اسلام آبادپاڪستان

عمران جي ڪري سڄو نظام منجمد ٿي رهيو آهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ آف پاڪستان چيو آهي ته عدالت ڇو ان شخص جي ڪيس جو فيصلو ڪري جيڪو پاڻ پارليامينٽ جو حصو نٿو بڻجڻ چاهي؟ هڪ شخص جي فيصلن سان سڄو نظام منجمد ٿي رهيو آهي. عدالت ٻين ادارن جو ڪم ڪرڻ بدران انهن کي فعال ڪرڻ چاهي ٿي، آئين تي عملدرآمد لاءِ عدالت هر اداري تي نظر رکي سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي درخواست تي شنوائي ٿي.چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ پارليامينٽ ۾ واپس اچي ٿي ته ڇا حڪومت ان سان گڏ ويهندي؟ ڇا عدالت نيب ترميمن جو معاملو واپس پارليامينٽ موڪلي ڇڏي؟ رڳو ايترو چئي ڇڏيو ترميمون ماضي کان لاڳو نه ٿينديون ته 90 سيڪڙو ڪيس ختم ٿي ويندو. وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته پي ٽي آءِ چاهي ته پارليامينٽ وڃي، نيب قانون جو ترميمي بل پيش ڪري سگهي ٿي، سياست بنا جمهوريت جو ڪو تصور ناهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ڇا ڪو اهڙو مثال موجود آهي ته اسيمبلي ميمبرن پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي هجي؟ نيب ترميمون ايمنسٽي اسڪيم آهن يا عام معافي؟ نيب ترميمون ماضي کان لاڳو ڪرڻ پنهنجا الزام صاف ڪرڻ ناهي؟ وڪيل مخدوم علي خان چيو ته نيب ماضي ۾ سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته عمران خان جي درخواست ۾ ٺوس حقيقتون نه هيون پر آئي ڏينهن ٺوس حقيقتون سامهون اچي رهيون آهن ته ترميمن کانپوءِ ڪيس واپس ٿي رهيا آهن، هيل تائين 386 ڪيس واپس ٿي چڪا آهن. بدقسمتي آهي ته عوام جو پئسو ڪيئن گم ڪيو ويو، رپورٽ موجب 70 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان چين کي قرض ڏنو هو. پي آءِ اي ڪنهن دور ۾ دنيا جي بهترين ايئرلائن هوندي هئي، هاڻ سڀ مفاد پرست ٿي چڪا آهن. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالت ٻين ادارن جو ڪم ڪرڻ بدران انهن کي فعال ڪرڻ چاهي ٿي، آئين تي عمل درآمد لاءِ عدالت هر اداري تي نظر رکي سگهي ٿي، عدالت سدائين اليڪشن ڪميشن کي مضبوط ڪيو ۽ اڳتي به ڪندي، آڊيٽر جنرل کي به مضبوط هجڻ گهرجي ته جيئن حڪومتي ڪم ۾ شفافيت اچي سگهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدليا تي به نظر رکڻي پوندي، سپريم ڪورٽ اهڙي شخص جو ڪيس ڇو ٻڌي رهي آهي جيڪو پارليامينٽ کان ٻاهر آهي؟ عمران خان پارليامينٽ جي بحث جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو نه ئي ان جي فيصلن کي مڃي ٿو. عدالت ڇو ان شخص جي ڪيس جو فيصلو ڪري جيڪو پاڻ پارليامينٽ جو حصو نٿو بڻجڻ چاهي؟ هڪ شخص جي فيصلن سان سڄو نظام منجمد ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button