8 جولاءِ 1972ع جي سج ڪَنِي ڪڍي ھئي ۽ زندگي معمول تي اچڻ شروع ٿي ته خليل جبران جي وطن لبنان جي گادي واري ھنڌ ۽ سرسبز صَنوبرن سان جھنجيل شھر بيروت جي صبح ۾ بارود جي بوءِ ڦھلجي چڪي ھئي. اسرائيلي ڳجھي اداري موساد پاران ڪار ۾ نصب ڪيل پلاسٽل بم زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ھو. نتيجي ۾ انھيءَ دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو جيڪا ھر ساهه سان فلسطين جو سوچيندي ھئي. اھا دل ھئي عرب دنيا جي عظيم افساني نگار، اديب، شاعر، مُصَور، صحافي ۽ (پي ايف ايل پي) جي مرڪزي پريس ترجمان غَسان ڪنفاني جي.
ٻئي ڏينھن تي عرب دنيا جي اخبارن لکيو ھو ته “مقتل غسان ڪنفاني” اھا خبر پڙھندي سندس پارٽيءَ جي ڪنھن ڪارڪن اھو نعرو ضرور ھنيو ھوندو. “غسان يعيش فلسطين تعيش.”
پي ايف ايل پي Popular Front for the Liberatiom of Palestine سميت فلسطين جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪندڙ سمورن ماڻھن لاءِ اھا خبر غَم ۽ غصي جو سبب ضرور ھئي ته عرب دنيا جو ھڪ عظيم اڳواڻ اسرائيلي حملي ۾ پنھنجي 17 سالن جي ڀاڻيجي لَميس نجم سان گڏ پنھنجي زندگيءَ جو ٻَليدان آزاديءَ جي ديوي آڏو پيش ڪري ابدي ننڊ سمھي چڪو آھي.
غسان ڪنفاني جو جنم 8 اپريل 1936ع ۾ فلسطين جي علائقي عَڪا ۾ فائز عبدالرزاق ڪنفاني جي گھر ۾ ٿيو. سندس والد پيشي جي لحاظ کان وڪيل ھو. جيڪو سياسي حوالي سان متحرڪ ۽ علم ۽ ادب جي دنيا سان پڻ واسطو رکندڙ شخص ھو.
غسان جي عمر اڃان 12 سال مَس ھئي ته اسرائيل جي رياست جو قيام ٿيو ۽ دنيا مان مھاجر يھودين جا ڪَٽڪ ماڪڙ جيان اچڻ شروع ٿي ويا ھئا ۽ ڀرپاسي جي عرب آبادين تي انھن جا حملا ۽ لٽ مار به شروع ٿي وئي ھئي. ھر روز ڪو نه ڪو عرب خاندان پنھنجو سڀ ڪجھه ڇڏي فقط جان جي اَمان وٺڻ لڳو ھو.
فلسطيني اسرائيل جي قيام کي ”النَڪبه” رُسوائي جي نالي سان ياد ڪندا آھن. ڪيترن سالن کان پوءِ انھي واقعي کي ياد ڪندي غسان ڪنفاني پنھنجي پٽ جي نالي لکيل خط ۾ لکيو ھو ته ”آئون رسوائيءَ کي پنھنجي دل ۾ ڪنھن چُڀندڙ تيرَ جيان لَھندي محسوس ڪندو ھئس، ڏينهون ڏينهن ڪير نه ڪير لڏپلاڻ ڪندو ھو ۽ مون کي ائين لڳندو ھو ڄڻ منھنجي عزت يعني منھنجو وطن مون کان کسجي رھيو آھي.”
جڏھن اپريل 1948ع ۾ عڪا تي مڪمل طور تي اسرائيلي حملي آورن جو قبضو ٿيڻ لڳو ته غسان ڪنفاني جي خاندان کي به جان بچائڻ لاءِ راهه فرار اختيار ڪرڻي پئي، اھو پھرين لبنان جي شھر صيدا ۾ آباد ٿيو، اتان غازيه، حلب ۽ زبداني مان ٿيندو، ھي خانه بدوش بڻيل خاندان وڃي شام جي شھر دمشق ۾ رھائش پذير ٿيو.
جڏھن کان ھنن جي لڏپلاڻ جي شروعات ٿي، ان کان ڪجھه وقت اڳ ئي غسان جي والد جي ڪُل ڪمائي نئين گھر جي تعمير ۾ لڳي وئي ھئي. پر جڏھن گھر ٺھي راس ٿيو ته اصل مالڪن کي ملڪ ڇڏڻو پئجي ويو. تنھنڪري شام پھچڻ وقت وٽن ڪجھه صلاحيتن، شڪست جي احساس، ڪَرڀناڪ ڪيفيتن، اَڻ کُٽندڙ ڏک ۽ ڪجھه رقم کان سواءِ ٻيو ڪجهھ به ڪونه ھو. خيمن/ڪئمپن ۾ رھندي غسان جنھن ڪَسَمپَرسي ۽ غربت ۾ گذاريو، اھو وقت ھو زندگي ڀَر وساري نه سگھيو. پنھنجي گھرڀاتين جي گذر سفر لاءِ غسان ننڍپڻ ۾ ئي لفافا ٺاھڻ، ڪورٽ جي ٻاھران عريضي نويسيءَ کان ويندي، ريڊيو جي مختلف پروگرامن، اخبارن ۾ پروف ريڊنگ ۽ ايڊٽنگ جا ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا ھئا. ان وقت صحافت جي پيشي سان به سندس لڳاءُ شروع ٿيو، جيڪو سڄي زندگي ڪنھن نه ڪنھن ريت سندس پيشو رھيو.
