ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

چونڊ نتيجا ڇا ٿا چون؟

Editorial-Article- Ajaz Mangi

سنڌ ۾بلدياتي چونڊن جو ٻيون مرحلو پيپلز پارٽيءَ جي سوڀ ثابت ڪري ويو آھي. پر سوال اھو آھي تھ ڇا اھا ڪاميابي ڪنھن بھ سمجھھ واري سياسي ذھن لاءِ ڪنھن بھ ريت حيران ڪندڙ ھجڻ گھرجي؟
بلدياتي چونڊون سدائين حڪمران جماعت جي ھنج ۾ ڪرنديون آھن. ڇو تھ اھي چونڊون ڪن وڏن مقصدن کي ماڻڻ ۽ ڪن وڏن نظرين کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ نھ وڙھيون وينديون آھن. اھي چونڊون ملڪي يا قومي پسمنظر ۾ نھ ھونديون آھن. اھي چونڊون پنھنجي لفظ جي معنيٰ مطابق “لوڪل” ھونديون آھن. انھن ۾ ڀرپاسي جا ماڻھو پنھنجا پنھنجا نمائندا چونڊيندا آھن ۽ انھن کان توقع ڪندا آھن تھ ھو ننڍا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. انھن کي قومي وجود جي تحفظ يا قومي وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ ڪوئي ڪردار ادا ڪرڻو نھ ھوندو آھي. انھن جي حصي ۾ پاڙي جي صفائي، سٿرائي ۽ صاف پاڻيءَ جي فراھمي گندي پاڻيءَ جي نيڪالي ۽ ننڍن رستن ۽ گھٽين جي تعمير وغيره ھوندي آھي. ھو ننڍي سطح تي ننڍا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ چونڊيا ويندا آھن. اھو ئي سبب آھي تھ انھن کان وڏن اشوز جي باري ۾ ڪا پڇا نھ ڪئي ويندي آھي. انھن جي سلسلي ۾ صرف اھو ڏٺو ويندو آھي تھ ڇا ھو پنھنجي سونپيل فرض کي پورو ڪن ٿا يا نھ؟
لوڪل باڊيز جا چونڊيل نمائندن جو وجود ان ڪري عمل ۾ آندو ويندو آھي جو اختيار ھيٺئين سطح تائين پھچي سگھن پر اھا تمام وڏي افسوسناڪ حقيقت آھي تھ عملي طور تي لوڪل باڊيز جي نظام اختيارن کي ھيٺئين سطح تائين آڻڻ ۾ ڪو خاص ڪردار ادا نھ ڪيو آھي پر ان نظام جي معرفت اسان کي گراس روٽس تائين ڪرپشن جي منتقلي ھڪ مضبوط ۽ منظم انداز سان ٿيندي نظر آئي. اھو ھڪ افسوسناڪ عمل آھي پر ان جي وجود کان انڪار ڪرڻ ائين آھي، جيئن ڏينھن کي رات يا رات کي ڏينھن ڪوٺيو ۽ قرار ڏنو وڃي. بلدياتي ادارا ڪنھن بھ ملڪ جي سماج ۾ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا پر اسان وٽ انھن جو قيام ڪرپشن جي پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيو آھي. اھا ڪرپشن نھ صرف بنيادي سطح تي ٿئي ٿي پر اھا ايتري تھ ننڍي پئماني تي ۽ پنھنجي مقدار ۾ ٿوري ڪرپشن آھي جو ان مٿان ملڪ جا احتسابي ۽ قانوني ادارا وڏي پئماني تي ھٿ وجھڻ کي وقت جو زيان سمجھندا آھن. اھو ڪرپشن ۽ نااھليءَ جو ناني ويڙھو اسان جي سماج جي بنياد کي کوکلو ڪرڻ ۽ ان ۾ ڪرپشن جا ٻج پوکڻ جي ڪم اچي ٿو. اسان بلدياتي چونڊن جي معرفت جن نمائندن کي سوڀارو ٿيندي ڏسون ٿا، اھي نمائندا عوام جي خدمت ڪرڻ بدران انھن مٿان ننڍي سطح تي حڪومت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اھي عوام جا خادم نھ پر عوام جا مالڪ بڻجي ھلڻ جي حالت جا ذميوار ٿين ٿا. انھن جو وجود اسان کي سماج جي منفي روين جو بنياد محسوس ٿئي ٿو. اھا ڪيتري نھ افسوس جھڙي ڳالھھ آھي تھ جنھن بنياد کي چڱائيءَ سمجھي شروع ڪيو ويو ھو، اھو بنياد اسان جي برائيءَ جي ابتدا بڻجي ويو. اھو تلخ آھي پر سچ آھي.
