منهنجو دوست ڊاڪٽر الهه نواز سمون ان سڄي دور کي ڪارپوريٽ دور کان اڳ جون ڳالهيون چوندو آهي. سنڌ جي 62 سيڪڙو ايراضي ايرڊ علائقي تي مشتمل آهي. جتي ڪارپوريٽ دور کان اڳ ۾ ڪڻڪ ميوو سڏبي هئي. ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ جوئر جو ڍوڍو ۽ ٿر ۾ ٻاجهر جي ماني کائڻ جو عام رواج هو. سنڌ جي سڄي ساريال ۾ چانورن جي ماني ۽ لاڙ ۾ گهڻن هنڌن تي ڳاڙهن چانورن جي ماني کائبي هئي. سنڌ ۾ وڏي عرصي تائين ملڪ جي اوڀرندي بارڊر واري سنڌ جي ٿر ۾ ڪڻڪ کڻي وڃڻ تي سرڪاري طور تي پابندي مڙهيل هئي. مون پاڻ پنهنجي اکين سان کپرو کان هٿونگي روڊ تي ڍوري جي مٿان قائم ڪيل رينجرز جي چوڪي تي اڇڙي ٿر واسيءَ وٽ ڪڻڪ هئڻ جي ڏوهه ۾ سخت تشدد ٿيندي ڏٺو هو.
شيخ اياز کي جمال ابڙي ٿر ۾ پنهنجي سب جج هئڻ واري دور جي ڳالهه ٻڌائيندي، هڪ ٿري کان پڇيل ڳالهه ٻڌائي هئي. چيائين مون جڏهن ٿري کان پڇيو ته “ڪڻڪ نه کائيندا آهيو ڇا؟” هن جواب ڏنو هو ته “سائين اسان کي ته ڏٿ به نٿو ملي، ڪڻڪ ته ميوو آهي.”
تاريخ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ذڪر ملي ٿو. جڏهن نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪندي نور محمد ڪلهوڙي جو پيڇو ڪندو، عمرڪوٽ پهتو هو ته ڏن وٺي بنا جنگ جي واپس وڃڻ دوران کيس ياد آيو ته مون ٻڌو ته اوهان سنڌين وٽ ٻه هيرا آهن، اهي به ڏيو. ميان نور محمد ڪلهوڙي کيس ڪڻڪ جي ٻوري ۽ ڳائي گيهه جو دٻو ڏيندي چيو هئس، اسان سنڌي هنن ٻنهي کي هيرو چوندا آهيون. جنهن وٽ ڪڻڪ ۽ گيهه هجي، ان کي ڪنهن جي به پرواهه نه هوندي آهي. پراڻي زماني ۾ ملاح ڳوٺن ۾ مڇيءَ سان گڏوگڏ لوڻيل پلو کڻي گهور ڪندا هئا. مون ڏٺو منهنجي ماسي ملاح وٽ پيل مڇي ۽ پلو کولي ڏٺا ۽ مڇيءَ جو ڇلر پٽي پاڻ وٽ رکيو ۽ ملاح کي چيو ته لڇمي گهر آئي آهي، وٺي نٿا سگهون ته ڇلر ته رکان. باقي پلو ته هونئن اسان کان زور آهي. اهو ته بهشتي ميوو آهي.
هاڻ ڪارپوريٽ ڪلچر وارو دور آهي. سنڌ جي هر علائقي ۾ “ميوو” کاڌو وڃڻ جو رواج آهي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه هڪ هنڌ جڏهن کانئس ڪڻڪ مهانگي هئڻ وارو سوال ڪيو ويو هو ته هن سوال ڪندڙ کي چانورن کائڻ جي صلاح ڏني هئي. جنهن تي سوشل ميڊيا ۾ قائم علي شاهه جي ڪيل ڳالهه تي طوفان مچي ويو هو. فرانس جي راڻي ميري اينٽونيٽ جا مثال ڏنا ويا. جنهن پنهنجي عوام کي ماني نه ملڻ جي صورت ۾ ڪيڪ کائڻ جي صلاح ڏني هئي، سان ڀيٽيو هو. هاڻ ڪارپوريٽ ڪلچر واري دور ۾ ڇاڇرو، مٺي ۽ ننگرپارڪر ۾ اٽو نه ملڻ خلاف مظاهرا هلندڙ آهن ته ان لمحي ڪنهن ساڳئي ٿر ۾ ٿيندڙ جيپ ريس واري جشن تي چٿر ڪئي هئي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ان کي جواب سنڌ حڪومت جي ڪنهن ترجمان نه، پر هڪ صحافي ڏنو هو ته هر هڪ کاتي جو الڳ ڪم هوندو آهي. اسپورٽس کاتي واري کان ڪڻڪ جي اميد ڪرڻ اجائي ڳالهه آهي. پاڻ ان صحافيءَ سوال ڪيو ته ڇا اٽو مهانگو هئڻ جي صورت ۾ اسپورٽس وارا پنهنجو ڪم بند ڪري ڇڏين. ساڳي ڳالهه ميلا منعقد ڪرڻ واري به آهي. ظاهر آهي ڪلچر کاتي جو ڪم ڪڻڪ ڏيڻ وارو ته ناهي جو ڪنهن اديب، شاعر ۽ سڄاڻ دانشور تي اعتراض ڪجي.
