پاڪستانسنڌ

ڄاڻ تائين پهچ واري قانون تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي:سي پي ڊي آئي

ٽنڊوالھيار: ٽنڊوالهيار ۾ سي پي ڊي آئي “پاڪستان ۾ بجيٽ جي شفافيت جي صورتحال” تي پنهنجي ٽئين سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ سٽيزن نيٽ ورڪ فار بجيٽ اڪائونٽبيليٽي (سي اين بي اي) جي ميمبر آرگنائيزيشن شيد جي پروگرام آفيسر پريم راٺوڙ ڪولھي پاران منعقد ڪيل پارٽنرز سان بجيٽ جي شفافيت بابت ڳالهائيندي پريم راٺوڙ ڪولھي، زندگي فائونڊيشن جي عرفان زمان ۽ سول سوسائٽي اڳواڻ رميش ڪمار ڪولھي چيو ته گذريل ڏهاڪي کان پاڪستان ۾ سي پي ڊي آئي جي عمل کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ضلعي سطح کان وفاقي سطح تائين بجيٽ جوڙڻ ۽ ان ۾ شفافيت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گذريل سال وانگر هن سال به وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ان عمل جو جائزو ورتو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ “پاڪستان هڪ رپورٽ “اسٽيٽس آف بجيٽ شفافيت 2022” تي ٻڌل آهي. اها رپورٽ نه رڳو پاڪستان ۾ بجيٽ جي شفافيت جو جائزو وٺي ٿي، پر ان سان گڏ اهو به اندازو لڳائڻ ۾ مدد ڪري ٿي ته ڇا پاڪستان ۾ معلومات تائين پهچ جا قانون بجيٽ سان لاڳاپيل معلومات تي اثرانداز ٿي رهيا آهن. اها رپورٽ ٻن حصن تي مشتمل آهي، پهرين حصي ۾ مختلف وفاقي وزارتن ۽ صوبائي کاتن ڏانهن موڪليل معلومات جي درخواستن جو ذڪر آهي، جنهن ۾ بجيٽ سازي جي عمل دوران مختلف مرحلن جي باري ۾ معلومات طلب ڪئي وئي هئي، هنن مطالبو ڪيو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون ڄاڻ تائين پهچ واري قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. ان موقعي تي لڇمڻ راٺوڙ، عمران فيصل، رميش ڪمار ڀيل، سينيئر صحافي طالب حسين ۽ اميدو مل شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button