پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ گهر ۾ گهڙي ٻن ڀينرن سان مبينا زيادتي ڪوشش

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ بااثر ماڻهن پاران گهر ۾ گهڙي نياڻين سان مبينا طور زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نياڻين والد سان گڏ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص جي علائقي سيال ڪالوني جي رهواسي نوجوان نياڻين سان گڏ پريس ڪلب پھچي بااثر ماڻهن ۽ پوليس جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته رات دير سان اسان جي علائقي ۾ رهندڙ 3 منشيات فروش شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي گھر اندر گھڙي آيا، جن منھنجي نوجوان نياڻين سان لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي، اسان پاران مزاحمت ڪرڻ تي بااثر ماڻهن سخت تشدد ڪيو، جنهن ۾ منھنجي ھڪ نياڻي سخت زخمي ٿي پئي، جنھن بعد آئون زخمي نياڻي سميت غريب آباد ٿاڻي تي ويس، پر پوليس بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ھن الزام هڻندي چيو ته مک جوابدار منشيات فروش ھجڻ سبب پوليس کائنس وڏي منٿلي وٺي ٿي، ان ڪري پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لا تيار نه آهي. ڄاڻايل بااثر نياڻين کي زوري اغوا ڪرڻ سميت مون تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنھن ڪري خطرو آهي. متاثر شھري ۽ سندس نياڻين ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڄاڻايل بااثر ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button