پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ گهر تي ڪاهه، نوجوان ناري مبينا اغوا

ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ گهر تي مبينا چڙهائي ڪري نوجوان ناري کي اغوا ڪيو ويو، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ڊگهڙي شھر جي مير جان محمد ڪالوني جي رهواسي مختيار علي ولد نور محمد خاصخيلي ڊگھڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ضلعي بدين جا رهواسي هاشم ولد مصري خاصخيلي، نذير احمد، ممتاز علي ولد هاشم خاصخيلي ۽ اصغر علي ولد نذر محمد خاصخيلي هٿيارن جي زور تي گهر ۾ داخل ٿي منهنجي 22 ورهين جي نياڻي سميره کي اغوا ڪري گاڏي ۾ کڻي فرار ٿي ويا. هوڏانهن پوليس ڪيس داخل ڪري ڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button