سنڌ

عزيز الله ٻوھيو جي پٽ پاران والد جو موت غيرفطري قرار

نامور عالم، اديب ۽ سنڌ ساگر پارٽي جي چيئرمين عزيز الله ٻوھيو جي پٽ ارشد ٻوھيو پنھنجي والد جي موت کي غير فطري قرار ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ ارشد ٻوھيو ٻڌايو ته ڊاڪٽرن ٻڌايو ته بابا بلڪل ٺيڪ ٿي ويو آھي، انجيوگرافي ۽ انجيوپلاسٽي به ٿي وئي ھئي ۽ بند وال به کلي ويو ھو ۽ ڊاڪٽرن وڃڻ جي اجازت به ڏني ھئي. بابا سان منھنجي ۽ ٻين سان ڪچھري به ٿي ھئي، بابا فون تي امان سان به ڳالھايو ھو ۽ وينٽيليٽر تان به کيس ھٽايو ويو ھو. ڊاڪٽرن چيو ته توھان جو بابا ٺيڪ آهي، گھر وڃڻ جي اجازت آھي. جنھن تي اسان ھڪ ڏينھن وڌيڪ اسپتال ۾ رکي بابا جي نگراني ڪرڻ لاءِ چيو پر اسان جي ڳالھه نه ٻڌي وئي، جنھن ڪري اسپتال وارن بابا جي بلڊپريشر مشين به ھٽائي ڇڏي، جنھن کي اسپتال جا ڊاڪٽر مينٽين نه ڪري سگھيا. ھن چيو ته بابا جو موت فطري ناھي ۽ مون کي پڪ آھي ته بابا جو موت غير فطري ٿيو آهي. ھن چيو ته مان ڪنھن به جاچ جو مطالبو نه ٿو ڪيان ڇاڪاڻ ته مون کي انصاف جي ڪابه اميد نظر نه ٿي اچي. ھن چيو ته مان وري به چوان ٿو ته بابا جو موت غير فطري طريقي سان ٿيو آهي ۽ بابا شھيد آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button