ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بند گھٽيءَ ۾ بيٺل پي ڊي ايم

Editorial-Article- Umer Qazi

پنجاب جي ھلندڙ حڪومت کي قربان ڪرڻ آسان ڪم نھ ھو. ھڪ تھ پنجاب جي حڪومت پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبائي حڪومت ھوندي آھي ۽ ٻيو تھ پنجاب ۾ انتظامي بحران پيدا ڪرڻ ڪنھن بھ طرح سان آسان نھ سمجھڻ گھرجي. ڇو تھ پنجاب ۾جن قوتن جي مالڪيءَ ۾ آھي، اھي قوتون ڪڏھن بھ اھو نھ چاھينديون آھن تھ پنجاب ۾ ڪو تر جيترو بھ بحران پيدا ٿئي. ھو حڪومت ۽ ٽريفڪ جو نظام روان دوان ڏسڻ جون خواھشمند ھونديون آھن پر پنجاب جي حڪومت کي اسيمبليءَ سميت ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري عمران خان ھڪ ڀيرو ٻيھر ثابت ڪيو آھي تھ هو ڪنھن به وقت ڪجھھ بھ ڪري سگھي ٿو.
پنجاب جي حڪومت جو وجود برقرار رکڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي بانين ۽ خاص طور تي آصف عليءَ زرداريءَ ڇا ڇا نھ ڪيو آھي؟ ھن پنھنجو پاڻ کي کڻائي چوڌري شجاعت جي گھر پھچايو ۽ ھو تيستائين اتي ويٺو رھيو، جيستائين پنجاب جي حڪومت ھن جي سياسي اسڪيم ۾ نھ اچي پر ھن جو اھو تير بھ نھ ھليو. اصل ۾ پنجاب ۾ پيپلز پارٽي اھا مدي خارج ڌر بڻجي وئي آھي، جنھن کي ڪوئي بھ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ڇو تھ پنجاب ۾ سياسي مقابلو تمام گھڻو تيز آھي. پنجاب ۾ ھر قسم جو سياسي مال موجود آھي. پر سنڌ سياسي حوالي سان بنھھ ڪنگال آھي. ان ڪري سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو وکر وڏي پئماني تي ھلي ٿو. اھا الڳ ڳالھھ آھي پر اصل معاملو اھو آھي تھ عمران خان ھن حڪومت جي مٿان تمام ڀاري وار ڪيو آھي.
پنجاب جي اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ ڪو معمولي ڪم ناھي ۽ اھا اسيمبلي ٽوڙي عمران خان پي ڊي ايم جي حڪومت کي پاڪستان جي بند گليءَ ۾ بيھاري ڇڏيو آھي. پي ڊي ايم کي ھن مھل تائين اھو يقين نھ پئي آيو تھ عمران خان اھڙو سياسي ھٿيار استعمال ڪري سگھي ٿو. ھو تھ سياسي واپاري آھن. انھن کي تھ اقتدار جو ھڪ ڪلاڪ بھ ملي تھ انھن کي قبول آھي. اقتدار جو منو سال قربان ڪرڻ جي سگھھ تھ ھو پاڻ ۾ ساري بھ نھ ٿا سگھن. اھوئي سبب آھي تھ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جو آخر تائين اھوئي موقف ھو تھ عمران خان جيڪو ڪجھھ چوي ٿو، اھو ڪجھھ نھ ڪري سگھندو. ھن وقت ھو حيران آھي. انھن لاءِ اھا سچائي قبول ڪرڻ تمام مشڪل آھي تھ ڪو لاھور حڪومت تان ھٿ کڻي سگھي ٿو ۽ اھو بھ پنھنجي مرضيءَ سان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ مخالف اھڙو فيصلو ڪرڻ ڪنھن بھ ريت آسان ناھي پر سياست جو مزو ئي اھو آھي تھ ڪجھھ اھڙو ڪجي، جنھن سان مخالف جون متيون منجھائي ڇڏجن ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ ھن وقت پي ڊي ايم تمام گھڻي پريشان آھي. ان کي معلوم نھ آھي تھ ھاڻي کان پوءِ اڳتي ڪيئن ھلجي؟
