ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سوويت يونين ۽ قومون-II

Editorial-Article-Yameen Jatoi


سوويت يونين ۾ اهم مسئلن مان هڪ جمهوريائن ۽ رياست جي مفادن ۾ توازن پيدا ڪرڻ به هو. جنهن کي پڻ سوشلسٽ اصولن تحت نبيريو ويو. جڏهن آڪٽوبر 1917ع ۾ انقلاب کان پوءِ اڳوڻي زارشاهي سلطنت جي قومن سوشلزم جي رستي تي هلڻ جو فيصلو ڪيو ته، ان وقت انهن جي ترقيءَ جي سطح ڌار ڌار هئي. ڪجهه علائقن ۾ طرز زندگي نيم جاگيرداراڻي يا لاڏائو هئي. انتهائي غربت هئي، ڪروڙين ماڻهو لکي پڙهي نه سگهندا هئا ۽ ڊاڪٽرن جي قلت هئي. ڪميونسٽ پارٽي هڪ اهڙي معاشي ۽ سماجي پاليسي اختيار ڪئي، جنهن جو مقصد انهن علائقن جي ترقيءَ جي سطح کي ملڪ جي مرڪزي علائقن جي سطح تي پهچائڻ هو، ان جو حتمي مقصد ملڪ جي مختلف علائقن کي ان جي اهل بڻائڻ هو ته جيئن هو ترقيءَ جا نوان ۽ پيچيده فرض گڏيل طور پورا ڪري سگهن. ڪارخانن ۽ پلانٽن جي هڪ وڏي انگ کي صنعتي مرڪز سان وچ ايشيا ۽ قفقاز جي جمهوريائن ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سان ڏورانهن علائقن جي معيشت مضبوط ٿي. ڪامريڊ اسٽالن پاران 1928ع کان متعارف ڪرايل سوشلسٽ ترقيءَ جي پهرين پنج سالا منصوبي دوران اڳوڻن نيم اسريل علائقن ۾ بنيادي اڏاوت ۽ انهن جي سماجي ۽ تهذيبي ترقيءَ لاءِ خرچن جو 80 کان 90 سيڪڙو حصو رياستي بجيٽ مان فراهم ڪيو ويو. قوميتن بابت اهڙي پاليسيءَ کي سوويت يونين جي آئين ۾ قانوني طور مستحڪم بڻايو ويو، ان سان منصوبابند معيشت جي فائدن کي ملڪ گير پئماني تي استعمال ڪرڻ ۽ پيداواري قوتن کي اثرائتي ڍنگ سان ورهائڻ قانوني طور ممڪن بڻجي ويو. تاريخي نقطه نظر سان ٿوري مدي ۾ ئي جمهوريائون معاشي ۽ تهذيبي ترقيءَ جي اعليٰ سطح تي پهچي ويون ۽ قومي گڏوگڏ ڪل يونيني مفادن کي اڻٽٽ طور متحد ڪرڻ ممڪن ٿي ويو. ان سان هر ننڍي وڏي جمهوريا جي ترقيءَ جي رفتار تيز ٿي وئي. گڏيل معاشي نظام وسيلي وسيع سهڪار جي نتيجي ۾ گڏيل فائده حاصل ٿيا. اهي هر جمهوريا، علائقي يا خطي جي ڪوششن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هئا. سوويت يونين هڪ واحد معاشي ڪمپليڪس تعمير ڪيو، ۽ ان سان برابر ترقي ڏيندي رهي. اهو ڪمپليڪس قومن وچ ۾ ويجهي سهڪار لاءِ پيڙهه جو ڪم ڏيندو هو. ڪميونسٽ پارٽي هر جمهوريا جي مادي ۽ تهذيبي صلاحيت وڌائڻ لاءِ گڏوگڏ ان صلاحيت کي سڄي ملڪ جي ترقيءَ کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ وڌ کان وڌ ڪم آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺندي رهي. سوويت يونين ۾ نئين سماج جي تعمير جي سموري تاريخ ۾ نوان شهر، صنعتي ڪمپليڪس، روڊ، بجلي گهر، بجليءَ جي فراهميءَ جون لائينون، تيل ۽ گيس جون پائيپ لائينون، آبپاشي نظام ۽ ٻيا ڪيترائي پروجيڪٽ ڪيترين ئي قوميتن پورا ڪيا. براتسڪ ۾ بجلي گهر سمورين 15 جمهوريائن کان ايندڙ ماڻهن تعمير ڪيو هو. بائيڪال آمور ريلوي لائين 70 قوميتن جي نوجوان مردن ۽ عورتن جي گڏيل محنتن جو نتيجو هو.
