ماحولياتي تبديلين جو سوال هن وقت سموري دنيا اندر انتهائي ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي ۽ پاڪستان وري ڪجھه اهڙن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪي ماحولياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن هيٺ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. واضح ڪندا هلون ته اهڙي ماحولياتي بگاڙ جو سڀ کان وڏو سبب اها غيرذميوار صنعتي واڌ آهي، جيڪا فاسِل فيول يعني ٻارڻ وارن وسيلن مان پيدا ٿيندڙ توانائي تي آڌاريل آهي. اها توانائي جيڪا تيل، گئس يا ڪوئلي جهڙن اسمن مان حاصل ڪئي وڃي ٿي. هاڻ ٿيو ايئن آهي جو اهڙن ماحولياتي ناڪاري اثرن کي گهٽائڻ لاءِ ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ “انرجي ٽرانزيشن ميڪينزم” جي سِري هيٺ هڪ اسٽڊي ڪرائي رهي آهي ۽ ان اسٽڊي ۾ پاڪستان اندر توانائي جي شعبي کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. پر مسئلو اهو آهي ته ڪوئلو جيڪو هن وقت پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جو مکيه وسيلو بڻجي سامهون آيو آهي ۽ ان ۾ ٿر مان ملندڙ ڪوئلي مٿان وڏيون رٿائون رٿيون ويون آهن، تنهن کي انهي گهربل صورت ۾ اهڙي اسٽڊي ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، جنهن جي اصل معنيٰ ۾ گهرج آهي. تنهن ڪري ٿر جي سجاڳ ڌرين، جنهن ۾ سماجي ڪارڪن، وڪيل، صحافي ۽ ٿرڪول رٿا کان سڌو سنئون متاثر ٿيندڙ مقامي مارو لوڪ شامل آهن، تن گڏجي ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ سان هڪ خط وسيلي لک پڙهه ڪندي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ پاڻ اڄ پڙهندڙن سان اهڙو اظهار ونڊڻ لازمي سمجهون ٿا ته جيئن ٿرڪول رٿا بابت مقامي آبادي جي وڌندڙ ڳڻتي کي سمجهي سگهجي.
ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ سان ٿيل عوامي لک پڙهه ۾ ٿرواسي چون ٿا ته:
” اسين سمورا ٿرواسي پنھنجي ھن حال احول جي شروعات سنڌيءَ جي انھي مشھور چوڻي سان ڪرڻ ٿا چاھيون، جيڪا چوڻي اسان جي ھاڻوڪي حال جي سورنھن آنا آئيندار سمجھي ٿي سگھجي. سائين منهنجا!! سنڌي ۾ ھڪ چوڻي آھي ته:
“ڀَت ڀوتارن جو، چَٽي راڄ تي”
دراصل انھي چوڻي جو مطلب اھو ٿو وڃي بيھي ته ڀوتار جڏھن به پنھنجي ڪنھن شوق توڙي مفاد ۾ ڪوئي ڪاڄ ڪندو آھي ته ان ڪاڄ جي ڪم ڪار ۾ وسيلا به سموري راڄ جا ڪتب ايندا آھن ۽ انھي ڪاڄ جو جيڪو نقصان ٿيندو آھي، تنھن ۾ ڀوڳڻو به سڄي راڄ کي پوي ٿو. سو اڄ انھي ساڳئي تناظر ۾ اسين ٿرواسي جيڪو ھي خط لکي رھيا آھيون، تنھن جي گھرج ان ڪري پئي جو اسان جي علم ۾ آيو آھي ته ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ پاران پاڪستان ۾ فاسل فيول مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي پيداوار گھٽائڻ ۽ تجديد جوڳي توانائي جي واڌاري لاءِ انرجي ٽرانزيشن ميڪنيزم “اي ٽي ايم” بابت ھڪ اسٽڊي ڪرائي پئي وڃي. اسان کي خبر پئي آھي ته انھي اسٽڊي جي نتيجن ۽ سفارشن جي بنياد تي ئي اھو طئي ٿيڻو آھي ته ڪوئلي، گيس ۽ تيل تي ھلڻ وارا ڪھڙا بجلي گھر بند ڪجن ۽ ڪھڙن کي ھلڻ ڏنو وڃي. ان مان لڳي اھو ئي ٿو ته پاڪستان ۾ بجلي بابت سموري رٿابندي، انھي اسٽڊي جي بنياد تي ئي ٿيڻي آھي.