پاڪستان ۾ ڪجھھ مھينن لاءِ مني ملڪ جون چونڊون ڪرائڻ ڪا مشڪري ناھي ۽ اھا بھ ان صورت ۾ جڏھن ملڪ جي معاشي صورتحال تمام گھڻي ڳڻتي جوڳي ھجي ۽ اليڪشن ڪميشن جي مٿان اھو بار ھجي تھ اھا مخالف ڌر ۽ عمران خان جھڙي مخالف ڌر جي نشاني تي ھجي. ان صورت ۾ پاڪستان کي سياسي بحران مان ڪڍڻ آسان ناھي. ڇو تھ فوج جھڙي ريت اھو علان ڪري چڪي آھي تھ ھو ڪنھن بھ قيمت تي سياست ۾ مداخلت نھ ڪندي، اھڙي ماحول ۾ جھڙي ريت سياسي مقابلو شروع ٿي ويو آھي، ان ۾ ڪو بھ ريفري نھ ھجي تھ معاملو ڪيئن ھلندو؟ اسان کي اھو بھ سمجھڻ گھرجي تھ عدليا بھ آئيني طور پنھنجي حد ۾ رھڻ جي پابند آھي ۽ اھا بھ سياسي راند جي ريفري ٿي نھ ٿي سگھي. اھا بھ مجبور آھي تھ صرف آئين جي دائري ۾ رھي. جڏھن ھر پاسي کان مجبوريون ھجن تھ پوءِ ڇا ڪجي؟ ڇا ان حالت ۾ ملڪ کي ڇڏي ڏجي؟
عمران خان ھن وقت بھ فوج جي سياسي ڪردار جي حمايت ڪري رھيو آھي. ھو چئي رھيو آھي تھ فوج کان سواءِ ملڪ ھلي نھ ٿو سگھي. ھن کان ان باري ۾ پڇا ڪرڻ گھرجي تھ ھو اھڙي ڳالھھ ڇو ڪري رھيو آھي؟ ڇو تھ ھن وٽ جيتري عوامي حمايت آھي، ان جي ھوندي تھ ھن کي فوج جي سياسي ڪردار جي مخالفت ڪرڻ گھرجي پر ھو اھڙي ڳالھھ نھ ٿو ڪري ۽ ان جي ابتڙ اھو چئي رھيو آھي تھ ھو فوج جي ڪردار کي اھم سمجھي ٿو. ان باري ۾ ھو بھتر نموني وضاحت ڪري سگھي ٿو. جڏھن تھ ھو ھن مھل بھ اھي شڪايتون ڪري رھيو آھي تھ ھن کي اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا ڪم ڪرڻ نھ ڏنو. عمران خان تھ اھو چوڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي تھ حڪومت نالي ۾ ھن جي ھئي، جڏھن تھ اصل حڪومت جنرل باجوا جي ھٿ ۾ ھئي ۽ ان حالت ۾ بھ عمران خان جھڙي ريت اقتدار کي چنبڙيو پيو ھو، ھن جي مٿان اھا تنقيد الڳ آھي پر ان سان اسين پنھنجي اصل موضوع تان ٿڙي وينداسين. اسان جو ھن مھل مرڪزي موضوع اھو آھي تھ پنجاب جو سياسي بحران ملڪ کي ڪھڙي پاسي وٺي ويندو؟
ملڪ جي ڪرتن ڌرتن کي ھن مھل اليڪشن ڪرائڻ ۽ ڪجھھ مھينا اڳ ۾ ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ڪو مسئلو نظر نه ايندو پر اصل مسئلو پي ڊي ايم جو آھي. پي ڊي ايم اقتدار جي ھڪ ڏينھن جي بھ قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ناھي. ھو چاھي تھ اقتدار ۾ رھي ۽ عمران خان ھن کان اقتدار ۾ رھڻ جا جواز ڦري ورتا آھن ۽ ھو اقتدار وڃڻ جي خوف ۾ آھي ۽ ھن کي اھو سمجھھ ۾ نھ ٿو اچي تھ آخر ھن صورتحال جو ڪھڙو حل آھي؟ ڇو تھ ھڪ طرف اقتدار پرست قوتون آھن ۽ ٻي طرف ھڪ اھڙو شخص آھي، جيڪو پنھنجن ٻن صوبن جي اقتدار کي قربان ڪري رھيو آھي. ھن جي اھڙي سياست وفاقي حڪومت کي سمجھھ ۾ نھ اچي. جيڪڏھن ھن مھل پي ڊي ايم کي ڪنھن شيءِ تي تمام گھڻي ڪاوڙ آھي تھ اھو آھي، تحريڪ انصاف جي ان سياست تي، جنھن ۾ اقتدار جي قرباني تمام گھڻي آسان بڻجي وئي آھي. جڏھن تھ پي ڊي ايم کي بھ معلوم آھي ۽ تمام بھتر نموني سان معلوم آھي تھ عمران خان ھڪ وڏو داءُ ھڻي رھيو آھي ۽ اقتدار جي ٽيبل تي ايترو وڏو داءُ عمران خان کان اڳ ٻيو ڪنھن نھ ھنيو آھي. عمران خان جي اھڙي جارحيت واري سياست سبب پي ڊي ايم پريشان آھي. پي ڊي ايم جي پريشانيءَ جو سبب اھو آھي تھ ھن کي سمجھھ ۾ نھ ٿو اچي تھ ڪجھھ مھينن لاءِ ملڪ ۾ اليڪشنون ڪيئن ڪرائجن؟ انھن کي اھو بھ خطرو آھي تھ جيڪڏھن عمران خان ڪجھھ مھينن وارين چونڊن ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪري ويو تھ ايندڙ عام چونڊن تي ان جا ڪيترا نھ خطرناڪ اثر پوندا. اھو ڪجھھ سوچي پي ڊي ايم جا ھن سخت سرديءَ ۾ بھ پگھر وھي رھيا آھن. جڏھن تھ عمران خان ايتري تھ سڪون سان سياست ڪندو نظر اچي رھيو آھي تھ ڄڻ ھن جو ڪجھھ بھ خطري ۾ نھ ھجي.