بلدياتي ادارن جي چونڊ ۾ اسان کي گھڻو ڪري انھن اميدوارن جي اڪثريت ڏسڻ ۾ اچڻ گھرجي، جن کي سماجي ڪم ڪرڻ جو وڏو شوق ھوندو آھي. جن جي طبيعت ۾ ماڻھن جا ننڍا مسئلا حل ڪرڻ جو لاڙو ھجي. جيڪي چونڊن کان اڳ بھ اھڙي عمل ۾ سرگرم ھجن ۽ جڏھن بھ ڪو ننڍو وڏو مسئلو پيدا ٿئي تھ ان ۾ پنھنجي حصي پتيءَ جو ڪردار وجھن ۽ اھو ڪجھھ ڪن، جيڪو سماج ۾ اجتماعي ڪردار کي عملي معنيٰ ڏيندو آھي. اسان کي انھن چونڊن ۾ اھڙن ماڻھن جي شموليت نظر اچڻ گھرجي پر انھن چونڊن ۾ اسان کي ان قسم جا ماڻھو اٽي ۾ لوڻ برابر بھ نظر نھ ايندا آھن. جيڪڏھن ان قسم جا ماڻھو پنھنجي حقيقي حق حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا بھ آھن تھ انھن کي اڪثر طور ويھاريو ويندو آھي، يعني انھن کان ڪنھن نھ ڪنھن سياسي خاندان جي اميدوار جي حق ۾ ھٿ کڻايو ويندو آھي. جيڪڏھن اھو فرد پنھنجي فيصلي تي اٽل ۽ اڏول بيھڻ جي ڪوشش ڪندو آھي تھ ان کي ھٿ وٺي ھارايو ويندو آھي ۽ ھارائڻ کان پوءِ ھن کي روين جي تشدد مان گذاري ھن کي عبرت جو نشان بڻايو ويندو آھي. اھڙي ريت اسان کي لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ سماجي خدمت ڪرڻ وارن والنٽيئرز جا ولر ڏسڻ ۾ نھ ايندا آھن. اھا چونڊ سماجي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ھوندي آھي پر اسان جون سياسي پارٽيون ان ھيٺئين سطح تي بھ پنھنجا حامي ۽ پنھنجا پٽي ڀائي پيدا ڪرڻ لاءِ نھن چوٽيءَ جو زور لڳائينديون آھن ۽ ان ۾ سوڀ گھڻو ڪري سرڪاري ڌر جي حصي ۾ ايندي آھي ۽ جڏھن اسان سرڪار جي ٽڪيٽ يافتا اميدوارن جو پيرو کڻي انھن کي ڄاڻڻ ۽ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين تھ اسان کي انھن چونڊن ۾ گھڻو ڪري اقتداري ڌر سان تعلق رکندڙ خاندانن جا چشم و چراغ نظر ايندا. اسان کي انھن اميدوارن جي اڪثريت نظر ايندي جن پنھنجي پوري زندگيءَ ۾ سماجي خدمت جي سلسلي ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو نھ ڪيو ھوندو آھي. انھن جي ڪل سڃاڻ ايتري ھوندي آھي ھو ڪنھن ايم پي اي، ايم اين اي، مشير يا وزير جا پٽ، ڀائيٽا ۽ ڀاڻيجا ھوندا آھن. انھن کي اقتداري سياست ۾ ڀڙ بڻائڻ جي لاءِ کين ميدان ۾ لاٿو ويندو آھي. اھڙي ريت رياست جو اھو شعبو جتان سماجي خدمت جا ڪردار تيار ٿي ملڻ گھرجن، اتي اسان کي ڪرپٽ سياسي ڪردارن جا جانشين ملن ٿا. اھڙي ريت اسان وٽ بلدياتي ادارا حڪمران گھراڻن جي فردن جون نرسريون بڻجي ڪم ٿا. انھن کي انھن ادارن جي چونڊن ۾ نھ صرف لٺ ۽ چٺ سان ڪامياب ٿيڻ سيکاريو ويندو آھي پر انھن کي انھن ادارن جي ننڍي بجيٽ مان ڪرپشن ڪرڻ جو فن بھ سيکاريو ويندو آھي. اھڙي ريت اسان وٽ لوڪل باڊيز جا ادارا اقتدار جي ھيٺئين سطح تي منتقليءَ جو ڪردار تھ ادا ڪن ٿا پر اھا ھيٺئين سطح سماجي نھ ھوندي آھي. اھا ھيٺئين سطح عوامي بھ نھ ھوندي آھي. اھا ھيٺئين سطح اقتداري خاندانن جي اولاد يا انھن جي وفادار فردن تي مشتمل ھوندي آھي.
