مجموعي طور تي ٽين دنيا جي سياست مان انسانن جي لاءِ احساسن جو خاتمو اچي ويو آھي. ڪو وقت ھو جڏھن سياست جي سڪل چپن تي انساني حقن جو نعرو ڪنھن چنگ جيان وڄندو ھو پر اھو وقت ھن دور ۾ دفن ۾ ٿي ويو آھي. ھي دور جنھن ۾ انسانن جي تمام وڏي اڪثريت زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن لاءِ حيران پريشان آھي پر ھڪ تمام مختصر ۽ ننڍي اقليت بي تحاشا دولت ۽ طاقت سان ھڪ طرح تي راند کيڏي رھي آھي. جڏھن حڪومتون ۽ رياستون پنھنجي عوام کان بي تعلق بڻجي وڃن، تڏھن يوڪرين ۾ جنگ جاري رھڻ ۽ پاڪستان ۾ اٽي لپ لاءِ ماڻھن جو قطارن ۾ بيھڻ سمجھھ ۾ اچڻ گھرجي. ڇو تھ جتي جتي بھ ڪا عوام آزار ڪارروائي ٿئي ٿي، اتي حڪومتن جي حرامخوريءَ جو ھٿ يقيني سمجھڻ گھرجي. ھي حڪومتون اصل ۾ ھڪ سوشل يونين جيان ھجڻ گھرجن پر اھي رياست جي حيثيت ۾ ٻين ملڪن سان ۽ سياست جي حوالي سان ملڪ اندر ٻين پارٽين سان جھيڙي جو ماحول پيدا ڪري عوام جي اصل اشوز کي بي ڌيانيءَ جي ڊسٽبن ۾ اڇلائي ڇڏين ٿيون. ڪڏھن اھا ڪرت پوري دنيا ۾ ھئي. يورپ ان قسم جي رويي جو عالمي مرڪز ھو. آمريڪا جو مثال ڪجھھ الڳ آھي. پر اولھھ جو پورو معاشرو ھڪ قسم جي باھه ۾ جليو. اولھھ جي تاريخ ھڪ آتشدان وانگر آھي. ان باهھ جي کوري ۾ ڇا ڇا نھ جليو آھي! ان جا تفصيل اڄ بھ اسان جا لڱ ڪانڊاري ٿا ڇڏين. پر دھشت جي ماحول مٿان دماغ جا مثبت خيال ۽ دل جا معصوم احساس پنھنجو اثر وجھندا رھيا ۽ نيٺ اھو وقت بھ آيو جو اولھھ ۾ عام ماڻھوءَ جو انساني وجود ۽ انساني وقار تسليم ڪيو ويو. اولھھ ۾ جيڪا اھم پيشقدمي ٿي اھا بنيادي طرح سان ٽن رخن ۾ ٿي. ھڪ تھ سياست ۽ سرڪار کي مذھبي قوتن کان ڪٽي الڳ ڪيو ويو. ٻيو تھ انسانن کي فڪر ۽ ذڪر جي آزادي ڏني وئي ۽ ٽيون تھ رياست پنھنجو پاڻ کي ماڻھن جي مٿان مسلط ڪرڻ جي روش ترڪ ڪئي. انھن عملن سان عوام ۾ پنھنجي انسان ھجڻ جو اعليٰ احساس پيدا ٿيو.
ھڪ سٺي ۽ سٻاجھي سماج ۾ ئي علم ۽ عمل جو پاڻ ۾ سٺو ۽ سڀاويڪ سنجوڳ ٿي سگھي ٿو. جيڪو اسان کي اولھھ ۾ نظر آيو. جتي ماڻھن تمام گھڻي محنت ڪري اھڙا ماڳ ۽ مڪان ٺاھيا جن کي اڄ بھ حيرت ڀريل اکين سان ڏٺو ٿو وڃي. انھن صرف مادي ترقي نھ ڪئي پر انھن روحاني ۽ جذباتي طور تي بھ جاکوڙيو ۽ اسان کي اھي نت نون ادارن جي تشڪيل ۾ مصروف نظر آيا ۽ انھن معاشرن ۾ منفيت ۽ مثبتيت جا مثال ۽ پيمانا جڙيا ۽ سڀ کان اھم تھ قانون کي حڪمرانيءَ جو حق مليو. انھن وڏن عملن سبب مغرب جو معاشرو نھ رڳو سگھارو ٿيو پر داخلي طور تي پنھنجي عوام جي لاءِ سک جو ڪارڻ بھ بڻيو.
