سنڌ

اين سي ايڇ ڊي ملازمن جا مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

اين سي ايڇ ڊي جي استادن 5 مهينن کان پگهارون نه ملڻ، ريگيولر نه ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لا مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان حوالي سان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب مورو ۾ اين سي ايڇ ڊي جي استادن سيد حبيب شاھه، عزيز احمد جويو، جهانزيب ٻرڙو، عاشق، محرم زرداري، اوشاق علي بھڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو، نوشهروفيروز ۾ فيڊر ٽيچرس ايسوسيئيشن سنڌ پاران ٽائون ڪميٽي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي خان محمد ملاح، علي اڪبر کوسو، مبين راڄپر، محمد نواز ڄاڄوهو، ممتاز مري، ارشاد علي مورو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. نوابشاهه ۾ عبدالغفور بڙدي، عبدالقيوم سومرو، نور حسين چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.بدين ۾ شاھد علي راھمون، غلام مصطفيٰ لنڊ، اشفاق احمد زنئور، مختيیار خاصخیلي امير بخش سميجو، اصغر چانڊيو، محمد جمن احمداڻي، نواز آرائیين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊوالهيار ۾ عظيم دل، شاڪر رند، سردار علي لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. قمبر ۾ اين سي ايڇ ڊي استادن پگهارون نه ملڻ خلاف جناح باغ کان احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي غلام فاروق ڀٽي، قربان علي کوسو، روشن علي چانڊيو، عاشق علي مگسي، امداد علي وڪو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

ھنن چيو ته گذريل 17 سالن کان اين سي ايڇ ڊي ذريعي سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن کي تعليم ڏئي رهيا آهيون پر هن مهل تائين اسان کي ريگيولر ناهي ڪيو ويو، جيڪو سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن چيو تہ پنجن مهينن کان اسان کي پگھارون پڻ نه مليون آھن، جنھن ڪري فاقاڪشي جي زندگي گذاري رھيا آھيون، هنن چيو ته اسان کي مناسب اجورو به نه ٿو ڏنو وڃي، 25 استادن کي بلاجواز نوڪري مان ڪڍيو ويو آھي، جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته اين سي ايڇ ڊي استادن کي پڪو ڪري رھيل پگھارون ڏنيون وڃن ۽ 25 استادن کي بحال ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button