ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لطيف آفريدي: جمهوري آواز ماٺ ٿي ويو

Editorial

ملڪ ۾ بدامني ۽ لاقانونيت سبب ڪيتريون ئي بي گناهه جانيون ضايع ٿي وينديون آهن، ان جو اندازو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڪوبه هٿياربند بنا ڪنهن خوف جي ڪنهن به شهريءَ کي ماري ڇڏيندو آهي. ڪالهه به ملڪ جي عوام لاءِ هڪ ماڻهوءَ جو موت ڇرڪائيندڙ خبر طور سامهون آيو آهي، جڏهن پشاور ۾ ناليواري قانون دان لطيف آفريديءَ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لطيف آفريديءَ تي فائرنگ جو اهو واقعو پشاور هاءِ ڪورٽ بار ۾ پيش آيو، جتي بار جي احاطي ۾ هن تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ سينيئر وڪيل لطيف آفريدي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. لطيف آفريدي ماهر قانون دان هو. هو پاڪستان نيشنل پارٽيءَ جو صوبائي صدر چونڊيو ويو. هو شاگردي واري زماني کان جمهوري حڪومتن ۽ نظام جو حامي هو. مارشل لا دوران لطيف آفريدي جيل ڪاٽيا. ضياءُالحق جي مارشل لا واري دور ۾ هن کي 1979ع ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو هو. ان کان سواءِ هو عوامي نيشنل پارٽي طرفان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو هو.
اهي آواز جيڪي ملڪ ۾ انساني حقن جي ڳالهه ڪن ٿا، جيڪي جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪن ٿا، انهن کي ماٺ ڪرائڻ بنهه سولو آهي، گوليون هڻي مارڻ يا خنجر جا وار ڪري قتل ڪرڻ ڪو مسئلو ئي ڪونهي. پر ڇا اها پشاور پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ناڪامي ناهي ته قاتل هاءِ ڪورٽ بار ۾ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي اچي لطيف آفريديءَ تي گوليون هلائي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن کي خبر ئي ڪونه پئي ته ڪو ماڻهو پسٽل کڻي بار ۾ داخل ٿيو آهي. لطيف آفريدي پنهنجي زندگي نه رڳو جمهوريت لاءِ وقف ڪئي پر سندس اهو موقف پڻ هو ته هتي آباد قومن کي انهن جا جائز حق ڏنا وڃن ۽ اهي حق حقيقي جمهوريت کان سواءِ ممڪن ڪونه آهن. تنهنڪري هو سمجهندو هو ته ملڪ ۾ آباد مظلوم قومن لاءِ آواز اٿارجي ۽ رياستي ادارن کي اهو باور ڪرائجي ته جيڪڏهن ملڪ کي صحيح دڳ تي وٺي وڃڻو آهي ته پوءِ ملڪ ۾ نه رڳو انساني حقن جي لتاڙ روڪڻي پوندي پر ان سان گڏ جمهوري حق به هر حال ۾ عوام کي فراهم ڪري ڏنا ويندا. ٻي صورت ۾ اهو ممڪن ئي ڪونهي ته عوام هن ملڪ ۾ پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهي.
ملڪ ۾ لطيف آفريدي جهڙا بنهه ٿورا ماڻهو آهن. اهي ماڻهو عوام جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۾ اڳڀرا هوندا آهن پر اهي اڪيلا به هوندا آهن ۽ ننڌڻڪا به هوندا آهن. انهن جي جدوجهد جو محور عوام هوندو آهي ۽ اهي عوام جي ڏکن سورن کي بيان ڪندا آهن پر جيڪڏهن اهڙا ماڻهو به محفوظ نه هجن ۽ ڪوبه ماڻهو جڏهن انهن تي حملو ڪرڻ چاهي ته اهي آسان حدف هجن ته ان جو مطلب آهي، ڪي ڌريون اهڙن ماڻهن کان ڊنل آهن ۽ اهي نٿيون چاهين ته عوام جي حقن لاءِ اٿندڙ آوازن جو سلسلو جاري نه رهي. لطيف آفريديءَ کي جڏهن به موقعو ملندو هو ته هو جمهوري ڌرين سان گڏجي ويندو هو، هو انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڌرين سان به گڏ نظر ايندو هو ۽ اتي به پنهنجا خيال پيش ڪندو هو، جيڪي عوام جي حقن لاءِ هوندا آهن. ملڪ ۾ عوامي مفادن لاءِ اٿندڙ آوازن کي خاموش ڪرائيندڙ وڏي انگ ۾ ملي ويندا، سمورن خوفن ۽ ڌمڪين هوندي به اهي ماڻهو پنهنجو ڪم جاري رکندا آهن، ڀلي اهي قتل ٿي ويندا آهن پر ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي ڪونه ڪندا آهن، ڪڏهن به اهي ان آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪونه ڪندا آهن، جيڪو ظلم خلاف اٿي ٿو.
اسين سمجهون ٿا ته لطيف آفريدي هن ملڪ ۾ آباد سمورين جمهوري قوتن جو آواز هو. هو هڪ متحرڪ ڪردار هو، جنهن پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪم ڪيو ۽ جتي ڪٿي ان آواز کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهنڪري هي قتل رڳو هڪ فرد جو ڪونهي پر ان تسلسل جو قتل آهي، جيڪو مظلوم ماڻهن جو ڪيس وڙهي ٿو. جيڪو مظلومن لاءِ اٿي بيهي رهي ٿو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن قتل جي صاف شفاف جاچ ڪئي وڃي. پشاور پوليس روايتي سستي کي پاسيرو رکي لطيف آفريديءَ جي قاتلن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن اهو پتو لڳائي سگهجي ته ڪهڙن سببن جي ڪري لطيف آفريديءَ کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ انهن ماڻهن لاءِ رستا سوڙها نه ڪيا وڃن، جيڪي عوام جي حقن لاءِ آواز اٿارين ٿا ۽ سمجهن ٿا ته هن ملڪ جي بقا جمهوريت ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button