءَ جا ڏنڊا صبح شام رات جو وسي رھيا آھن، مزدورن جا ٻار بک ذريعي نه ماريو. سندس چواڻي پي ٽي آءِ کي اقتدار ۾ آڻڻ وارن کي به پنھنجي غلطيءَ جو احساس ٿي ويو آھي پر ھاڻوڪن حڪمرانن نااھلي، نالائقي ۽ بدانتظاميءَ ڪارڻ سڀني کي پٺتي ڦٽو ڪري ڇڏيو آھي. انھيءَ سلسلي ۾ ڪن تبصرو ڪيو ته وفاقي وزير فواد چوڌري پنھنجن بيانن ذريعي هوائي فائرنگ ڪندو رهندو آهي. ھونئن به سڄي ملڪ ۾ مھانگائي آھي، لڳي ٿو حڪمران عوام کي پنڻ تي مجبور ڪندا رھندا.
اھا نوٽ ڪرڻ جي ڳالهھ آھي ته عمران خان سرڪار جي دور ۾ ٽي ورھيه اڳ کنڊ 53 رپيا ڪلو ھئي پر ھاڻي 160 تائين وڃي پھتي ۽ پوِءِ گهٽجي 140 رپين تائين ٿي وئي پر پوءِ به گهڻي مھانگي آھي. عمران خان سرڪار عجيب موقف اختيار ڪيو آھي ته ملڪ ۾ کنڊ جي مھانگائيءَ جي ذميدار، پ پ پ سنڌ سرڪار آھي. ھاڻي انھن کان کان پڇي سگهجي ٿو ته اوھان وفاق ۽ چئن مان ٽن صوبن ۾ اقتدار سنڀاليو ته انھي وقت کنڊ جي قيمت 53 رپيا ھئي، پوءِ سڄي ملڪ ۾ ايڏي مھانگي ڇو ٿي آھي؟ کنڊ کي کڻي ڇڏيو، ڀلا ٻيون لازمي استعمال ۾ ايندڙ شيون ايڏيون مھانگيون ڇو ٿيون آھن؟ عام راءِ موجب ائين لڳي ٿو ته عمران سرڪار طرفان ساڍن ٽن ورھين دوران ڳاٽي ٽوڙ مھانگيءَ کي جائز سڏڻ لاءِ اچرج وارا بيان ڏين ٿا. اصل سبب انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ٺاهه آھي.
ڊيري فارمرز ايسوسي ايشن چواڻي 8 نومبر کان کير جون قيمتون ڏهه رپيا وڌايون ٿا، جڏھن ته ٻن مھينن کانپوءِ کير جون قيمتون 30 رپيا اڃا به وڌايون وينديون، يعني ڪل 40 رپيا قيمتون وڌنديون. ياد رھي ته وزيراعظم عمران خان عوام کي رليف پيڪيج واري اعلان کان رڳو ھڪ ڏينھن پوءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪئي آھي. جڏھن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا 3 پيسا وڌائي 145 رپيا 82 پيسا ھڪ ليٽر ٿي ويو. ٻئي طرف نيپرا اداري جو اھو چوڻ ھو تہ بجلي جي تازو قيمت وڌائي وئي آھي تنھنڪري حڪومت کي ھڪ ارب 35 ڪروڙ رپيا ساليانو ملندا. اھا واڌ ڪي اليڪٽرڪ کانسوا سڄي ملڪ ۾ به ھوندي.
وزيراعظم عمران خان چواڻي گيھه، تيل ۽ دال ٻاھران اچڻ ڪري مھانگي آھي پر اھو پڇي سگهجي ٿو ته جيڪي شيون اسان جي ملڪ ۾ پيدا ٿين ٿيون جهڙوڪ اٽو، کنڊ وغيره تن جي عمران خان سرڪار جي دور ۾ ڇو مھانگائي جاري آھي؟ تازو وزيراعظم جي ناڻي واري خاص صلاحڪار شوڪت ترين دعوى ڪئي ته پاڪستان ترقي ڪري رھيو آھي. ھاڻي ڪير کانئس پڇي ته ڪروڙين ماڻھو عمران سرڪار جي لاڳيتي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ڪري ڏينھن رات پريشان آھن پرپوءِ به دعوى ته ملڪ ترقي ڪري رھيو آھي سا سمجھه کان مٿي آھي.

سنڌ سرڪار ته وزيراعظم عمران خان جي قوم کي اھم خطاب کي مايوس ڪندڙ سڏيو. سنڌ جي وزير اسماعيل راھو جو چوڻ ھو ته جعلي سبسدي پيڪيج ۾ سنڌ ۽ بلوچستان شامل ڪونھن، البت تقرير ۾ پيٽرول مھانگي ڪرڻ واري اعلان کانسوا ٻيو ڪجهه به نه ھو. وزيراعظم 30 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو سو عوام سان دوکو ھو. ھن چيو ته وزيراعظم رليف پيڪيج جو اعلان ته ڪيو پر اھو ڪونه ٻڌايو ته پشاور ۾ کنڊ 145 رپيا ڪلو وڪامي ٿي پر سنڌ ۾ 110 رپيا.
پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي دعوى آھي پيٽرول اڳ ئي سستو آھي، وفاقي سرڪار وڌيڪ رعايت نٿي ڏئي سگهي. بھرحال، جنھن پيٽرول کي ھو سستو چون ٿا سو اڳ ئي مھانگو آھي. لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ حڪمرانن کي عوام جي ڳڻتي ٽڪو ئي ڪونھي. وزيراعظم عمران خان جو تازو بيان ميڊيا ڏنو آھي ته ھيءُ عظيم ملڪ ٺھڻو ھو پر تباھيءَ جي رستي تي ھلي پياسين پر اسان جو تبصرو آھي ته محترم! تباھيءَ جو رستو ڇڏي ڏيو ته ملڪ لاءِ بھتر ٿيندو.
بھرحال ساڍن ٽن ورھين جي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ جي سلسلي ۾ منھنجي ڇنڊڇاڻ آھي ته عوام، عمران خان سرڪار کي ايندڙ اليڪيشن ۾ گهڻا ووٽ ڪونه ڏيندو ۽ لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ وارا به عمران سرڪار جي تڪراري پاليسين جي ڪري منجهس گهڻي دلچسپي نٿا رکن، تنھنڪري کيس شايد سپورٽ نه ڪندا. سندس اختلافي پاليسين ۽ مھانگائيءَ جي آزار جي ڪري سندس ايندڙ اليڪشن کٽڻ جو امڪان بنھ گهٽ آھي. بھرحال، لڳي ٿو ته سندس دور جي ڳاٽي ٽوڙ لاڳيتي مھانگائي سندس سرڪار جي خاتمي جو مکيه سبب بڻجي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button