سنڌ ۾ صحت جو شعبو جيتري قدر جديد ٿيو آهي، اوترو ئي اهو مهانگو پڻ ٿيو آهي، خاص طور تي نجي اسپتالن ۾ مريضن سان جيڪو حشر ڪيو ٿيو وڃي، اهو ڏسڻ وٽان آهي. ڳورهارين عورتن جو معمولي غفلت سبب مري وڃڻ ۽ ان کان پوءِ ڳرا خرچ برداشت ڪرڻ عام جام آهي. ان سان ڪنهن هڪ زندگيءَ جو نقصان نٿو ٿئي پر ڪيترين ئي زندگين جو نقصان ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪا عورت ڳورهاري آهي ۽ ان جو علاج وقت سر نٿو ٿئي ته اها پنهنجي زندگي وڃائي ويهندي آهي. نتيجي ۾ اهڙا ڪيس جتي ڪٿي سامهون ايندا رهندا آهن، جن ۾ عورتون ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل عملي جي روين جي ڪري مري وينديون آهن. پر اهم سوال اهو آهي ته هيترا واقعا ٿيڻ کان پوءِ به اهو سلسلو هلندڙ آهي ۽ بند ڪونه ٿيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن توڙي ميڊيڪل عملي جي پهرين ذميواري مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ هوندو آهي ته جيئن انهن جون حياتيون بچي سگهن. اهڙي ريت جڏهن به اهڙا واقعا ٿين ٿا ته انهن واقعن پويان ڊاڪٽرن جي غفلت جو عنصر ضرور شامل هوندو آهي. ڪالهه به هڪ اهڙي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب ٻن عورتن جو ٻار پيٽ ۾ فوت ٿي ويا.
ڇاڇرو جي خانگي اسپتال ۾ ٻن ڳورهاري عورتن جا ٻار پيٽ ۾ فوت ٿي ويا آهن. وارثن جي احتجاج تي اسپتال انتظاميا هڪ نرس کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ڇاڇرو جي غير ملڪي اسپتال لو اينڊ ٽرسٽ ۾ ٻن ڳورهاري عورتن جا تازا ڄاول ٻارڙا فوت ٿي ويا. ٿر جي ڳوٺ رڻڇي جو تڙ جي رهواسي علي حسن راهمون جي 35 سالن جي ڳورهاري زال زهرى کي وارث ايمرجنسي حالت ۾ کڻائي آيا. وارثن موجب خانگي اسپتال ۾ 8 ڪلاڪن تائين ڳورهاري عورت تڙپندي رهي، ڊيوٽي تي موجود نرسن ۽ عملي کي منٿون ڪرڻ باوجود ڪنهن به ويم نه ڪرايو. الٽو اسان سان بدتميزي ڪئي وئي. اسٽاف جي غفلت سبب ٻار عورت جي پيٽ ۾ فوت ٿي ويو، ٻار پيٽ ۾ فوت ٿيڻ کان پوءِ صبح جو آپريشن ڪيو ويو. ٻئي پاسي وارثن ٻار جو لاش کڻڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کان پوءِ اسپتال جي جنرل مئنيیجر انور سنڌو معاملي جي جاچ ڪري ذميواري قبول ڪرڻ کان پوءِ لاپرواهي ڪندڙ نرس صباح داني ايل کي نوڪريءَ تان فارغ ڪري ڇڏيو ۽ اهڙو ليٽر جاري ڪري عورت جي وارثن کي ڏنو. ٻئي پاسي ڳوٺ بينڊاڻي جي رهواسڻ پوران زال هرڳڻ ميگھواڙ جو ٻار به پيٽ ۾ فوت ٿي ويو. اسپتال جي عملي جي ان غفلت کان پوءِ جيڪا ڪارروائي ڪئي وئي آهي، اها ساراهه جوڳي آهي، گهڻو ڪري ته ائين ٿيندو آهي جو عملو ذميواري به قبول ڪونه ڪندو آهي ۽ نه ئي وارثن کي ٻڌو ويندو آهي. نجي توڙي سرڪاري اسپتالن ۾ غفلت جا واقعا ٿيڻ جو مطلب اهو آهي ته ميڊيڪل عملو ماڻهن کي ان لائق ئي نٿو سمجهي ته اهي ڪنهن تڪليف ۾ آهن ۽ انهن کي تڪليف کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي. اهو ڇوٽڪارو ان صورت ۾ ملي سگهي ٿو، جڏهن وقت سر مريضن جو علاج شروع ڪيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته مٿي ڄاڻايل واقعو افسوس جوڳو آهي ۽ ان جي جيتري به نندا ڪجي سا گهٽ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن جي پرگهور لڌي وڃي. انهن کي اهي سڀ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن جيڪي انهن جو حق آهي، ڇاڪاڻ ته مريض ڊاڪٽرن کي في جي مدد ۾ ڪافي رقم ڏيندا آهن. اهي مفت ۾ علاج ڪونه ڪرائيندا. تنهنڪري ڊاڪٽر توڙي ميڊيڪل عملي جو اهو فرض بڻجي ٿو ته اهي مريضن جو خيال رکن. هونئن به سنڌ ۾ عورتن لاءِ طبي سهولتون نه هئڻ برابر آهن، پر جيڪي عورتون سمورين تڪليفن هوندي به اسپتالن تائين پهچي وڃن ٿيون ته انهن کي ائين موت جي منهن ۾ نه اڇلايو وڃي پر خيال ڪيو وڃي.