اسلام آبادپاڪستان

توهين ڪيس ۾ عمران جي عدم پيشي،فيصلو محفوظ

اسلام آباد: توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ عمران خان پيش نه ٿيڻ تي فيصلو محفوط ڪري شنوائي 24 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي. اڱاري تي اليڪسن ڪميشن ۾ عمران خان اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪيس جي شنوائي ٿي جنهن ۾ گرفتاري وارنٽ جي باوجود عمران خان پيش نه ٿيو. ان دوران مددگار وڪيل ٻڌايو ته فيصل چوڌري ۽ ٻيا وڪيل لطيف آفريدي جي جنازي ۾ ويل آهن جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر بلوچستان پڇاڻو ڪيو ته عمران خان اسد عمر ۽ فواد چوڌري ڪٿي آهن. ميمبر پختونخوا ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ وارنٽ معطل ڪيا آهن پر پيشي کان ناهي روڪيو. حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ناهي ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي عدم پيشي تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button