سنڌ

ڏهرڪي ۾ ماڙي پيٽروليم ڪمپني خلاف احتجاجي مظاهرو

ڏهرڪي جي ماڙي پيٽروليم ڪمپني انتظاميا پاران مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ، ڌارين جي ڀرتي ۽ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ خلاف جميعت علماءِ اسلام ڏھرڪي جي سڏ تي ڪارڪنن ڪمپني جي گيٽ اڳيان چوٿين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ضلعي امير مولانا اسحاق لغاري، اسد الله مھر، غلام نبي مهر ۽ ٻين چيو ته ماڙي پيٽروليم ڪمپني مقامي ماڻھن کي روزگار ڏيڻ بجاءِ پنجاب سميت ٻين صوبن جي ماڻھن کي گهرائي روزگار ڏئي مقامي ماڻھن جي حقن تي ڌاڙو ھڻي رھي آھي. جيڪا مقامي ماڻهن سان ناانصافي آھي. ھنن چيو ته تيل ڪمپني هتان اربين رپيا ڪمائڻ باوجود ھتان جي ماڻھن کي صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت بنيادي سھولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن ڪري اسان ٻه ڀيرا اڳ به احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا، جنھن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ ماڙي پيٽرليم کي ڏنل چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل ڪرڻ لاءِ لکت ۾ معاھدو پڻ ڪيو پر ان تي عمل ناہي ڪيو ويو. هنن چيو ته ماڙي پيٽرليم ڪمپني پنھنجي ھوڏ تان نه لٿي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button