سوويت يونين قومي اقليتن ۽ نسلي گروپن جي ڪلچر جي وڏي ۾ وڏي محافظ ثابت ٿي. سوويت رياست جي وجود جي پهرين سالن ۾ ان پاليسيءَ جو مقصد بلڪل مختلف هو، سوويت رياست ڪلچر کي ترقي ڏيڻ ۽ ان کي سڀنيءَ جي دسترس تائين پهچائڻ چاهيو ٿي. ان بابت لينن چيو هو ته “بيشڪ اسان جا مزدور ۽ هاري ان کان وڌيڪ ۽ بهتر شئي جا مستحق آهن، جيڪو سڀنيءَ کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هو حقيقي عظيم آرٽ جا مستحق آهن.” سوويت رياست جو باني جڏهن اهو چئي رهيو هو ته، سندس ذهن ۾ رڳو روسي مزدور ۽ هاري نه هو. لينن جي ذهن ۾ سوويت رياست ۾ بالٽڪ سمنڊ کان پيسيفڪ تائين رهندڙ سموريون ننڍيون وڏيون قومون هيون. اهڙيءَ ريت انهن ننڍين قوميتن ۽ نسلي گروپن جي ڳالهه ڪرڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو، جن کي ترقي ڏني وئي. ان بابت ڪيترن ئي رخن تي خاص ڪري زور ڏيڻ جي ضرورت آهي. سڀ کان پهرين ته ان هر قوم يا نسلي گروهه کي، سواءِ انهن ننڍن نسلي گروپن جي جن جي ميمبرن جو انگ رڳو ڪجهه هزار يا ڪجهه سئو هو، مختلف قسم جي رياستي حيثيت ملي. سوويت يونين اندر ان نموني جون 53 رياستي تشڪيلون هيون. يونيني جمهوريائون ۽ خود اختيار خطا ۽ قومي علائقا وغيره. جنهن بابت ٿورو بيان مٿي اچي چڪو. پر ضروري آهي ته، ان بابت ڪجهه تفصيل ڏجن ته، جيئن ان جي واضح شڪل سامهون اچي سگهي. هيٺ ان کي مختصرن پيش ڪجي ٿو.
پهرين سوويت رياست جو بنياد روسي مزدور طبقي محنت ڪش هاري عوام سان گڏجي رکيو. پوءِ جلد ئي روسي عوام ۽ مرڪزي روس ۾ انهن جي قائم ڪيل سوويت رياست جي برادراڻي سهڪار سان، اڳوڻي روسي سامراج جي دائري ۾ رهندڙ سمورين قومن به پنهنجون پنهنجون سوويت جمهوريائون قائم ڪيون. بعد ۾ 1922ع تائين گهرو ويڙهه جي خاتمي کان پوءِ سوويت يونين نالي ريبپلڪ قائم ڪئي وئي. جيڪا بنيادي طور چئن يونين جمهوريائن تي ٻڌل هئي. وقت گذرڻ سان گڏ ان ۾ ٻيون جمهوريائون به شامل ٿينديون ويون، جن جو ڪل انگ 16 تائين وڃي بيٺو. سوويت يونين ۾ شامل انهن 16 سوويت سوشلسٽ يونين جمهوريائن ۾ روسي سوويت وفاقي سوشلسٽ جمهوريا، يوڪريني سوويت سوشلسٽ جمهوريا، ازبڪ سوويت سوشلسٽ جمهوريا، قزاخ سوويت سوشلسٽ جمهوريا، جورجيائي سوويت سوشلسٽ جمهوريا، آذربائيجاني سوويت سوشلسٽ جمهوريا، لٿواني سوويت سوشلسٽ جمهوريا، مولداويائي سوويت سوشلسٽ جمهوريا، لٽويائي سوويت سوشلسٽ جمهوريا، ڪرغيز سوويت سوشلسٽ جمهوريا، تاجيڪ سوويت سوشلسٽ جمهوريا، آرميني سوويت سوشلسٽ جمهوريا، ترڪمان سوويت سوشلسٽ جمهوريا، ايسٽونيائي سوويت سوشلسٽ جمهوريا ۽ ڪاريلوفني سوويت سوشلسٽ جمهوريا شامل هيون.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button