پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ علاج دوران ٻارڙي فوت، وارثن جو ڊاڪٽر تي الزام، مظاهرو

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي ميروخان چوڪ واري علائقي ۾ خانگي ڪلينڪ ۾ لهر بائي پاس جي ڳوٺ پيارو خان عمراڻي واسي پورهيت محرم علي عمراڻي جي هڪ سال جي ڌيءَ رضوانه عمراڻي علاج دوران فوت ٿي وئي، جنهن بعد وارثن ڊاڪٽر ۽ ڊسپينسر مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي فوتي ٻارڙي جي پيءُ محرم علي عمراڻي الزام لڳايو ته ته اڄ صبح جو پنهنجي هڪ سال جي ڌيءَ رضوانه کي معدي ۽ الٽي جي بيماري جي ڪري ڊاڪٽر سڌام چند جي ڪلينڪ تي آندو، جتي ڊاڪٽر ڊرپ لکي ڏني، اها ڊرپ لڳائڻ دوران ڊسپينسر راحيل پٽ هدايت الله مھيسر غلط انجيڪشن لڳائي، جنهن جي ڪري منهنجي ڌيءَ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، جنهن بعد ڊاڪٽر سڌام چند ڪلينڪ ڇڏي فرار ٿي ويو، ڊاڪٽر ۽ ڊسپينسر منهنجي معصوم ڌيءَ کي ماري ظلم ڪيو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڊاڪٽر سڌام چند ۽ ڊسپينسر راحيل مهيسر خلاف ڌيءَ جي قتل جو ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي وليد پوليس پهچي وارثن کي خاطري ڪرائي، جنهن بعد وارث لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button