پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ عورت جو ڀائرن جي ظلمن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي سميع آباد پاڙي جي رهواسڻ عورت گهرڀاتين سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي ڀائرن جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي موقعي تي عورت مهناز منگي پنهنجي مڙس عباس، سهري نثار علي ۽ پٽ عون محمد منگي سان گڏ صحافين آڏو الزام لڳايو ته 2018ع دوران مون پنهنجي ڀا گلزار انصاري کي ساڍا چار تولاسون ڏنو، جنهن کانپوءِ هو سعودي عرب پورهئي لاءِ ويو، جيڪو ڪجهه سال سعودي عرب ۾ روزگار ڪرڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي آيو، جنهن کان مون پنھنجو سون گهريو، جنهن سون واپس ڪرڻ کان انڪار ڪندي پنهنجي گهرواري عابده سان گڏ مون سميت منهنجي مڙس مٿان سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي. هاڻ ڀائر 16 جنوري تي گهر مٿان ڪوڙو پوليس چڙهائي جو ڊرامو رچائي مڙس خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ سان گڏ سون هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. معاملي جو فيصلو جي يو آءِ اڳواڻ محبت کهڙو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جتي ڀا اسان کي سون قسطن ۾ واپس ڪرڻ جي خاطري ڪرائي لکت ڏني، هاڻ وري فيصلي تان ڦري ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، گلزار وڏي ڀا گلبهار سان ملي والد جي 1800 فوٽ جڳهه تي قبضو پڻ ڪيو آهي. هن ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڀائرن خلاف ڪارروائي ڪري حق ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button