رانديون

نجم سيٺي تجربيڪار آهي، رميز پنهنجي جڳهه وٺي: وسيم اڪرم

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو آهي تھ نجم سيٺي تجربيڪار ماڻهو آهي ۽ معاملن کي هلائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا کي چٿرن جو نشانو بڻائيندي چيو تھ رميز راجا ڇهن ڏينهن خاطرآيو هو، هاڻ واپس هليو ويو آهي، ڪرڪيٽر بورڊ کان وڏو نٿو ٿي سگهي، تنهنڪري هاڻ پنهنجي جڳهه وڃي وٺي. هن چيو تھ پاڪستان ۾ اهو غلط تصور جوڙيو ويو آهي تھ بورڊ جو چيئرمين ڪرڪيٽر کي ئي هجڻ گهرجي. هن چيو تھ پاڪستان ۽ ڀارت جي بورڊن ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجي، هي ڪا گهٽين ۽ رستن واري راند ناهي، تون نھ ايندي تھ مان بھ ايندس چوڻ وارا ڪير آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button