پاڪستانسنڌ

راڻا سر ترائي جي کوٽائي جاري، پاڻي جا لنگهه بند ٿيڻ لڳا

چيلهار: ٿر جي تاريخي ماڳ راڻاسر ترائي تان بااثر ماڻهن پاران کوٽائي جو سلسلو رڪجي نه سگهيوم انتظاميا جي بي ڌياني سبب مسلسل کوٽائي سبب راڻاسر ترائي تي جمع ٿيندڙ پاڻي جا اصل وهڪرا ۽ لنگهھ بند ٿيڻ لڳا آهن، جنهن ڪري ماضي جي مشهور ۽ تاريخي تفريح گاهھ راڻاسر ترائي اجڙڻ لڳي. ان سلسلي ۾ساڃاهه وندن “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙا تفريح ماڳ علائقن جي سڃاڻپ هوندا آهن، تاريخي ترائي کي سنڌ جي ناليوارن شاعرن شيخ اياز، احمد سولنگي ۽ ٻين به پنهنجي شاعري ذريعي ڀيٽا ڏني آهي، تاريخي ماڳ جي ڪجهه بااثر ڌريون کوٽائي ڪري اصل شڪل کي بگاڙي رهيون آهن، جنهن ڪري ماضي جي مشهور ۽ تاريخي ماڳ جا وهڪرا ۽ لنگهھ بند ٿيڻ جي ڪري برساتي پاڻي جمع نه ٿيڻ جو خدشو آهي. شهرين ۽ ساڃاهه وندن ثقافت کاتي توڙي لاڳاپيل اختيارين کان گهر ڪئي ته راڻاسر ترائي ۾ کوٽائي وارو سلسلو بند ڪرائي تاريخي ماڳ کي اجڙڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button