سنڌ ۾ هي مُند سدائين مچ رهاڻين جي رهي آهي ۽ اڄ پاڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جي نوجوانن سان انهن مچ رهاڻين کي ڪارائتو بڻائڻ جي تناظر ۾ ڪجھه ڳالهيون سلجن. دراصل سنڌ ۾ ان حوالي سان هڪ سوال آهي، جنهن کي تبديل ٿيل عالمي توڙي علائقائي سياسي حقيقتن جي روشني ۾ ڏسڻ جي گهرج آهي. جيتوڻيڪ اهو سوال تمام گهڻو پراڻو آهي ۽ سنڌ ۾ قومپرست توڙي کاٻي ڌر جي ڌارائن ۾ ان سوال تي اڻ ڳڻيا بحث ٿيندا به آيا آهن پر جيڪڏهن اڄ به ان تي ان ساڳئي تسلسل ۾ ويچارجي ته ڪهڙي خرابي آهي!؟ ۽ اهو ويچار ڇو نه انهن مچ ڪچهرين جو موضوع بڻايو وڃي جيڪي هن مُند ۾ سنڌ ۾ هنڌين ماڳين مچايون وڃن ٿيون. مچ ڪچهرين جو حوالو پاڻ ان ڪري به ڏيئي رهيا آهيون جو تازو سنڌ جي هڪ سيبتي ۽ سجاڳ ڪردار جي اها ڳالھه پنهنجي اڳيان گذري، جنهن ۾ هن چيو پئي ته مچ ڪچهريون سدا ٿين پر ڇو نه انهن مچ ڪچهرين کي سنڌ جي سُورن سان ڀيچي ڪري، معروض کي سمجهجي!؟ ڳالھه ڀلي لڳي، سو پاڻ اهو معاملو سنڌ جي ساڃاهه آڏو رکي رهيا آهيون.
دراصل اڄڪلهه سنڌ ۾ هڪ پاسي نئين نسل جي تحرڪ جتي آئيندي جي اميد کي جنميو آهي اتي ٻئي طرف هر آئي ڏينهن هي ديس درد جون مختلف صورتون ۽ سماجي الميا پڻ ڀوڳي رهيو آهي. سو لڳي ايئن ٿو ته اهڙين حالتن ۾ بنادير اسان کي هاڻ پنهنجن ۽ پراين جي صفبندي ڪرڻي پوندي. جنهن ۾ ڳولي ڳولي اسان کي سَنڌو ڪرڻو آهي ته ڪير آهن، جيڪي پنهنجي قومي، طبقاتي ۽ جمهوري سوال کي نج سائنسي، روشن خيال ۽ عوام دوست فڪر سان کڻي اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ ڪهڙا آهن جيڪي اسٽيٽسڪو جا نسل در نسل حامي توڙي حصيدار رهندا پيا اچن؟ منهنجي نظر ۾ اها پرک ڪرڻ سنڌ جي هر ان نوجوان لاءِ لازمي آهي، جيڪو ٻه درجا پڙهيل آهي يا پڙهيل نه به آهي پر سمجهه رکي ٿو ۽ ان جي ڄمار ارڙهن سال ٿي چڪي آهي. اهو جيڪو ووٽ ڏيڻ جي به اهل آهي ۽ اڳيان ڏهه ويهه سال ان جو سجاڳي وارو سياسي عمل هن ديس لاءِ وڏي وٿ پڻ بڻجي سگهي ٿو. اهڙا نوجوان سنڌ ۾ وطن دوست روشن خيال ۽ پورهيت دوست سياسي عمل لاءِ پنهنجي پنهنجي وستي واهڻ ۾ جيترو به وقت ڪڍي سگهن اهو کين لازمي ڪڍڻ گهرجي.
ٻيو ته اڄڪلهه اسٽيبلشمينٽ پڻ پنهنجي اندروني بحران جو شڪار آهي ۽ ان بحران جا اثر سڄي ملڪ تي جيئن پوڻ شروع ٿيا آهن تنهن ۾ اسان کي نوان نوان چئلينج سامهون ايندا. ان ڪري سنڌ جي نوجوان کي مستقبل جي انهن سمورين تبديلين تي نظر رکڻي پوندي.