ڳالهه ميرپورخاص جي هري سنگهه ڪولهيءَ جي ٿي رهي آهي، جيڪو اٽو وٺندي لتاڙجي فوت ٿي ويو آهي. 48 سالن جي ڄمار وارو هري سنگهه ڪولهي ميرپورخاص جي مالهي پاڙي ۾ رهندڙ هو. هو 9 ٻارڙن جو پيءُ هو، جيڪو ستين جنوريءَ تي سنڌ سرڪار جو اعلانيل سستو اٽو وٺندي لتاڙجي مري ويو هو. هري سنگهه ڪولهيءَ جي ڌيءَ پوجا جي ٽن ڏينهن کان پوءِ ونواهه ٿيڻو هو. پوجا جي شاديءَ ۾ سڏيا ويندڙ هري سنگهه جا عزيز ۽ مهمان هاڻ هري سنگهه ڪولهي جي ڪريا ڪرم ۾ شريڪ ٿيا.
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪولهي برادريءَ جي بهادريءَ جي وڏي تاريخ آهي. روپلو ڪولهي ان جو وڏو مثال آهي. ان ڪري ان بهادر جاتيءَ کي به سياسي حصو پتي مليو آهي. پر ڏٺو ويو ته ڪولهي جاتيءَ واري سياست مان لاڀ حاصل ڪندڙ به هري سنگهه ڪولهيءَ جي گهر لڙي نه ويا هئا. هري سنگهه ڪولهيءَ جي ڀاءُ جيوڻ صحافين کي ٻڌايو هو ته ايم پي اي ذوالفقار علي شاهه، ڊي سي ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر فوڊ امداد شاهه سندن گهر تعزيت لاءِ آيا هئا ۽ ڊي سي کين 50 هزار رپيا به ڏنا. باقي ڀلي کڻي ان جي ڀاءُ جيوڻ ڪولهي ٻين شهرين سان گڏجي هري سنگهه جو لاش روڊ تي رکي ايف آءِ آر ڪٽڻ جي ڳالهه ڪندو رهيو هجي، پر ان جو ڪجهه به ورڻو هو ۽ نه وريو. ڀلي کڻي هري سنگهه ڪولهيءَ جو لاش بنا ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جي مٽي ماءُ جي حوالي ٿي ويو. پر سنڌ حڪومت جي مٿي مان هري سنگهه ڪولهيءَ ٺڪاءُ ڪڍي ڇڏيا آهن.
