ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

معاشي غيريقيني

Editorial

ملڪ ۾ معاشي غيريقيني آهي عوام هر وقت ان ڳڻتي ۾ آهي ته اڄوڪو ڏينهن ته جيئن تيئن ڪري گذري ويو سڀاڻي ڇا ٿيندو ان جي ڪا به سڌ ناهي. ان غيريقيني واري صورتحال جي ڪري اهي به افواهه گردش ڪن پيا ته ايندڙ مهيني تيل جي قلت پيدا ٿي ويندي، جنهن تي پيٽروليم وزارت کي بيان به جاري ڪرڻو پيو آهي. پيٽروليم وزارت ملڪ ۾ تيل جي کوٽ جي خبرن تي وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي. پيٽروليم واري وزارت وضاحتي بيان ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ تيل جا گهربل ذخيرا موجود آهن، کوٽ جو ڪو امڪان ناهي، کوٽ جون خبرون بي بنياد آهن. پيٽروليم واري وزارت عوام کي اپيل ڪئي آهي ته افواهن، اڳڪٿين ۽ گمراهه ڪندڙ اطلاعن تي ڌيان نه ڏيو. هوڏانهن پاڪستان اسٽيٽ آئل به بيان جاري ڪيو آهي ته ملڪ ۾ تيل جا ذخيرا اطمينان جوڳي سطح تي موجود آهن، اسان وٽ تيل جا ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود آهن. واضح رهي ته اهي خبرون سامهون آيون هيون ته ملڪ جي بئنڪن آئل ڪمپنين جي پيٽرول امپورٽ ايل سيز کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب فيبروري جي شروعات کان پيٽرول جي کوٽ ٿي سگهي ٿي.
اسان اها ئي اميد ٿا ڪيون ته ايئن ٿئي، پر جيڪا معاشي غيريقيني آهي ان سان بهرحال عوام ۾ ڏينهون پريشاني وڌي رهي آهي، جنهن و تدارڪ بهرحال حڪمرانن کي ڪرڻ گهرجي. بهرحال، هڪ ٻي اڳڀرائي اها ٿي آهي ته پاڪستان روس کان ڪچو تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. روس کان ڪچي تيل جي خريداري ۽ پاڪستان اسٽريم گئس پائپ لائن بابت اسٽرڪچر کي مارچ ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي، پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٽي معاهدا طئي ٿيا آهن. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ڪسٽم معاملن ۾ سهڪار بابت معاهدي، پاڪ روس واپاري سامان جي ڪسٽمز ويليو تي دستاويز ۽ ڊيٽا جي ڏي وٺ جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون.
اسان سمجهون ٿا ته اهڙا معاهدا ڀلي ٿين جيڪڏهن اهڙن معاهدن سان عوام جي ڀلي جو ڪو رستو نڪري ٿو ته اهو خوش آئيند آهي پر اصل مسئلو اهڙن پيشقدمين کي جاري رکڻ آهي، تڏهن وڃي معاشي غيريقيني ختم ٿي سگهي ٿي.

ڪراچي ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائيم
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو پاران پيش ڪيل گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٿيل ڏوهن جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل ڏينهن شهر جي 7 ضلعن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 139 واقعا ٿيا، جن ۾ 53 موبائيل فون، نقدي ڦر، 7 ڪارون چوري ٿيون، جڏهن ته 8 موٽرسائيڪلون کسيون ويون ۽ 61 موٽرسائيڪلون چوري ڪيون ويون. ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي اسٽريٽ ڪرمنلن 4 ڄڻن کي زخمي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پوليس اسٽريٽ ڪرمنلز/ چورن سان 5 مقابلا ڪيا جن ۾ 2 چور موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته 7 اسٽريٽ ڪرمنلز گرفتار ۽ 8 جوابدارن کي واقعي واري هنڌان پڪڙيو ويو آهي. ڪراچي پوليس گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 171 جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جن ۾ 80 اسٽريٽ ڪرمنلز/چور، 2 قاتل، 24 جوابدار غيرقانوني هٿيار رکڻ، 12 منشيات وڪرو ڪندڙ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث 36 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي پوليس گذريل سڄي ڏينهن ۾ 17 ڪار لفٽرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته سرچ آپريشن دوران 25 غير قانوني پستول، 4 ڪلو چرس جنهن ۾ 530 گرام آئس هٿ ڪئي وئي. ايڊيشنل آءِ جي ٻڌايو ته گذريل سڄي ڏينهن ۾ 21 چوري ٿيل موبائيل فون، 16 چوري ٿيل گاڏيون، 5 ڪارون ۽ 11 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن. سنڌ جي وڏي وزير سٽي پوليس کي هدايت ڪئي ته ڪومبنگ آپريشن جاري رکيو وڃي ۽ اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو آندو وڃي.
اسان سمجهون ٿا ته رڳو 24 ڪلاڪن ۾ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جا 139 واقعا ٿيڻ ڀيانڪ صورتحال ڏانهن اشارو آهي. شهر کي هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. جنهن جي سدباب جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button