پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ شاگردياڻين جو ماسترياڻي جي غيرحاضر رهڻ خلاف احتجاج

چيلهار: چيلهار ويجهو ڳوٺ جنجهيئر ۾ گورنمينٽ پرائمري گرلس اسڪول ۾ ٻن هفتن کان ماسترياڻي جي غيرحاضر رهڻ خلاف شاگردياڻين ديپا، رميلا، مورتي، ڀويتا، سويتا، درشنا ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن چيو ته اسان جي ٽيچر سويتا ٻن هفتن کان اسڪول نٿي اچي. جنهن ڪري اسان جي پڙهائي سخت متاثر ٿي رهي آهي، اسان جي والدين ڊي اي او ٿرپارڪر سميت ٻين تعليم کاتي جي ضلعي آفيسرن کي شڪايتون ڪيون، پر اڃان تائين مسئلو حل ناهي ٿي سگهيو، ماسترياڻي جي غيرحاضر هجڻ سبب 60 کان وڌيڪ شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، پر ڪير نٿو ٻڌي. هنن گهر ڪئي ته مقرر ماسترياڻي کي ڊيوٽي جو پابند بڻائي وڌيڪ هڪ ٽيچر کي مقرر ڪري اسان جي مستقبل کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button