اولھھ ۽ اوڀر چوڻ تھ ڪجھھ مشڪل آھي پر پھرين دنيا ۽ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ بنيادي طور تي اھو ئي فرق آھي تھ پھرين دنيا ۾ رياست عوام جي ملڪيت آھي، جڏھن تھ ٽين دنيا جي اندر عوام رياست جي ملڪيت سمجھيو وڃي ٿو. ان ڪري ٽين دنيا ۾ ماڻھن جي وجود جي ڪا بھ اھميت ناھي. جڏھن ماڻھوءَ کي ماڻھو ئي نھ سمجھيو وڃي تھ ان جي وھندڙ لڙڪ يا ڳڙندڙ لھوءَ جي ڪھڙي اھميت!؟
ٽين دنيا ۾ اقتدار جي ڪشمڪش سياستدانن جي وچ ۾ ھڪ راند آھي. اھو ئي سبب آھي تھ ھاڻي سياست ۾ اھي لفظ بامعنيٰ محاورا بڻجي ويا آھن، جيڪي صرف ۽ صرف راند جي حوالي سان استعمال ڪيا ويندا آھن. ھڪ پارٽيءَ جي چڱي چوکي ھمراھه کي پنھنجي پارٽيءَ ۾ آڻڻ واري عمل کي ”وڪيٽ ڪرڻ“ ۽ پنھنجي مرضيءَ جو نگران مقرر نھ ٿيڻ تي ”پنھنجو امپائر“ مقرر ڪرڻ ۽ اقتدار جي لاءِ پوري محنت سان ڪوشش ڪرڻ کي ”آخري بال“ تائين وڙھڻ واري ٻولي ڇا ثابت ڪري رھي آھي؟ اھا ثبوت آھي، ان سچائيءَ جو تھ ھاڻوڪن ۽ اڳوڻن حڪمرانن لاءِ اقتدار جي حفاظت ڪرڻ يا اقتدار حاصل ڪرڻ ھڪ طرح جي راند آھي ۽ ان راند ۾ سڀ کان وڌيڪ اھميت انھن جي مفاد آھي. ڇو تھ انھن جي آس پاس اھڙن فردن جي اڪثريت آھي، جن کي اٽي جي دستيابيءَ ۽ اٽي جي اگھھ جو ڪو فڪر ناھي. ان ڪري انھن حلقن ۾ مھانگائيءَ ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جي اڻاٺ جو ڪو اشو ئي نھ ٿو اٿي. ھر ڪنھن جو پيٽ ڀريل آھي ۽ اھڙي پيٽ ڀري سان پيٽ ڀرائيءَ واري سياست ئي ٿي سگھي ٿي ۽ اھا ٿي رھي آھي.
