پاڪستانسنڌ

دنيا ۾ ماحولياتي ايمرجنسي تيزي سان وڌي رهي آهي:نائيجل هيرس

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ برسات سبب ٿيل تباھين ۽ امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ عالمي اداري ٽيئر فنڊ گلوبل جي چيف ايگزيڪيوٽو نائيجل ھيرس، يورو ايشيا نارٿ آفريڪا جي ريجنل ڊائريڪٽر مارٽن ليچ ۽ ٽيئر فنڊ پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جوناٿن جانسن ميرپورخاص جي تعلقي شجاع آباد جي مختلف ڳوٺن ۾ پھتا، جتي ھنن مختلف برسات متاثر ڳوٺن جو جائزو ورتو ۽ متاثرن کان معلوما ورتي ته اسان پاران موڪليل سامان کين مليو آھي يا نھ؟ ڪنھن رشوت تھ ناھي ورتي؟. ان دوران سماجي اداري سيوا پاڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو اوبيد ڪيلب ۽ پروگرام مئنيجر ولي محمد لاشاري کين ڊاڪيومينٽريز ۽ ڊيٽا ذريعي ميرپورخاص ڊويزن اندر برساتي تباھين بابت آگاھي ڏني. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي نائيجل ھيرس چيو تھ سنڌ اندر برساتن سبب تمام گھڻو نقصان پھتو آھي، اسان پنھنجي مقامي پارٽنرز ذريعي ماڻھن جي زندگي کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون. اسان جي دنيا ماحولياتي ايمرجنسي طرف تيزي سان وڌي رھي آھي. جھڙي حالت پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ ۾ ٿي آھي، اسان ھن وقت سڄي دنيا ۾ اھڙي صوتحال کي پيش ايندي ڏسي رھيا آھيون. اسان ترقي يافتا ملڪن کان آيا آھيون، اسان جي ماڻھن کي گھرجي تھ اھي پنھنجي طرز زندگيءَ کي تبديل ڪن ۽ صنعتن مان خارج ٿيندڙ ڪاربان آلودگي کي زيرو ليول تي کڻي اچون تھ جيئن دنيا نقصانن کان بچي سگھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button