سنڌ ۾ بلدياتي ادارن جي چونڊن جو ٻيون مرحلو پنھنجن نتيجن جي حوالي سان اھو ڪجھھ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي تھ جڏھن عوام جي آڏو ٻيو ڪو مضبوط متبادل نھ ھوندو تھ عوام وري بھ مجبور ٿي ان در تي ايندو، جتان ھن کي درد جو دارون ڪڏھن بھ نھ مليو آھي. جھڙي ريت “ڪجھھ نھ ڪجھھ” بھتر ھوندو آھي “ڪجھھ بھ نھ” کان، تھڙي ريت ھن ڀيري سنڌ جو مظلوم عوام بلدياتي چونڊن ۾ انھن اميدوارن کي ڪامياب ڪندو نظر آيو، جن وٽ حڪمران پارٽيءَ جون ٽڪيٽون ھيون. بلدياتي چونڊن جي نتيجن مان قومي سطح جي سياسي بغاوت جي اميد رکڻ پاڻ کي درد ۽ دوکو ڏيڻ جي برابر آھي. ڇو تھ ھتي ڦرلٽ ۽ استحصال جو ھڪ اھڙو تھ منظم مڪينزم آھي، جنھن کي عوام پنھنجي سگھھ سان ڪنھن بھ ريت ٽوڙي ڦوڙي نھ ٿو سگھي. استحصال جي اھڙي مھاڄار جي مخالف اھڙيون تھ عوام دوست، دلير ۽ سچيون سياسي ڌريون ميدان ۾ ھجڻ گھرجن، جن کي لوڏڻ جي سگھھ نھ سرڪار ۾ ھجي يا سرمائي ۾! صرف اھڙيون قوتون ھن ڪرپٽ نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون ۽ اسان کي سنڌ ۾ تھ ڇا پوري ملڪ ۾ اھڙي ڪردار جي حامل ڌرين ۽ پارٽين جو ڪو اتو پتو نھ ٿو ملي. ان سياسي ۽ سماجي بي سرو سامانيءَ جي عالم ۾ ويچاري وڍيل، چيريل ۽ چچريل عوام کان پاڻ ھرتي بغاوت جي توقع رکڻ نھ صرف غلط ھو پر اھو سوچ جو نھايت سفاڪ ۽ ظالم انداز بھ ھو. جڏھن تھ انھن کي چونڊن ۾ جتي جتي ڪنھن ڪنھن ڌر ۽ ڪنھن ڪنھن فرد حڪمران ڌر سان جمھوري ويڙهه ۾ جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي آھي، اھا تمام گھڻي ساراهه جوڳي ۽ اميد ڀري آھي. انھن ڪاميابين جو وجود ائين آھي، جيئن شيخ اياز جو اھو شعر تھ:
“ھي ڪارو ڪارونڀار تھ ڏس،
ھي ڏورانھون ڏھڪار تھ ڏس
ڏس ڪيڏي جھڙي جي جھاڳ مٿان
مون ديپ جلايو آ، پيارا….!”
ھن ڪرپٽ ڪارونڀار ۾ ڪجھھ باغين جي جيت انھن ڏيئن جي جوت جيان آھي، جن جي باري ۾ اسان کي اھا اميد رکڻ گھرجي تھ ڪاش! انھن جو وجود ڪرپشن جي طوفان ۾ سلامت رھي سگھي.
سنڌ جي بلدياتي ادارن جي چونڊن جو ٻيون مرحلو سنڌ جي گاديءَ واري شھر ۾ ھڪ اھڙي سياسي ميدان وانگر ھو، جنھن جي ھر موڊ تي ميڊيا جون اکيون مستقل طور تي کتل ھيون. بلدياتي ادارن جي چونڊ کان ٻھ چار ڏينھن اڳ ۾ متحد ٿي ويل ايم ڪيو ايم جي ڌڙن جي اھا ڪوشش ھئي تھ ھو ڪنھن ريت پنھنجي سياسي وجود کي بچائي سگھن ۽ پيپلز پارٽيءَ سان ملي عمران خان جي پارٽيءَ کي ڪراچيءَ ۾ پير کوڙڻ کان پري رکڻ جي سلسلي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن پر ھو ڪوشش جي باوجود بھ اھو ڪجھھ نھ ڪري سگھيا. جيتوڻيڪ انھن کي مڪمل نھ سھي پر ڪجھھ نھ ڪجھھ تھ ڪاميابي حاصل بھ ٿي سگھي ھا پر پوءِ بھ ھو بائيڪاٽ ڏانهن ان ڪري ويا جو انھن جي تنظيم جي بانيءَ لنڊن مان اردو ڳالھائيندڙ عوام کي لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي ھئي ۽ ايم ڪيو ايم (پاڪستان) جي ھر ڌڙي کي معلوم ھو تھ ھو سر ڌڙ جي بازي لڳائي بھ پنھنجي پراڻي پير کي عوامي ساٿ سان ھارائي نھ ٿا سگھن. ان ڪري انھن بھتري ان ۾ سمجھي تھ ھو پنھنجي پاران بائيڪاٽ ڪري پنھنجي سياسي ساک بچائڻ جي سلسلي ۾ اھو ڪجھھ ڪن، جيڪو موجوده حالتن ۾ ھو ڪري ٿي سگھيا. خاص طور تي جڏھن اصل سرڪار ڪراچيءَ کي ھڪ ڀيرو ٻيھر جماعت اسلاميءَ جي خدمت ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪي ھجي ۽ ان فيصلي جي حمايت اھي اردو ڳالھائيندڙ حلقا بھ ڪندا ھجن، جن کي قومي ميڊيا پنھنجي مخصوص ادا سان “اھليانِ ڪراچي” ڪوٺيندي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button