اسين ٿرواسي صدين کان پنھنجي سٻاجھي سرزمين ۾ مورن جيان آزاد ۽ فطرت سان جڙيل ٿانيڪي زندگي گذاريندا پيا اچون. پنھنجن جُھوپن، کوھن، کيتن ۽ ڌڻن ڌنارن سان پنھنجن ٻنين توڙي گئوچرن ۾ سدا گد گد رھيا آھيون. ٿر جا پکي پکڻ توڻي وڻ ٻوٽا اسان کي سدا پنھنجن ٻچن ۽ ڀاتين جيان محسوس ٿيا آھن. اسان جو اتھاس اھو رهيو آھي جو ٿر ۾ جڏھن جڏھن به ساوڻ ساٺ ٿي ڪيا، تڏھن انھي مھربان مُند جي ميگھه ملھارن سان سمورو ٿر سينگارجي نئون بنون ٿي پوندو ھو. اسان جون ترائيون ڀرجي وينديون ھيون، کوھن جو جَر تازو ٿي پوندو ھو ۽ ھر پاسي وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا ٽِڙي پوندا ھئا. اسان جون گئوچر واريون زمينون رنگا رنگي صحت بخش گاھن سان سٿجي وينديون ھيون ۽ اھو ڏسي اسين پاڻ توڙي اسان جا ڍور ڍڳا سرھا پيا ٿيندا ھئاسون. انھي مند ۾ اسين پنھنجن کيتن اندر ٻاجھريون، تِر، مُڱ، گُوار ۽ ٻيا ٿر جا فصل پوکي ٻارھئي جو ثمر سھيڙي وٺندا ھئاسون. گاھه سان سٿيل اسان جي گئوچرن ۾ اسان جون رڍون ٻڪريون، ڍڳيون ڍڳا ۽ اُٺ ڏاچيون آزادي سان پيا وڙڪندا ۽ چرندا ھئا. جيڪڏھن ڏُڪار واري ڪنھن سال اسان کي پنھنجن پَٽَن تان لڏپلاڻ ڪرڻي به پئجي ويندي ھئي تڏھن به اسان جي اکين ۾ ٿر تي وسڪاري جا اڃارا خواب پيا ڪَر موڙيندا ھئا ۽ پنھنجي مارُو ديس ڏانھن ٻيھر موٽڻ واري سِڪ پئي اُڌما کائيندي ھئي. اھڙن ڏينھن ۾ ٿر مٿان مِينھن جي ڪا ھِڪ ڦُڙي پوڻ جي اسان کي ڪا سُڌ پئي ناھي ۽ اسان پنھنجي ويڙھيچي وطن ڏانھن مھارون ورايون ناھن!! اھو ان ڪري جو اسين پيڙھين پُرکن کان ھر ڏُک سُک ۾ پنھنجي مِٽيءَ سان جُڙيل رھيا آھيون.