پاڪستان ٽين دنيا جو پريشان ترين ملڪ طور سڃاپجي رھيو آھي. اھو ملڪ جنھن جي ناڻي جا ذخيرا ايترا کٽي ويا آھن جو ھن کي ڪنھن بھ وقت ڊي فالٽ ڪرڻ جو اطلاع ملي سگھي ٿو. اسان ھڪ اھڙي ملڪ ۾ رھون ٿا، جنھن ملڪ جي عالمي برادريءَ ۾ عزت ناھي. اھا ڇو ناھي؟ ڇو تھ ان ملڪ جي حڪمرانن مٿان عالمي برادريءَ جو اھو الزام رھندو آيو آھي تھ ھو ڪرپٽ، ڪوڙا ۽ وڳوڙي آھن. اھو ئي سبب آھي تھ دنيا جا مالياتي ادارا ھن ملڪ کي قرض ڏيڻ لاءِ تيار ناھن. جنھن ملڪ کي قرض نھ ملندو ھجي، اھو ملڪ ڪھڙي اخلاقي سگھھ سان پنھنجو ڪنڌ اوچو ڪري عالمي برادريءَ ۾ بيھي سگھي ٿو؟ جڏھن تھ ان ملڪ جا سياستدان سرمائي جي حوالي سان عالمي سطح جا آسودا ماڻھو آھن. انھن جي مالي خوشحالي ملڪ جي اقتصادي بدحاليءَ تي بنياد رکي ٿي. پاڪستان لاءِ جيڪي پريشانيون موجود آھن، انھن پريشانين جو حڪمران طبقن کي ڪوئي فڪر ناھي. ڇو تھ انھن جون جائدادون ۽ انھن جا ڪاروبار دنيا جي آسودن ۽ اجوکن ملڪن ۾ موجود آھن. انھن جا ٻار ٻچا دنيا جي امير ملڪن جا شھري آھن. انھن جي رھڻي ڪھڻيءَ کي ڏسي ڪوئي بھ چئي نھ ٿو سگھي تھ ھي ان ملڪ جا فرد آھن، جنھن ملڪ ۾ عام ماڻھو اٽي لپ جي لاءِ پوليس جون لٺيون کائن ٿا ۽ ڪجھھ صورتن ۾ اھي مري بھ وڃن ٿا.
ملڪ جي معاشي ۽ معاشرتي صورتحال جو ھڪ ٻئي مٿان اڻ سڌو نھ پر سنئون سڌو اثر پوي ٿو. جڏھن بھ معاشي بدحالي ايندي تھ معاشرتي طور تي امن امان جي صورتحال کي بدتر ٿيڻ کان ڪوئي بھ بچائي نھ سگھندو. اسان کي ھن وقت بھ صاف نظر اچي رھيو آھي تھ سنڌ ۾ ٻوڏ سبب جيڪا معاشي تباھي آئي آھي، ان تباھيءَ سبب ڏوھن جون وارداتون وڌي ويون آھن. ڇو تھ ماڻھو بکيا رھي نھ ٿا سگھن. انھن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ پاپ ڪرڻ کان اھو قانون روڪي نھ ٿو سگھي، جيڪو قانون پاڻ ڪرپٽ آھي. جيڪو قانون طاقت واري جو غلام ۽ ڪمزور جو آقا آھي. جنھن ملڪ ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن کي پنھنجي ملڪ جي قانون جو ڪو اتو پتو نھ ھجي، ان ملڪ ۾ اسان ڪھڙي قانون جي حڪمرانيءَ جو خواب ڏسي سگھون ٿا؟ اھو سڀ ڪجھھ صرف ان لاءِ ٿي رھيو آھي تھ اسان جي ملڪ ۽ اسان جي معاشري کي جيڪي مرض وڪوڙي ويا آھن، انھن جو علاج اھو ناھي، جيڪو علاج اھي سياسي ويڄ ڪري رھيا آھن، جيڪي نھ صرف انڌا اونڌا آھن پر اھي پنھنجي سرشت ۾ بلڪل ڏوھاري ۽ انتھائي انسانيت جا ويري آھي. انھن ۾ ڪو قياس ۽ انھن کي ڪو رحم ڪونھي. انھن جي ڪرم ۾ ڪا سچائي ۽ صداقت ڪونھي. ھو معاشري کي لٽي پنھنجا گھر ڀريندڙ ۽ عوام کي ڦري پاڻ کي امير بڻائيندڙ ڪردار آھن ۽ انھن جي سياست ائين آھي، جيئن ڪو ڊاڪو راڄ ھجي، جنھن ۾ سياست جي صاف سٿري ۽ سفيد لٽن ڪپڙن ۾ اسان کي ڦورو ۽ لوڙائو باقاعدي منظم ملن. انھن جا پاڻ ۾ گھرا ناتا ۽ تعلق آھن. ھو ھڪ ٻئي جا ان وقت مددگار ٿي بيھن ٿا، جڏھن انھن جي خلاف قانون پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ صرف ڪر موڙي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ سڀ ھڪجھڙا آھن. اھو ئي ناھي تھ فلاڻي اقتداري ڌر جو ڌڻي سائين صاف شفاف ڪردار جو مالڪ آھي ۽ فلاڻي ڌر جو ليڊر بدڪردار ۽ ڏوھاري آھي. ھتي رڍون سڀ ٻوٿ ڪاريون آھن. جيڪڏھن انھن ۾ ڪو فرق آھي تھ اھو ٿوري ۽ گھڻي جو يا ڦر ۽ چوريءَ جو!
