پاڪستانسنڌ

3 ڏينهن اڳ آپگهات ڪندڙ عورت جي مڙس به انت آڻي ڇڏيو

عثمان شاهھ ھڙي: عثمان شاهه هڙي ۾ مشائخ هوٿي ٿاڻي جي حد ڳوٺ موريو ساند ۾ پرڻيل پارسان ڀيل مبينا طور گهر اندر ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو، عورت 3 ڏينهن اڳ آپگهات ڪيو هو. واقعي بعد مشائخ هوٿي پوليس ناري جي مڙس ۽ ٻين کان واقعي بابت پڇاڳاڇا ڪئي هئي. ذريعن موجب شڪ ۾ پوليس پارسان جي مڙس نگيو ڀيل کي ڪجھه ڪلاڪن لا لاڪپ ۾ پڻ رکيو، جنهن کي ناري جي ڀائرن آزاد ڪرايو. آزاد ٿيڻ بعد گذريل رات دير سان نگيو ڀيل به مبينا طور گهر اندر ڦاهو کائي ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. هوڏانهن سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آھي ته پوليس ناري جي مبينا آپگهات ۾ ڪا اڳڀرائي نه ڪري سگهي، ان ڪري وڌيڪ هڪ جان ضايع ٿي. هنن ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي زال مڙس جي آپگهات واقع جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي. ٻئي پاسي ٻنهي زال مڙس جا آپگهات واقعا ڳجهارت بڻجي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button