ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ناظم جوکيي قتل ۾ انصاف جون گهرجون

Editorial

گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڌاٻيجي ۾ قتل ٿيل ناظم جوکيي وارو معاملو سنڌ ۾ گرم لڳو پيو آهي، ان حوالي سان نه رڳو سنڌ جي سماجي ڌرين جو ردعمل سامهون آيو آهي پر سنڌ جي سياسي ڌرين به سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. ڪنهن به انساني جان جو قتل نه رڳو غير اخلاقي عمل آهي پر اهو انسان دشمن عمل به آهي. جيتوڻيڪ هن ڪيس جي سلسلي ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ گرفتاريون پڻ ٿيون آهن پر ان هوندي به جيڪو ماحول جڙي رهيو آهي، ان مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته مقتول جي ڪيس ۾ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن. جنهن سان ناظم جوکيي جو ڪيس خراب ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. ڪنهن به انساني جان کي مارڻ ۽ ان کانپو انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ رنڊڪون وجهڻ جو مطلب اهو آهي ته قتل ڪندڙ ڌر هن ڪيس ۾ پنهنجي مرضي جو فيصلو چاهي ٿي، ان ڪري ئي جيڪي ڌريون ناظم جوکيي جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لا آواز اٿاري رهيون آهن، انهن کي ڌمڪايو پيو وڃي.

خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شھيد ماحوليات ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ وارثن کانپو انصاف لا آواز اٿاريندڙ سياسي سماجي ڌرين کي وڊيو ۽ ڪال ميسيج ذريعي ڌمڪيون ڏيڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آھي. جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ سردارن جي حامين ملير جي سياسي سماجي شخصيت خدا ڏنو شاهه کي ڌمڪين سان غير اخلاقي ڳالھه ٻولهھ ڇڏي وئي آھي، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ھي اسان جوکيا قوم جو مسئلو آھي، جيڪو قتل ٿيو آھي اھو به جوکيو ۽ جنھن قتل ڪيو آهي، اھو سردار به اسان جو آھي. تنھنڪري ٻيا ماڻھو خاموش ٿي وڃن، اسان 10 ڄڻا قربان ٿي سگھون ٿا. ٻي ھڪڙي آڊيو ۾ فون ڪال ذريعي ھڪ جوکيو ھڪ پالاري کي چوي ٿو اسان جو سردار آھي، ان خلاف ڪا به شي برداشت نه ڪنداسين، اوھان ڪمينٽس ڏيڻ بند ڪريو. سوشل ميڊيا تي لکڻ بند ڪيو وڃي. ڌمڪيون ڏيندي چوي ٿو به منھنجو ڪم ھو توکي ٻڌائڻ، بس ھاڻي تنھنجي مرضي آھي، توھان آزاد آھيون. ان کانسوا جيڪو وڪيل ناظم جو ڪيس وڙهڻ چيو چاهي، ان کي به ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته هو اهو ڪيس نه وڙهي ۽ ان ڪيس ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا اڳڀرائي نه ڪري. هن وقت هي ڪيس عدالت ۾ آهي، پوليس جي جاچ مان جيڪي به ثبوت ملندا، انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، انهن ثبوت آڌار ئي عدالت ڪو فيصلو ڪري سگهندي. ان ڪري جيڪي ماڻهو به ناظم جوکيي جي ڪيس جي حوالي سان ڌمڪيون ڏين پيا يا وري پنهنجي پر ۾ ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهي پڻ ڏوهاري آهن. ڇاڪاڻ ته ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس جي حوالي سان ان قسم جون ڌمڪيون ڏيڻ يا مقتول ڌر کي دٻا ۾ آڻڻ جون ڪوششُون ڪرڻ، اصل ۾ ڪيس جو رخ موڙڻ آهي. تنهنڪري ان قسم جون حرڪتون، بااثرن ۽ انهن جي ماڻهن کي ڪنهن به قيمت تي نه ڪرڻ گهرجن.
اسين سمجهون ٿا ته ناظم جوکيي کي بي گناهه قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي شاهدي هٿ آيل ثبوت ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن کيس قتل ڪندڙ اهو سمجهن ٿا ته انهن خلاف بي بنياد الزام هنيا ويا آهن ته پو انهن کي ثبوت عدالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته مقتول ڌر يا وري وڪيل کي ڌمڪائي پنهنجي مرضي جو فيصلو نٿو ماڻي سگهجي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پوليس به انهن ڌمڪين جو نوٽيس وٺي، جيڪي مقتول ڌر کي بااثرن توڙي انهن جي ماڻهن پاران ملي رهيون آهن. ناظم جوکيي جي قتل کان پو جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، ان مان اهو ئي ظاهر پيو ٿئي ته مقتول ڌر هن معاملي ۾ انصاف کانسوا ڪجهه نٿي چاهي. تنهنڪري عدالتي فيصلي تائين انتظار ڪرڻ گهرجي ۽ انصاف جون جيڪي به گهرجون آهن، انهن کي پورو ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button