ايئن ھلندي ھلندي اوچتو ايئن ٿيو جو زماني ڦيرو کاڌو ۽ ڪجھه سال پھرين ترقي جي نالي تي ٿر ۾ ڪوئلي جون کاڻيون کوٽڻ ۽ ڪوئلي تي ھلندڙ بجلي گھر لڳڻ شروع ٿي ويا. تن ڏينھن جي مُھڙ ۾ اسان کي اھي خواب ڏيکاريا ويا ته بجلي پيدا ڪرڻ واري اھا رٿا ٿر واسين جي اصل تقدير بدلائڻ جي ضامن ھوندي. جنھن رٿا وسيلي ٿر جي ھر وستي واھڻ ۾ مفت بجلي مھيا ڪئي ويندي، مقامي ماڻھن کي بھتر کان بھتر روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا ملندا، ھر ڳوٺ تائين مِٺي صاف پاڻي جي فراھمي کي يقيني بڻايو ويندو. ان سان گڏ ٿر ۾ تعليم توڙي صحت جي معياري سھوليتن کي عام ڪيو ويندو ۽ ٿر ۾ رستن جو ڄار وڇايو ويندو. ٿُلھي ليکي ڳالهھ جو مطلب اھو ته ٿر ۾ ھر پاسي رڳو سُک ئي سُک ھوندو. پوءِ سائين ٿيو هيئن جو اھڙا اوپرا خواب ڏيکاري سگھو ئي ڪوئلي واريون ڪمپنيون اسان کان پنھنجين اباڻين ٻنين جي گُھر ڪرڻ لڳيون. پر فطرت اسان کي اندر مان اھا سُڻس ۽ سُڌ ڏني ته اھي ڪوڙا خواب ڏيکاري اسان سان پڪ ڪوئي ڌوڪو ڪيو پيو وڃي ۽ اڳيان ھلي اسان جو اھو شڪ سچ به ثابت ٿيو. اصل ۾ اسان ٿرواسين پنھنجن پَٽَن کان پري وڃڻ جو ڪڏھن سوچيو ئي جو ڪونه ھو، سو اسان پنھنجيون اھي ٻنيون ڪيئن ٿي وڪڻي سگھياسين، جن ٻنين ۾ اسان جي پيڙھين جو حق حلال وارو پورھيو ۽ ساھه سمايل ھو!؟ تنھن ڪري ظاھر آھي اسان پنھنجيون ٻنيون وڪڻڻ کان انڪار ڪيو. جنھن کان پوءِ ٻنيون وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪمپنين اول ته اسان کي وڏيون وڏيون لالچون ڏنيون پر اسين جڏھن ڪنھن به لالچ تي نه ھِرکياسين تڏهن اسان کي ڌمڪيون ڏيڻ تي لھي آيا ۽ اسان جي پَکن پھنوارن مٿان پوليس چڙھايون شروع ٿي ويون. پوءِ اھڙي زبردستي ۽ بيواجبي خلاف اسان به مزاحمت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ عوامي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لڳاسين. انھن عوامي احتجاجن ۾ اسان اھا گُھر ڪئي ته:
ابا!! جيڪڏھن قومي ترقي لاءِ اوھان کي اسان جون ٻنيون ھرحال ۾ گھرجن ٿيون ته پوءِ اسان کان اسان جون زمينون لِيز تي ورتيون وڃن. پر الميو اھو آھي جو اسان جي ھِڪ به نه ٻُڌي وئي ۽ ڪمپنين پوليس چاڙھي اسان کان زبردستي زمينون کسڻ شروع ڪيون.
اڄ حال اھو آھي جو ٿرڪول فيلڊ جي ٻن بلاڪن “بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽُو” سان لاڳو گوڙاڻو، ڌُڪڙچو ۽ ويجيھار جھڙن ڪيترن ئي ڳوٺن تائين اسان جي ھزارين ايڪڙ سروي زمين، يڪسالي وارا پَٽ توڙي گئوچر واريون واديون ڪمپنين اسان کان ڏاڍ ۽ جبر وسيلي کسي ورتيون آھن ۽ اھڙين ٻنين جي بدلي ۾ اسان کي ملڻ وارو معاوضو بِنَهه نه ھجڻ جي برابر آھي. ان سان گڏ اھو ظلم به ڏسو جو ڪمپنين وارا چون ٿا ته اھي گئوچر ۽ يڪسالا ته اوھان جا آھن ئي ڪونه، جو اھي سرڪار جي ملڪيت آھن. تنھن ڪري انھن جي معاوضي جو ته ڪو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. ھاڻ اھو آھي انصاف انھن ادارن جو، جن شروع ۾ اسان کي اچي اھو چيو ھو ته اسين اوھان جي تقدير بدلائڻ آيا آھيون!! ان سموري ناانصافي واري جھان ۾ ڪمپنين اسان کي جيڪڏھن ڀُڳڙن مُٺ ڪنھن معاوضي جو حقدار ڄاڻايو به آھي ته اھو فقط اسان جي سروي زمين لاءِ بس!! ان جو مطلب اھو ٿيو جو ڪوئلي واري رٿا ھيٺ زمين مان ٿرواسين کي رڳو پنجٽيھه سيڪڙو زمين جو ئي نالي ماتر معاوضو ملي سگھندو جڏھن ته پنجھٺ سيڪڙو اسان جي زمين کان اسان کي زبردستي ڌڪي ڌار ڪيو ويو آھي.
(هلندڙ)