غسان ڪنفاني جڏھن تعليم مڪمل ڪئي ته کيس فلسطيني مھاجرن جي ڪئمپ ۾ قائم گڏيل قومن جي ھڪ اسڪول ۾ ڊرائنگ ماستر جي نوڪري ملي. ان وقت غسان خانه بدوش بڻيل خاندانن جي ٻارڙن کي پنھنجون ڪھاڻيون ٻڌائڻ شروع ڪيون.
اياز جي ھنن سٽن جيان ته:-
چيو مينديءَ کيت کي مون اٿي ڦٽي پوءُ،
مون کي ڪَي ئي سوءُ رَتا گھرجن ھٿڙا.
چون ٿا ته ان اسڪول ۾ 1200 شاگرد داخل ھئا ۽ اڳتي ھلي انھن مان ستر سيڪڙو شاگردن فلسطين جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪندڙ تنظيمن جي مزاحمتي گروپن ۾ شموليت اختيار ڪئي ھئي.
انھن ڏينھن دؤران ئي سندس ملاقات فلسطيني قوم پرستيءَ جو بنياد وجھندڙ ماڻھن مان ھڪ اھم اڳواڻ “جارج حباش” سان ٿي. ھي سندس فڪر ۽ شخصيت مان متاثر ٿيو ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ حباش جي تنظيم”حرڪة القومیین العرب”Arab Nationalist Movement ۾ شامل ٿيو. ان دوران ھن دمشق يونيورسٽيءَ جي عربي ادب جي شعبي ۾ داخلا ورتي ۽ (يھودين جي ادب ۾ نسل پرستي ۽ انتھاپسندي ھڪ مطالعو) جي عنوان سان مقالو لکي ڊگري ورتائين.
1956ع ڌاري ھو ھڪ سرڪاري اسڪول ۾ مصوريءَ جو استاد مقرر ٿي ڪويت ھليو ويو. جتي سندس ڀيڻ فائزه ۽ ڀاءُ اڳ ۾ ئي رھندا ھئس. غسان ڪنفاني پنھنجي ھن ڀيڻ سان جام محبت ڪندو ھو ۽ سدائين پنھنجي ڪاميابين پويان ھن جي محنتن جي شامل ھجڻ جو اعتراف ڪندو ھو.
سال 1957ع ۾ غسان جڏھن پھريون ڀيرو ھڪ عالمي اخبار ”الرائیي” (ڏسندڙ) جو انتظام سنڀاليو، تڏھن سندس ڄمار 21 سال ھئي. 1960ع ۾ ھن ھڪ ھفتيوار رسالي”الحرّیۃ” (آزادي) جي ادبي ايڊيٽر جا فرض پڻ سرانجام ڏنا. 1963ع ڌاري جارج حباش جي چوڻ تي ھو بيروت ھليو آيو ۽ ”المحرّر” جو چيف ايڊيٽر بڻيو ۽ گڏوگڏ”الانوار”۽”الحوادث”۾ ڪالم نگار به رھيو.
بحيثيت باغي ۽ ويڙھاڪ جي ھو ھڪ اھڙو انوکو ڪردار ھو، جنھن ڪڏھن ھڪ گولي به نه ھلائي، بلڪه سندس قلم ئي ھڪ باغي جي بندوق جي نالي جيان ھو ۽ سندس جنگ جو ميدان ھن جي اخبار جي آفيس ھئي. شروع ۾ ھو مڪمل طور تي عرب قوم پرست ۽ جمال عبدالناصر جي فلسفي جي اثر جي سحر ۾ پڻ رھيو. پر وقت سان گڏ ھن جي خيالن ۾ پڻ تبديلي آئي ۽ ھو مارڪسزم ۽ لينن ازم مان فڪري طور پڻ متاثر ٿيو. جڏھن ڊسمبر 1967ع ۾ غسان جي سياسي قائد ۽ دوست جارج حباش ڪجھه دوستن ۽ ساٿين سان گڏجي “پاپولر فرنٽ فار دي لبريشن آف فلسطين” جو بنياد وڌو، تڏھن غسان ڪنفاني ان جو پھريون پريس ترجمان مقرر ٿيو ۽ گڏوگڏ ھو پاپولر فرنٽ جي ترجمان اخبار “الہدف” جو ايڊيٽر پڻ بڻيو. 1968ع ۾ ھن آسٽريلين صحافي رچرڊ ڪارلٽن کي پي ايف ايل پي جي پريس ترجمان جي حيثيت سان جيڪو انٽرويو ڏنو، ان انٽرويو جي تصويرن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته سندس ڪرسيءَ جي پويان مائو، ڪارل مارڪس، لينن ۽ ھوچي منھه جون تصويرون لڳل آھن. ھيٺيان جمال ناصر جي تصوير به لڳل آھي پر سڀ کان وڏي تصوير چي گويرا جي لڳل آھي. جڏھن رچرڊ ھن کان پڇي ٿو ته توھان جي تنظيم ڳالهيون ڇو نٿي ڪري؟
تڏھن ھو پڇي ٿو ته ڳالهيون ڪنھن سان؟
رچرڊ وراڻي ٿو ته اسرائيلي اڳواڻن سان.
تڏھن ھو بي ساختگيءَ سان چئي ڏي ٿو ته “توھان جو مطلب ته ڳچي تلوار سان ڳالھيون ڪري.”
(هلندڙ)