سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاري ڪميٽي پاران فهميده سيال جي قتل خلاف احتجاج

سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي فهميده سيال جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لا لاڙڪاڻي پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ثمرحيدر جتوئي چيو ته سنڌ اندر بيگناهه ڌرتي ڌڻي ۽ ڌيئر قتل ڪيون پيون وڃن، سردار، وڏيرن ۽ ڀوتارن جو انت اچي چڪو آهي، سرداري نظام مدي خارج ٿي چڪو آهي، هاڻي انهي ڪرندڙ ڀت کي ڌڪو ڏيڻو آهي. سنڌ جا ماڻهو هن وقت سجاڳ ٿي هن ڀوتار ڪلچر خلاف روڊن تي نڪري ڀوتارن جو سياسي سماجي بائيڪاٽ ڪن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي انهن ٺڳن ڀوتارن مان هميشه لا جان آجي ٿيندي، سنڌ هاري ڪاميٽي نياڻي فهميده سيال جي وارثن سان گڏ آهي اسان هر ممڪن مدد ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button