بشير رياض جيتوڻيڪ افسانا وغيره به لکيا آهن پر بنيادي طور هو هڪ صحافي آهي. سندس چوڻ آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو سان سندس تعلق جنوري 1966 کان شروع ٿيو جڏهين هن ساڻس خط وڪتابت شروع ڪئي. آگسٽ 1967 ۾ لنڊن جي دار چيسٽر هوٽل ۾ انهن ۾ پاڪستان جي سياسي صورتحال ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيام متعلق تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. سندس چوڻ آهي ته کيس ان وقت گھڻي خوشي ٿي جڏهين ڀٽو بيگم نصرت ڀٽو سان سندس پنهنجي هڪ دوست جي حيثيت ۾ تعارف ڪرايو. بينظير سان سندس پهرين ملاقات 1977 ۾ خاڪواني هائوس لاهور ۾ ٿي جتي هو سندس انٽرويو وٺڻ لا ويو هو. 1978 ۾ جڏهين مرتضيٰ ۽ شاهنواز لنڊن منتقل ٿيا ته هي ڀٽو جي حياتي بچائڻ واري مهم ۾ ساڻن گڏ هو. اهو سلسلو لاڳيتو هلندو آيو ۽ ڀٽو کانپو سندس بيگم نصرت ڀٽو، بينظير، مرتضيٰ ۽ شاهنواز سان به ويجھو لاڳاپو رهيو. سندس ڪتاب ڀٽو خاندان- جھد مسلسل ان حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي.
1965 جي پاڪ ڀارت جنگ ڄڻ برطانيا ۾ رهندڙ ڪشميرين کي جاڳائي انهن ۾ هڪ نئين روح ڦوڪي ڇڏي هئي. ڀٽو جي ڪشمير تي موقف ۽ تاشقند ٺاهه جي مخالفت کيس برطانيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو هو. ڀٽو جي سياسي سمجهھ جي واکاڻ ڪندي هو چئي ٿو ته ان وقت برطانيا ۾ پيپلز پارٽي جي تنظيم سازي جو عمل هلي رهيو هو. ان وقت ايم ڪي جنجوعه نالي هڪ همراهه ساڻن گڏ هو جيڪو راولپنڊي سازش ڪيس ۾ جيل به ويو هو. ليکڪ جو خيال هو ته جيئن ته هي همراهه فيض ۽ سجاد ظهير وغيره جي صحبت ۾ رهيو آهي ان ڪري اعتبار جوڳو هوندو. هن ڀٽو کي صلاح ڏني ته ان کي برطانيا ۾ پارٽي جو آرگنائيزر مقرر ڪيو وڃي پر ڀٽو سندس ڳالهه لنوائي ويو. پو اها ڳالهه سامهون آئي ته اهو حڪومت پاران موڪليل ماڻهو هو. ساڳي ريت ان وقت ڀٽو ايوب سرڪار کان الڳ ٿيڻ جي ڪري عتاب ۾ هو پر هن پنهنجن دوستن کي نه وساريو هو. انڊونيشيا ۾ سوئيڪارنو جي حڪومت کي ختم ڪري سندس پرڏيهي وزير سوباندريو کي سوهارتو جي فوجي حڪومت پاران ڦاهي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. سوباندريو 1965 جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ واضح طور پاڪستان جو پاسو کنيو هو ۽ ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي هئي. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ڀٽو ان ڳالهه کان قطع نظر ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪري سگھيا ٿي سوباندريو کي ڦاهي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي ۽ اهڙا بيان ڏيهي ۽ پرڏيهي پريس کي جاري ڪيا.
ڀٽو اقتدار ۾ اچڻ کانپو پريس جي حوالي سان ليکڪ کي اهم ذميواتون ڏنيون. ان وقت گھڻا ليکڪ جي ڀٽو سان ان قربت کي پسند نه ڪندا هئا. اها ڳالهه سڀني جي نظر ۾ هئي ۽ ليکڪ پڻ اها ڳالهه ڪري ٿو. ليکڪ هيپي مينوالا جو ذڪر ڪري ٿو جنهن پنهنجي ليکي ڀٽو جي ويجھو ٿيڻ چاهيو ٿي. پرڏيهي صحافين سان وزير اعظم جي ملاقات ۽ انٽرويو وغيره جي ذميواري ليکڪ جي ذمي هئي پر مينوالا هڪ آمريڪي خاتون صحافي کي ملاقات جو اڍائي ڪلاڪن جو وقت ڏنو جنهن جي وزير اعظم ۽ ليکڪ کي ڪا ڄاڻ نه هئي. اسلام آباد پهچڻ تي ان کي اڌ ڪلاڪ جو وقت ڏنو ويو جنهن تي اها ناراض ٿي ويئي. وزيراعظم کي ليکڪ متعلق غلط اظلاع ڏنا ويا جنهن تي هن ليکڪ سان پنهنجي ناراضي جو اظهار به ڪيو. ليکڪ هڪ سيڪيورٽي آفيسر سعيد جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو اهو تاثر ڏيندو هو ته سڀ ڪم سندس مرضي سان ٿين ٿا. جڏهين هن بيگم نصرت ڀٽو سان ان جو ذڪر ڪيو ته هن جو چوڻ هو ته ان جي ڳالهه نه ڪر هو هڪ پوليس وارو آهي. عدالت ۾ ان ئي ماڻهو ڀٽو خلاف گواهي ڏيندي چيو هو ته هو ته بس حڪم جو ٻانهو هو کيس جيڪي چيو ويندو هو ائين ڪندو هو. اهڙن ماڻهن ڀٽو جو گھيرو تنگ ڪري ڇڏيو هو ۽ ڀروسي وارا ماڻهو پري ٿي ويا هئا.
