ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام لاءِ موت جو پروانو

Editorial-Article- Yameen Jatoi

“ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ نه ڏينداسين، بحران مان نڪري وينداسين، عوام تي بار پوڻ نه ڏينداسين.” وغيره اهي بيان حڪمرانن جي واتان آئي ڏينهن ٻڌڻ لا ملن ٿا پر حقيقت ان جي ابتڙ ئي آهي. عوام کي رليف ڏيڻ لا هي ڪيترا سنجيده آهن اهو اٽي واري صورتحال مان ئي پڌرو آهي. رڳو ڪوڙ ڳالهائين ٿا. اصل ۾ ڪوڙ ئي هنن جي سياست يا اڃا به هيئن کڻي چئجي جو سندن ڌنڌو آهي. هنن ڪوڙن حڪمرانن هن وقت عوام جو جيڪو حشر ڪيو آهي، ان جو ماضي ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. ملڪ ۾ عوام جي بهتري جي ڪوششن جون سموريون دعوائون ڪوڙيون آهن، عوام لا ويجهي مستقبل ۾ ڪجهه به بهتر ڪونه پيو ٿئي. جيڪڏهن بهتر ٿيندو به ته اهو صرف ۽ صرف حڪمرانن لا ئي ٿيندو، هنن جا ئي وارا نيارا ٿيڻ وارا آهن، جيڪڏهن آ ايم ايف به قرض ڏيئي ٿي ته ان مان ڀرپور فائدو هتان جو رت پياڪ حڪمران طبقو ئي کڻندو. آ ايم ايف جا قرض اصل ۾ عوام لا موت جو پروانو آهن، هن مهانگائي جي محشر ۾ جيڪڏهن آ ايم ايف ڳرا شرط رکي قرض ڏيئي ٿي ته عوام بک مرڻ لا تيار ٿئي، 50 سيڪڙو مهانگائي وڌي ويندي. عوام کي کائڻ لا ڪجهه به نه ملندو. هاڻي کان ئي حڪمرانن آ ايم ايف کان قرض جي سلسلي ۾ چوڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته آ ايم ايف جون ڳالهيون مڃڻيون پونديون ۽ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.
جيئن مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا ٻڌايو آهي ته “آئي ايم ايف جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن، ڪوشش آهي ته غريب ماڻهن تي بار نه پوي. پر جيڪڏهن آئي ايم ايف اسان جي ڳالهه نه مڃي ته پروگرام ۾ وڃڻ لا آ ايم ايف جون ڳالهيون مڃڻيون پونديون ۽ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. اسان هن وقت ڪرائسز ۾ هلي رهيا آهيون، جيئن اسان هلون پيا ائين هاڻ نٿو هلي سگهجي. هر ڪو پنهنجو تڪ بچائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ملڪ جي نه. ايل سيز ناهي روڪي، ضروري شعبن جي اسٽيٽ بئنڪ ايل سيز کولڻ جي پابند آهي. اسان پريشان آهيون پر اسان وٽ پلان موجود آهي. جڏهن ته فارما سوٽيڪل ايسوسيئيشن خبردار ڪيو آهي ته ڪچي مال لاءِ ايل سيز نه کليون ته ايندر مهيني ملڪ ۾ دوائن جي کوٽ ٿي ويندي.” خميس تي سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت قائما ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪريٽر اسٽيٽ بئنڪ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته “حڪومت ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 5 ڏهائي 5 ارب رپيا گهٽايو. پاڪستان پرڏيهي قرض به ادا ڪيو آهي.” سينيٽر محسن عزيز چيو ته “ايل سيز نه کلڻ ڊيفالٽ ئي آهي، ملڪ 75 هزار ڀيرا ڊيفالٽ ٿي چڪو آهي.” عائشا غوث پاشا چيو ته “هن وقت پاڪستان ۾ غير معمولي صورتحال آهي ۽ ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن جو حل اسان کي گڏجي ڪڍڻو پوندو.” ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشا غوث پاشا چيو ته “چاهيون ٿا ته آئي ايم ايف پروگرام جلد بحال ٿي وڃي ۽ ان لا آئي ايم ايف سان ڳالهيون به هلي رهيون آهن. ايڪسچينج آف نوٽيس ٿي رهيا آهن ۽ ورچوئل ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي. آئي ايم ايف جي معاملي تي ڪالهه اسٽيٽ بئنڪ سان اجلاس به ٿيو اسان چاهيون ٿا ته هي معاملو تيزي سان اڳتي وڌي.” ان گڏجاڻي جي ڪارروائي مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندن صورتحال ڪهڙي آهي. حالت اها آهي جو مٿن ڪير به اعتبار ڪرڻ لا تيار ڪونهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي سعودي عرب کان امداد واري رقم ملڻ ۾ دير جو سبب سامهون اچي ويو، سعودي حڪومت گرانٽ، ڊپازٽ ۽ سيڙپڪاري کي معاشي سڌارن سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي، سعودي ناڻي واري وزير چيو آهي ته “پهرين اسان ڪنهن به شرط کانسوا پئسا ڏئي ڇڏيندا هئاسين پر هاڻي ايئن نه ٿيندو، سعودي عرب پنهنجي ماڻهن کان ٽيڪس وٺي ٿو، تنهنڪري جيڪي اسان کان امداد وٺن ٿا، انهن کي به ائين ڪرڻو پوندو ۽ پاڪستان سميت ٻين ملڪن کي ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻڻا پوندا.” سعودي وزير جو اهو بيان واضح اشارو آهي ته کين امداد هاڻ: ايڏو آساني سان نه ملندي، جيڪڏهن حڪمران سعودي جي شرط تي عمل ڪن ٿا، ته ان جو به سڌو اثر عوام تي ئي پوندو، ٻين لفظن ۾ عوام جو هر پاسي کان گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي.
