اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف جي 35 اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور

اسلام آباد : قومي اسيمبلي اسپيڪر تحريڪ انصاف جي 35 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون. راجا پرويز اشرف تصديق ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي 35 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون آهن. جن قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون آهن، انهن ۾ مراد سعيد، عمر ايوب، اسد قيصر، پرويز خٽڪ، عمران خٽڪ، شهريار آفريدي، علي امين خان، نور الحق قادري، راجا خرم شهزاد نواز، علي نواز اعواڻ، اسد عمر، صداقت علي خان، غلام سرور خان، شيخ راشد شفيق، شيخ رشيد احمد شامل آهن. منصور حيات خان، فواد احمد، ثناءُ الله خان مستي خيل، حماد اظهر، شفقت محمود، عامر ڊوگر، شاهه محمود قريشي، زرتاج گل، فهيم خان، سيف الرحمان، عالمگير خان، علي زيدي، آفتاب صديقي، عطاالله، آفتاب جهانگير، نجيب هارون، قاسم سوري، عاليا حمزا، ڪنول شوزف جون استعيفائون به منظور ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي 35 قومي اسيمبلي ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button