ليکڪ جو چوڻ آهي ۽ عام طور اهو سمجھيو به وڃي ٿو ته ڀٽو کي 1977 جي چونڊن ڪرائڻ ڏانهن زوري ڌڪيو ويو هو. چونڊن کان پو ڀٽو خلاف تحريڪ کي ڀٽو پاران هڪ عالمي سازش قرار ڏنو ويو. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر ۾ اهڙي تحريڪ هلائڻ جي سگھه ئي نه هئي. اها ڳالهه هن قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ خظاب ڪندي به واضح ڪئي هئي.
جڏهين حڪومت کي ختم ڪري مارشل لا هنيو ويو ته ڀٽو مرتضيٰ ۽ شاهنواز کي هدايت ڪئي ته اهي فوري طور ڪنهن به ريت ملڪ مان نڪري وڃن جڏهين ته بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان ۾ رهيون. ٻيئي ما ڌي پاڪستان ۾ قيد هيون جڏهين ته مرتضيٰ ۽ شاهنواز پنهنجي پڙهائي اڌوري ڇڏي لندن ۾ پنهنجي پي جي حياتي بچائڻ جي جدوجهد ۾ مصروف ٿي ويا. انهن خاص طور ڀٽو جي دوست مختلف حڪمرانن سان رابطا ڪيا. ان دوران ليکڪ جو چوڻ آهي ته هينري ڪسنجر مرتضيٰ کي فون ڪري ٻڌايو ته ضيا شاهه فهد سان واعدو ڪيو آهي ته هو ڀٽو کي ڦاهي نه ڏيندو. ان تي مرتضيٰ کيس چيو ته هو ڪوڙو ماڻهو آهي ان جي ڳالهه تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگھجي. متحده عرب امارات جي امير جا ڀٽو سان ويجھا ذاتي ناتا هئا. هن مرتضيٰ ۽ شاهنواز جي اخلاقي ۽ مالي طور گھڻي مدد ڪئي پر جڏهين مرتضيٰ ڪابل ۾ وڃي رهڻ ۽ اتي پنهنجو مرڪز قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته هن کيس ائين نه ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي. ڇاڪاڻ ته ان وقت اتي سوويت فوجون هيون جنهن جي ڪري اولهه جي ملڪن کان کين جيڪا حمايت ملي پئي اها نه ملي سگھندي. پر مرتضيٰ ان صلاح تي عمل نه ڪيو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته جڏهين ڪابل جي حڪومت الذوالفقار جو گھيرو تنگ ڪيو ته پو ڪابل کان دمشق منتقل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. مرتضيٰ جهاز جي اغوا کان انڪار ڪيو هو. ساڳي ريت حڪومت پاران ان ۾ پيپلز پارٽي کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي ته جيئن ان وقت پاڪستان ۾ ضيا خلاف تحريڪ کي دٻائي سگھجي پر بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو اهڙي ڪنهن ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو.
ڪرنل قذافي ۽ ياسر عرفات سان ڀٽو جا ويجھا ناتا هئا. ليکڪ جو چوڻ آهي ته شاهنواز ڇهه مهينا کن ياسر عرفات وٽ لبنان ۾ رهيو. لنڊن ۾ رهڻ دوران مٿس قاتلانا حملا به ٿيا. ليکڪ شاهنواز جي ميت سان بينظير سان گڏ ڳڙهي خدابخش به ويو هو ۽ پو پنهنجي گرفتاري جي انديشي ڪري جلدي موٽي انگلينڊ آيو هو.