عمران خان ۽ پي ڊي ايم کي ملائي ملڪ ھلائڻ جو فارمولا پي ڊي ايم کي تھ پھرين ڏينھن کان وٺي قبول ھو پر عمران خان انھن سان گڏجي سرڪار ھلائڻ واري سياست جو سخت مخالف ھو. ان ڪري ھن پھرئين ڏينھن کان اھو چيو ھو تھ ھو انھن سان نھ ملندو. عمران خان جڏھن پيپلز پارٽيءَ سان ڪو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي تھ ھو ميان نواز شريف ۽ شھباز شريف سان ھٿ ڪيئن ٿو ملائي سگھي ۽ ھن جي ان انداز بھ پنجاب جي ماڻھن جي من موھي ورتا آھن. ڇو تھ ماڻھو سدائين بغاوت واري سياست کي پسند ڪن ٿا. اھا بغاوت ڪيتري بھ ھجي ۽ ڪھڙي بھ قسم جي ھجي پر ماڻھن کي ان قسم جي سياست مان ھڪ قسم جي مسرت محسوس ٿيندي آھي. ڇو تھ انھن جي پنھنجي زندگين ۾ تمام گھڻا سمجھوتا ھوندا آھن. ان حوالي سان انھن کي سمجھوتن کان سواءِ واري سياست تمام گھڻي وڻندي آھي. عمران خان کي بھ پسند ڪرڻ جو سبب اھو ئي آھي تھ ھو ڪنھن بھ دٻاءُ ۾ اچڻ لاءِ تيار ناھي ۽ ھو موت جي خوف کان بھ مٿي اچي ويو آھي. ڇو تھ ھن کي گوليون بھ لڳيون آھن پر پوءِ بھ ھو پنھنجي پوري قوت سان وڙھي رھيو آھي. ھن جي اھڙي انداز کي عوام پسند ٿو ڪري ۽ پنجاب ۾ تھ اھو ڪلچر عام آھي. ھو پنجاب جي عوامي نفسيات سان جنھن ريت کيڏي رھيو آھي، ان مان ميان نواز شريف ۽ ھن جي پوري پارٽيءَ کي خطرو محسوس ٿي رھيو آھي. ڇو تھ ميان نواز شريف کي پي ڊي ايم سميت سياست جي بند گھٽيءَ ۾ بيٺل ڏسي ھن جا ڪجھھ اھم ساٿي بھ ھن جو ساٿ ڇڏڻ جي باري ۾ سوچي رھيا آھن ۽ اھو احساس ئي شريف فيملي ۽ خاص طور تي ميان نواز شريف جي لونءَ ڪانڊاري رھيو آھي. جڏھن تھ ان سموري صورتحال جو ذميوار ھو پنھنجي ننڍي ڀاءُ شھباز شريف کي قرار ڏئي رھيو آھي. ڇو ھن مھل مسلم ليگ (ن) کي پي ڊي ايم جي پنجوڙ ۾ ڦاسائي کيس سياست جي بند گھٽيءَ ۾ بيھارڻ وارو بھ تھ ميان شھباز شريف آھي. ھن وقت پي ڊي ايم ۾ شامل سموريون ڌريون صرف اھو سوچي رھيون آھن تھ پنجاب جي بند گليءَ مان ٻاھر ڪيئن نڪري سگھجي ٿو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button