پاڪستانسنڌ

نئون ديرو ۾ بدامني خلاف سڄاڻ ڌرين جي احتجاجي ريلي

نئون ديرو: نئون ديرو ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهر جي سياسي سماجي مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ٻئي ڏينهن به ميونسپل ڪميٽي کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪري سکر-لاڙڪاڻو روڊ تي ريلوي ڦاٽڪ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽرئفڪ جام ٿي وئي. ان موقعي تي شاهه لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين فيڊريشن جي چيئرمين حافظ مشتاق ڪوريجو، عبدالقدوس پنهور، عبدالرحمان سپڙو، لياقت ابڙو، منظور منگي، مرتضيٰ ڪلهوڙو، برڪت لاشاري، محمد عيسيٰ جتوئي، الطاف منگي، راحيل عباس ڪلهوڙو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، شهري غير محفوظ ٿي ويا آهن، پر پوليس ڪٿي به نظر نه ٿي اچي، پرامن شهر کي هٿ وٺي بدامني طرف ڌڪيو وڃي پيو، پوليس چورن سان مليل آهي، ان ڪري ڦورو دليري سان ڏينهن توڙي رات جو وارداتون ڪري رهي آهن. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن، ڦورن ۽ چورن جي ساٿاري پوليس خلاف ڪارروائي ڪري شهر ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي. هوڏانهن ڌرڻي جي ٽن ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي نئون ديرو ۽ ايس ايڇ او نئون ديرو مظاهرين وٽ پهچي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button