ياد رکو حالتون ڪيتريون به خراب ڇو نه هجن يا اڳيان اڃا به خراب تر ٿين پر نااميد ناهي ٿيڻو، پويان پير ناهن ڪرڻا. دنيا ۾ قومن اسان کان هزار ڀيرا وڌيڪ ڀوڳيو آهي پر جڏهن انهن قومن پنهنجي فڪر، سوچ ۽ عمل جا سڙهه سنوان ڪيا ته سڀ تار تري نڪتيون. اسان کي به ايئن ئي ڪرڻو آهي. جنهن ۾ سڀ کان پهرين ۽ بنيادي وک اها کڻڻي آهي جو عوام کي اهو سمجهائڻو آهي ته هي جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقو سندن ازلي دشمن آهي. ان کان پوءِ ان دشمن کان نجات جي راهه جي تعين جو جيتري قدر تعلق آهي ته اها راهه فقط اها ئي آهي، جنهن ۾ قومي طبقاتي فرق ميٽجي وڃن. بظاهر اهو ڪم ڪٺن لڳي ٿو پر ڪرڻو سنڌ جي نوجوان کي اڳي پوءِ اهو ئي پوندو. اهو ان ڪري جو سماج سياست کان سواءِ سنوت ۾ اچي نٿو سگهي ۽ هيستائين جي سياسي تاريخ ۾ عوام جي حق ۾ فقط اها ئي سياست ثابت ٿي آهي، جنهن ۾ عوام پنهنجن وسيلن ۽ اختيارن جو پاڻ ڌڻي هجي. جيئن صديون اڳ سنڌ اهو نعرو هڻي به چڪي آهي ته: “جو کيڙي سو کائي”. باقي اڄ ان نعري جي ميراث ڪنهن جي هٿن ۾ آهي ۽ اهي پنهنجي عمل ۾ ڪٿي بيٺل آهن، اهو هو پاڻ طئي ڪن ته ڀلو. جڏهن ته سنڌ جي نوجوان کي وري به اها سنڌ ئي اڏڻي پوندي، جنهن ۾ جيڪو کيڙي سو کائي وارو دستور لاڳو ٿئي. ان کان سواءِ اسان جي نسلن جي نجات جو ٻيو ڪوبه رستو ناهي.
انهن سمورن سوالن جو نبيرو جيئن ته سنڌ جي سياسي ڌرين کي ئي ڪرڻو آهي، تنهن ڪري منهنجي نظر ۾ هي مهينو سوا سنڌ ۾ جاري مچ ڪچهرين کي سنڌ جي سُورن جو سَنڌو ڪرڻ لاءِ مقرر ڪجي ته ڀلو. هتي ڪجھه دوست اهو چئي سگهن ٿا ته اهو ڪهڙو نئون بحث آهي جو ان تي وري وقت وڃائجي؟ سنڌ ۾ اهي ڪڏهوڪا بحث ٿي به چُڪا ۽ اڄ جيڪو به پنهنجي لاءِ بهتر سياسي رُخ سمجهي ٿو پوءِ ان ۾ اوليت پهرئين مرحلي ۾ قومي سوال کي هجي يا طبقاتي سوال کي، تنهن رُخ ۾ هرڪو پنهنجا پنهنجا پير کڻي به رهيو آهي، ته پوءِ ڪهڙا وري نوان بحث ڪجن!! تن دوستن کي پاڻ رڳو اهو عرض ڪنداسين ته سنڌ ۾ قومي توڙي طبقاتي سوال جي بيهڪ هن وقت سٺ يا ستر واري ڏهاڪي واري ناهي رهي. شيون تمام گهڻيون مختلف ٿي چڪيون آهن. اڄ قومي سوال تي سنڌ بهرحال ايتري ته حساس ٿي چڪي آهي جو اڄ اقتداري سياست ڪندڙن کي به سنڌ تي سِر ڏيڻ جي پوءِ رسمي ئي سهي ڳالھه ڪرڻي پوي ٿي. اهو فقط ان ڪري جو اهي اسٽيٽسڪو جون جاگيردار ۽ نيم سرمائيدار پارٽيون به اهو ڄاڻن ٿيون ته هيٺ زميني سچ ڇاهي.
ته پوءِ ڇا سنڌ جي حقيقي سياسي ساڃاهه پنهنجي زميني سچ کان وڌيڪ ڪن لاٽار ڪري سگهي ٿي ڇا!؟
بس آخر ۾ پاڻ کي ٻيو ڪجھه سمجهھ ته ڪونه ٿو اچي باقي هي خيال حاضر آهي:
اچو سنڌ – اتهاس بچايون
وڻجارن جو واس بچايون
سڏ ورنائي لوڪ مارُو جو
نئين وري ڪا جھوڪ سجايون
“جو کيڙي سو کائي” وارو
نعرو سنڌ سڄيءَ ۾ لاهيون
ڇو ته جيسيتئين هي جاگيرون
سرداريون ۽ ميريون پيريون
باقي رهنديون
تيسيتائين پنهنجي هٿ وس
ڪجھه نه ايندو
هڪڙو خطرو ٽرندو ٻيهر
نئون وري ڪو سُور سبرندو
تنهن لاءِ هاڻي لازم آهي
هر قدم اڳتي ئي کڻجي
نئين نسل جي هن سفر ۾
ڌاريو ڌار ڪري ڌرتيءَ کان
وستي وستي پنهنجو ڳڻجي
گڏجي هڪڙو نعرو هڻجي
“جاگيرداري مرده باد”