غير درجه بندي

عمران خان ملڪ ۾ مهانگائي جي تبديلي آندي آهي:عبدالقادر بلوچ

پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي گورنر رٽائرڊ جنرل عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته هن وقت ملڪ وڏي مصيبت ۾ آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي آفت آيل آهي جنهن ڪري عوام جي چيلهه ڀڄي پئي آهي، ان لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو ذميواري کنئي آهي، اميد آهي ته پيپلزپارٽي جي ڪنٽروبيوشن قومي مفادن ۾ هوندي. لاڙڪاڻي ۾ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار مير امين مينگل سان سندس ڀاڄائي جي تي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان سمورن نالائقي جي حدن کي پار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي فارغ ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ کي نئين قيادت ملي سگهي، الله ڪري اها قيادت پيپلزپارٽي جي هجي. هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ مهانگائي جي تبديلي آندي آهي ۽ ٻي به تبديلي ايندي جو غريب مري ويندا ۽ انهن کي ختم ڪيو ويندو. هن چيو ته عمران خان جي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ سٺو سنئون آهي، عمران خان سپريم ڪورٽ ويو ته اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي پر سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ آئين جي پاسداري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button