بينظير مرتضيٰ سان ملاقات لا دمشق به ويئي هئي اتي مرتضيٰ کيس غنوا، جيڪا فاطمه کي ٽيوشن پڙهائيندي هئي، سان پنهنجي شادي متعلق ٻڌايو. بينظير کيس صلاح ڏني ته بجائي ڪنهن پرڏيهي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ جي هو پاڪستان جي ڪنهن ڇوڪري سان شادي ڪري ۽ هن ان سلسلي ۾ کيس ڪجهھ ڇوڪرين جا نالا به ڏنا هئا پر مرتضيٰ ان ڳالهه کي کلي لنوائي ويو. ليکڪ اها به ڳالهه ڪري ٿو ته ٻنهي ڀائرن جا شروع ۾ مصطفيٰ کر سان خوشگوار ناتا هئا جيڪي پو خراب ٿي ويا. مرتضيٰ کيس کر سان ملڻ کان منع ڪيو جڏهين ته بينظير کيس کر سان رابطي ۾ رهڻ لا چيو هو. هن بينظير جي چوڻ تي عمل ڪيو جنهن جي ڪري مرتضيٰ گھڻي عرصي تائين ساڻس تعلق ئي ختم ڪري ڇڏيو.
بينظير ۽ مرتضيٰ جي اختلافن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. پر ليکڪ سميت گھڻا اهڙا ماڻهو هئا جن انهن کي ويجھي آڻڻ جي ڪوشش به ڪئي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته سندن اهڙي هڪ ملاقات کانپو پشاور مان مرتضيٰ جا ڪجھه ڪارڪن کيس پشاور ڪنهن گڏجاڻي لا وٺي وڃڻ لا آيا. اهي مٿس ان لا ڪاوڙيل هئا ته هن بينظير سان ملاقات ڇو ڪئي جڏهين ته مرتضيٰ کي انهن کي وضاحت ڏيڻي پئي ته اها ڪا سياسي گڏجاڻي نه پر هڪ ڀا ۽ ڀيڻ جي ملاقات هئي. مرتضيٰ جي پارٽي ۾ گھڻا اهڙا ماڻهو اچي ويا هئا جن جو مفاد ان ڳالهه ۾ هو ته انهن ٻنهي ۾ ڪا صلح نه ٿئي.
بينظير کي جيڪا حڪومت ملي اها ڪيتري بااختيار هئي ان جي سڀني کي ڄاڻ آهي پر ان سلسلي ۾ بينظير جي اها ترجيح هئي ته ضيا جي دور ۾ پارٽي جي ڪارڪنن جيڪي تڪليفون سٺيون هيون انهن جو ڪنهن حد تائين تدارڪ ڪيو وڃي ۽ کين ريليف ڏنو وڃي. ان حوالي سان اليڪشن لا پارٽي ٽڪيٽ وغيره ڏيڻ جو معاملو به گھڻو منجھيل هو. ليکڪ اهڙن ڪجهھ اڳواڻن جو ذڪر ڪري ٿو جن فائدن حاصل ڪرڻ لا وزيراعظم کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو هو. خاص طور عدم اعتماد واري تحريڪ جي موقعي تي پارٽي جي ڪجھه اسمبلي ميمبرن وڌ ۾ وڌ فائدا حاصل ڪرڻ لا اهو ڏيکا ڏيڻ شروع ڪيو هو ته مٿن مخالف ڌر پاران گھڻو دٻا هو.
گھڻن ٻين ماڻهن جيان ليکڪ به اها ڳالهه ڪري ٿو ته مرتضيٰ جي قتل کي بينظير جي حڪومت ختم ڪرڻ لا ان صدر پاران استعمال ڪيو ويو جنهن کي هو پنهنجو وڏو ڀا چوندي هئي.
بشير رياض لنڊن ۾ هوندي ڀٽو ۽ سندس خاندان سان لاڳاپيل رهيو. هن برطانيا جي مختلف شهرن ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ پارٽي جي تنظيم ۽ ان جي مختلف جلسن وغيره جو انعقاد پڻ ڪيو. ان سان گڏوگڏ سندس وڏو ۽ اهم ڪم اهو هو ته اتي هن هفتيوار مساوات جاري ڪرڻ شروع ڪئي جنهن ۾ پاڪستان مان گھڻو اهڙو مواد ايندو هو جيڪو اتي شائع نه ٿي سگھندو هو. ان کانسوا ڀٽو جي مختلف ڪتابن جي مسودن کي ڪنهن طريقي سان لنڊن آڻي اتان دهلي ۾ انهن کي اشاعت لا موڪليو ويندو هو.
ڀٽو خاندان ۽ پارٽي سان ويجھي لاڳاپي هئڻ ڪري هن ڪتاب مان گھڻين ڳالهين جي خبر پئي ٿي.