پاڪستانسنڌ

رتوديرو ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن جو ٻارن کي پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪار

رتوديرو: رتوديرو ڀرسان ڳوٺ بهادر خان سناڻي جي ڳوٺاڻن 3 ڏينهن اڳ گذريل طوفاني برساتن ۾ راشن ۽ ٽينٽ نه ملڻ خلاف پنهنجن معصوم ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو هو. گذريل ڏينهن پوليو ٽيم سان گڏ رتوديرو پوليس ڳوٺاڻن وٽ پهچي مٿن دٻاءُ وڌو ته ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريو، پر ڳوٺاڻن انڪار ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي ڳوٺاڻن اصغر، علي محمد، گلشير، سليمان، عبداللطيف، اختر سناڻي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته برساتن سبب گھر ڊهي پوڻ سان گڏ فصل به مڪمل تباهه ۽ برباد ٿي ويا، پر يوسي چيئرمين ڊاڪٽر مسعود سناڻي اسان وٽ لڙي به نه آيو، هاڻ وري پوليس موڪلي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. اسان جي ڪابه سار نه لهڻ تي اسان پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، اسان جي ڳوٺ کي سم نالي جي پاڻي ٻوڙي ڇڏيو، جنهن جي کاٽي به ناهي ڪرائي وئي، اسان جا 3 ڄڻا برساتن سبب نانگن جي ڪکڻ سبب فوت ٿي ويا. 5 مهينن کان اسان امداد لاءِ دانهون ڪري رهيا آهيون، پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، اسان يوسي چيئرمين کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو. هنن چيو ته جيستائين مدد نه ڪئي ويندي، ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button