حڪومت جي سڌ سماءُ جي ذريعن موجب سنڌ ۾ روزاني 10500 ٽن اٽو گهرجي. پر اٽي جي فلور ملز ۽ چڪين تان 7667 ٽن اٽو دستياب آهي. جڏهن ته 2833 ٽن روزاني اٽي جي کوٽ آهي. ان ڪري اڄڪلهه ڪڻڪ ۽ اٽو ذخيرو ڪندڙ مافيا جي چاندي لڳل آهي. سنڌ ۾ خوراڪ کاتي پاران 14 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو هو. پر حڪومت پاران مقرر وقت تي ڪڻڪ جي خريداريءَ جا مرڪز مقرر ئي نه ڪيا ويا. نتيجي ۾ خوراڪ کاتو فقط نو لک ٽن ڪڻڪ جي خريداري ڪئي. آبادگار ڪڻڪ جي خريداريءَ وارا مرڪز کولڻ وارا مطالبا ڪندا رهيا. سنڌ ۾ ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪڻڪ مارچ جي پوئين هفتي ۾ ڪڻڪ ۾ ٿريشر لڳڻ شروع ٿي ويندو آهي. پر حڪومت پاران ٻه مهينا دير سان ڪڻڪ جي خريداري ڪئي وئي. نتيجي ۾ آبادگار امدادي اگهه حاصل ڪرڻ بدران سستي اگهه ۾ ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ وڪڻي ڇڏي. سنڌ جي حڪومت 22 سئو رپيا في مڻ وارو امدادي اگهه مقرر ڪيو هو. ڪڻڪ جي خريداري وارا سينٽر وقتائتا نه کلڻ ۽ آبادگارن کي وقت سر بارداڻو نه ملڻ سبب آبادگارن مجبورن 17 سئو کان 18 سئو تائين پنهنجي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ وڪڻي ڇڏي. جنهن جي ڪري سنڌ جي آبادگار کي ڪڻڪ جو اگهه نه ملڻ جي صورت ۾ اٽڪل 20 ارب رپين جو نقصان پهتو. ان وقت ڪڻڪ جي پوکي دوران يوريا اصل قيمت 1760 بدران 28 سئو کان 3000 ۾ وڪاميو ۽ ڊي اي پي اصلي قيمت 5000 بدران 8300 کان 9 هزار ۾ بليڪ تي وڪندو رهيو. جنهن سبب اٽڪل 8 ارب رپين جو سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکي ڪندڙ آبادگارن کي نقصان ڏنو ويو. مجموعي طور 74 ارب رپيا هٿرادو طور ڀاڻ مهانگو ڪري ڪمايا ويا. ان دوران 14 ارب رپين جو ڀاڻ ٻاهران گهرايو ويو. ڀاڻ وقت سر نه ملڻ جي صورت ۾ جيڪا ڪڻڪ گهٽ لٿي، ان جو مجموعي ڪاٿو 360 ارب رپيا لڳايو ويو. اهڙي ريت مجموعي طور رڳو ڪڻڪ جي فصل جي حوالي سان 448 ارب رپين جو آبادگارن کي نقصان ڏنو ويو. نتيجي ۾ هن وقت ڪڻڪ جو وڏو بحران سامهون آيو آهي. جڏهن ته موجوده بحران ۾ ٻوڏ واري صورتحال موجود نه آهي. جيڪا اڃان اڳتي اچڻي آهي. جنهن جي باري ۾ ايوان زراعت خبردار ڪندي چيو آهي ته سرڪار 4 هزار رپيا ڪڻڪ جو اگهه مقرر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، پر ڪڻڪ نسري چڪي آهي. سنڌ سرڪار اڃان تائين چار هزار جي اگهه وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو آهي. ايوان زراعت وڌيڪ خبردار ڪندي چيو آهي ته اها صورتحال رهي ته ڪڻڪ جو اٽو ٻه سئو رپيا ڪلو تائين پهچي ويندو.
هوڏانهن سنڌ جي ايوان زراعت پاران حڪومت کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته 2023ع واري سال ۾ ڪڻڪ جي پوکي پنهنجي حدف کان ساڍا 8 لک ايڪڙ گهٽ ايراضيءَ تي پوکي ٿي آهي. حڪومت جو حدف 30 لک ايڪڙ هو ۽ ڪڻڪ فقط ساڍا 21 لک ايڪڙن تي پوکجي سگهي آهي. ان ڪري حڪومت کي ڪڻڪ جي کوٽ کان بچڻ لاءِ اڳواٽ اپاءَ وٺڻ گهرجن. ڇو ته ٻوڏ جي ڪري گهٽ پوکي ٿيڻ جي نتيجي ۾ وڌيڪ شدت سان ڪڻڪ جي کوٽ پيدا ٿيڻي آهي.
ڪجهه وقت اڳ ۾ سنڌ حڪومت جي ترجماني ڪندڙ صوبائي وزير دعويٰ ڪئي هئي ته 65 رپيا في ڪلو اٽو سرڪاري اگهه تي دستياب ڪيو ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سڄي سنڌ ۾ فلور ملز ۽ اتي جي چڪين جي ڪڻڪ جي ڪوٽا وڌائي وئي آهي. سرڪار تسليم ڪندي 65 رپين بدران اٽي جو اگهه 95 رپيا مقرر ڪيو آهي. پر ان جي باوجود مارڪيٽ ۾ اٽو 165 رپيا اگهه تي وڪامي رهيو آهي. سرڪار دعويٰ ڪئي آهي ته ڏيساور مان ڪڻڪ ڪراچي پورٽ تي پهچي وئي آهي. جيتوڻيڪ ٻاهرين ايندڙ ڪڻڪ سڀ کان پهرين سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ پهچي ٿي. پر ڪراچي ملڪ جو واحد شهر جتي ڪڻڪ جو اٽو سڀ کان مهانگي اگهه ۾ وڪامي ٿو.