عمران خان جي مٿان جڏھن پنھنجي ڪٽنب جي باري ۾ ڪوڙ ڳالھائڻ جو الزام لڳي ٿو تھ ھو ان سوال جي جواب ۾ ڪا صفائي پيش ڪرڻ بھ جھڙوڪ پنھنجي توھين ٿو سمجھي ۽ جڏھن ھن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ٿو تھ ھن سماجي ڀلائيءَ وارا فنڊ ڪاروبار ۾ ڇو استعمال ڪيا تھ ھو انھن سوالن کي پنھنجي شان خلاف ٿو سمجھي. ھو توشا خانا ڪيس کي پنھنجي خلاف سازش بڻائي بيان ٿو ڪري. ڇو تھ ھو پنھنجين ننڍن ڪوڙن ۽ ننڍين چورين کي جسٽيفاءِ ڪرڻ لاءِ پنھنجن سياسي مخالفن جا وڏا ڪوڙ ۽ وڏا ڌاڙا تفصيل سان ٻڌائي ٿو. جڏھن ھڪ وڏو ڏوھه ڪنھن بھ صورت ۾ ھڪ ننڍي ڏوھه کي جسٽيفاءِ ڪري نھ ٿو سگھي. لک جي چوري کڪ جي چوريءَ کي لڪائڻ جو اخلاقي حق مھيا ڪري نھ ٿي سگھي. ھڪ ڏوھه ٻئي ڏوھه جي ڇپر ڇانو ڇو ٿئي؟
پاڪستان ٽين دنيا جي انھن ملڪن مان آھي، جن کي صرف ۽ صرف بدتر سياسي سسٽم ۽ بدانتظاميءَ جي ايتري سزا ملي رھي آھي، جنھن جو تصور بھ تمام گھڻي تلخيءَ جو احساس پيدا ڪري رھيو آھي. ھڪ پاسي بک ۽ ڏک ۾ مرندڙ ۽ ررندڙ ماڻھو آھن ۽ ٻي طرف اقتدار جا بکيا، ھڪ ٻئي کان ڪرسي کسڻ جون چالون چلي رھيا آھن. انھن سياسي رانديگرن کي صرف ۽ صرف ڪاميابي گھرجي. انھن جي ڪاميابيءَ جو مطلب آھي، ڪرسي! اھا ڪرسي جنھن تي ويھي ھو ملڪي ناڻي مان عياشيون ڪري سگھن ۽ پروٽوڪول ماڻي سگھن. جنھن ملڪ ۾ سياستدانن جي سک جو بنياد عوام جي ڏک تي رکيل ھجي، ان ملڪ ۾ صرف اقتداري ھِن يا ھُن کي ملڻ سان ڪھڙي تبديلي ايندي؟ ھن ملڪ ۾ اڄ نھ پر پھرين ڏينھن کان وٺي سياست ان راند جيان رھي آھي، جنھن ۾ ”ماڻھن جو موت، سياستدانن جي وندر“ جو سامان بڻجي رھيو آھي.