ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مڪاني چونڊون: سنڌ لاءِ نئين خوشخبري

Editorial-Article Mohammad Khan Sial

اھا سنڌ لاءِ نئين خوشخبري آھي ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي شھر ۽ سنڌ جي گاديءَ واري مکيه شھر ڪراچيءَ ۾ جيڪي تازو ميونسپل جون عام چونڊون ٿيون آھن، تن جو نتيجو، سنڌ لاءِ ڪيترن ورھين کان پوءِ بھتر نڪتو آھي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جون حالتون ڄاڻي واڻي خراب ڪيون ويون ھيون ته جيئن ڪراچيءَ جو اھم شھر، سنڌ جي عوام کان ڦري سگهجي. جيتوڻيڪ سنڌ جي عوام ضرورت کان گهڻو وڌيڪ، ھندستان کان آيل مھاجرن جي تاريخي ۽ دلي مدد ڪئي ھئي. شھيد ڀٽي به ڪراچيءَ کي وڏي اھميت ڏني ھئي. پنھنجي دور ۾ پھريان، سنڌ جو وڏو وزير ۽ گورنر ٻيئي سنڌي مقرر ڪيائين. اھا سو سيڪڙو سچائي آھي ته ون يونٽ ٽٽڻ کان اڳ. اڪيلو شھيد ڀٽو ھو جنھن زوردار تحريڪ ھلائي ھئي ته ڪراچي سنڌ کي موٽائي ڏيو. جڏھن ته قومپرست جي ايم سيد جي زوردار تحريڪ ھلائي ھئي ته ڪراچي سنڌ کي نه کپي. اٺ سو ڪروڙ رپيا ڏيو ته ڄامشوري وٽ گاديءَ جو نئون شھر اڏيون. بھرحال، شھيد ڀٽي جي ڪراچي موٽائڻ جي تحريڪ ڪامياب ٿي وئي، جنھن ۾ سنڌ جو فائدو سمايل ھو ۽ آھي.
بھرحال، اچو ته تازو ٿيل چونڊن جي مختصر ڇنڊڇاڻ ڪريون. شھيد ڀٽي جي دور کان پوءِ پھريون ڀيرو ڪراچيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) پنھنجو جھنڊو، شھر جي مٿان لھرائي ڇڏيو آھي. پ پ پ 93 سيٽون کٽيون آھن ۽ اھا شھر جي سڀ کان مکيه پارٽي بڻجي وئي آھي. ميونسپل چونڊن ۾ جماعت اسلامي 87 سيٽون کٽيون آھن. جڏھن ته ايم ڪيو ايم بائيڪاٽ ڪيو آھي.
ٻئي طرف، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) رڳو 42 سيٽون کٽيون آھن ۽ اھا به خبر آھي ته پي ٽي آءِ جي ڪراچيءَ جو صدر ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر خرم شير زمان ميونسپل (يو سي) سيٽون ھارائي ويو آھي، جيڪو عمران دور ۾ سنڌين خلاف بيان جاري ڪندو رھندو ھو. بلدياتي چونڊن ۾ (ن) ليگ ست، جي يو آءِ ايف ٽي ۽ ٽي ايل پي ھڪ ھڪ سيٽون کٽيون آھن. جڏھن ته مھاجر قومي موومينٽ رڳو ھڪ سيٽ کٽي آھي. ڪل 246 سيٽون آھن، جن مان 11 سيٽن جون چونڊون ملتوي آھن.
ٻئي طرف، حيدرآباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي 92 يوسيز سيٽون کٽي ميئر بڻائڻ جي پوزيشن ۾ آھي. جڏھن ته پي ٽي آءِ 38 سيٽون کٽيون آھنِ. اھا به اخباري خبر آھي ته پي ٽي آءِ دستور موجب ڌانڌليءَ جا الزام ھنيا آھن.
ٻئي طرف، سيوهڻ ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چوڻ آهي ته مڪاني چونڊون خطرن باوجود پرامن طريقي سان ٿي ويون. سنڌ جي عوام اسان تي ڀروسو ڪري تاريخي ڪاميابي ڏياري آھي. سيوهڻ جي دوري دوران پنهنجي اباڻي ڳوٺ واھڙ ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي مراد علي شاهه جو چوڻ ھو ته پي ٽي آءِ وارا آرام ۾ هئا ته سليڪٽ ٿي ويندا. 2018ع ۾ انهن کي فرشتا ووٽ ڏئي ويا پر هاڻي ايئن نه ٿيو، صاف ۽ شفاف اليڪشن ٿي آهي. پي ٽي آءِ کي سڄي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ ميئر، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) جو حق آهي. سندس چوڻ ھو ته عمران خان اسيمبلين ۾ واپس اچي ته سٺي ڳالھه آهي پر هو صبح جو هڪ ۽ شام جو ٻي ڳالهه ڪندو رھندو آهي، ان جو نالو ئي يوٽرن خان آهي. سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبليءَ ۾ ڪو به اپ سيٽ نه پيو ٿئي، قومي اسيمبلي ۽ سنڌ، بلوچستان جون صوبائي اسيمبليون پنهنجو مدو پوريون ڪنديون. پنجاب جي اسيمبلي ٽوڙي عمران پريشان آهي، پنجاب ۾ هاڻي نگران وڏي وزير جو معاملو هلي پيو، اپوزيشن ليڊر سان صلاح ڪرڻي پوندي نه ته معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندو.
منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب ٻن پارٽين جون اھم سيٽون نه کٽڻ سنڌ جي فائدي ۾ آھي. اھي پارٽيون آھن: بائيڪاٽ ڪندڙ لساني تنظيم ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ. ھاڻي ٻنھي پارٽين جي عوام جي فائدي واري ڪارڪردگيءَ تي ڳالھائڻو پوندو. ايم ڪيو ايم جو ڪردار سدائين سنڌ دشمن رھيو آھي. اھي اڳ ۾ به پنھنجن پارٽي ميمبرن ۽ ٻين کي ڌمڪيون ڏئي يا ڪن کي ڪوڙا آسرا ئي ووٽ وٺندا رھيا ھئا. عوام اھو سوچڻ تي مجبور ٿي پيو آھي ته ِانھن ته عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ٽڪو به کليو کلايو ڀلائي ناھي ڪئي پر کين سنڌين کان زوردار نفرت رھي آھي سا کين ڇڏڻ گهرجي. مون کي ياد آھي ته مان لياريءَ ۾ اٽڪل 37 سال رھيو آھيان. شھيد بينظير ڀٽي وزيراعظم ٿي ھئي ته ھن شھيد ڀٽي وانگيان ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي مکيه آبادي لياريءَ جي ترقيءَ لاءِ نوان نوان اعلان ڪيا. انھن ۾ فيصلي موجب پاڻي پھچائڻ لاءِ ٻاھران نيون لائينون وڇايو ٿي ويون. اھا لائين لياريءَ مين ھائوس ۾ مون پاڻ ڏٺي ھئي، جيڪا باقاعدي داخل ٿيل ھئي پر وزيراعظم بينظير جي سرڪار ختم ڪئي وئي ته ايم ڪيو ايم وارن لياريَ کي پاڻيءَ جي نئين اھم لائين واري ضرورت ترت ختم ڪرائي ڇڏي ۽ لياريءَ جا ماڻهو ڪيترا سال پاڻيءَ جي کوٽ لاءِ پريشان رھيا.
ھاڻي اچو ته عمران خان جي پارٽي پي ٽي آءِ بابت ڳالھايون. انھن کي گذريل عام اليڪشن ۾ اسٽيبلشمنٽ چونڊي، وزيراعظم بڻايو پر ھن سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ ٽڪو به ڪم ڪونه ڪيو. ويچارو رڳو اختلافي يا وري وڻندڙ بيان جاري ڪندو رھندو آھي. تازو ھن بيان ڏنا ته ڊويزنن کي صوبا بڻايو پر سندن اصل مقصد سنڌ ٽوڙڻ ئي آھي. اھڙو ٻيو بيان به ميڊيا ۾ آيو پر اسان وٽ ڪيترا سنڌي اھڙا آھن جيڪي عمران خان جي سنڌ دشمنءَ وارن بيانن خلاف اکر به ڪونه ٿا ڪڇن ۽ رڳو اھو اعلان ڪندا رھن ٿا ته عوام جي چونڊيل سنڌ سرڪار ڀلي ختم ٿئي ته جيئن عمران اقتدار ۾ اچي. منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب جيڪڏھن عمران اقتدار ۾ آيو ته ھو سنڌ ضرور ٽوڙيندو ۽ اسان وٽ ڪيترا ماڻهو خوشيءَ ۾ ڊانسون ڪندا ته ڀلي عوام جي چونڊيل سرڪار ختم ٿئي ۽ اڻ سڌي ريت اھو چاھين ٿا ته عمران خان سنڌ ٽوڙي ته ڀلي ٽوڙي نه ته شايد سندس حمايت بلڪل ڪونه ڪن ھا.
سنڌ ۾ تازو ٿيل ميونسپل اليڪشن جي نتيجي ۾ اھو چئي نٿو سگهجي ته ايندڙ عام اليڪشن ۾ ڪھڙي پارٽي کٽيندي؟ ڇاڪاڻ ته صورتحال ۾ تيزيءَ سان تبديلي اچي رھي آھي پر اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي ته عمران خان پوڻا چار سال وزيراعظم رھيو پر عوام جي ڀلائيءَ لاءِ سکڻن بيانن کان سواءِ ھن ٽڪو به ڪم ڪونه ڪيو پر جيڪڏھن ھو سنڌ سميت پاڪستان جي ڀلائيءَ لاءِ باقاعدي ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪوششون ڪري ھا ته اسين سندس حمايت ڪريون ھا پر سکڻن خوبصورت بيانن تي عام ماڻھن جو گذر سفر ڪونه ٿيندو آھي. ساڳي وقت اسان جي سنڌ جي مختلف شھرن کان ڪراچي آيل پراڻن سنڌين کي عر ض آھي ته ھو پنھنجا ووٽ ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرائين ته جيئن اڳتي ھلي سنڌ جو فائدو ان ۾ شامل ھوندو.
اليڪشن ۾ سنڌ جي دائمي مفاد خاطر، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ کي ووٽ نه ڏيو. مطلب ته سنڌ ٽوڙڻ وارن حامين کي ووٽ نه ڏيو. البت مختلف پارٽين کي ووٽ ڏيڻا آھن ته اھو اوھان جو قانوني حق آھي جنھن کان انڪار ڪونھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button