هوڏانهن ٻي اڳڀرائي اها ٿي آهي ته پاڪستان روس کان ڪچو تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. روس کان ڪچي تيل جي خريداري ۽ پاڪستان اسٽريم گئس پائپ لائن بابت اسٽرڪچر کي مارچ ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي، پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٽي معاهدا طئي ٿيا آهن. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ڪسٽم معاملن ۾ سهڪار بابت معاهدي، پاڪ روس واپاري سامان جي ڪسٽمز ويليو تي دستاويز ۽ ڊيٽا جي ڏي وٺ جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون. روس ۽ پاڪستان وچ ۾ بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل گڏيل پڌرائي موجب پاڪستان روسي توانائي جي خريداري دوست ملڪن جي ڪرنسين ۾ ادائيگي ڪندو. ڌرين واپار، سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. تيل ۽ گئس جي واپاري ڏي وٺ جو اهڙو ڍانچو ٺاهيو ويندو، جنهن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو پهچي. روس ۽ پاڪستان توانائي سهڪار لاءِ گڏيل منصوبي تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان اسٽريم گئس پائپ لائن پراجيڪٽ جي گڏيل انفرا اسٽرڪچر تي غور ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پاڪستان اسٽريم گئس پائپ لائن سان سستي گئس فراهمي لاءِ پائيدار انفرا اسٽرڪچر ٺاهڻ تي غور ڪيو ويو. پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ڪسٽم معاملن ۾ سهڪار بابت معاهدي، پاڪ روس واپاري سامان جي ڪسٽمز ويليو تي دستاويز ۽ ڊيٽا جي ڏي وٺ جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون. گڏيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪ روس ايروناٽيڪل شين جي هوائي قابليت تي ڪم ڪرڻ جو معاهدو به طئي ڪيو ويو آهي. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي توانائي واري وزير مصدق ملڪ چيو ته “اسان مارچ ۾ روس کان ڪچو تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل درآمد ڪرڻ شروع ڪنداسين. في الحال پاڪستان کي ڏيڻ لاءِ روس وٽ ايل اين جي ناهي، پاڪستان روس سان پنهنجي مجموعي ضرورت جو 35 سيڪڙو ڪچو تيل درآمد ڪرڻ چاهي ٿو.”
ڏسجي ته اهو “معاهدو” ڪيڏي تڪڙي عملي شڪل وٺي ٿو پر هن مهل عالمي سطح تي جيڪا صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، اها انتهائي ڳنڀير آهي. روس ۽ آمريڪا هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن، کڻي سڌي ريت نه سهي پر اها سڀني کي خبر آهي ته يوڪرين بحران پويان اصل ۾ ناٽو يا اولهه جون طاقتون ئي بيٺل آهن، روس يوڪرين ۾ ناڪامي تي ايٽمي جنگ جو امڪان به ڏيکاري ڇڏيو آهي. ان وچ ۾ جيڪڏهن پاڪستاني حڪمران روس سان ايئن معاهده به ڪندا ۽ آ ايم ايف کان قرض به ملندن ته معاملو ڪجهه سمجهه کان مٿي ٿي وڃي ٿو. بهرحال، ڪجهه به ٿئي عوام وڌيڪ عذاب ڀوڳڻ لا تيار ٿئي. ڇاڪاڻ ته هي رت پياڪ حڪمران طبقو عوام کي باهه ۾ اڇلڻ لا هر ڪڌو ڪم ڪرڻ لا تيار ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button