گذريل جنهن موسمياتي تبديليءَ کي دنيا کي منهن ڏنو، ان ۾ سڀني کان وڌيڪ سنڌ ڀوڳيو. سنڌ ۾ گذريل سال آيل ٻوڏ کي سنڌ جا ماڻهو اڃا تائين ڀوڳي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين به ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو ڪم پورو ڪونه ٿي سگهيو آهي. جن جن علائقن ۾ ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا هئا، اهي پنهنجن ماڳن تائين موٽڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. موسمياتي تبديليون ڪهڙي ريت دنيا تي اثرانداز ٿي رهيون آهن، ان جو اندازو شايد اسان جي حڪمرانن کي نه هجي پر عوام کي ضرور آهي، جيڪو هر آفت ۽ هر مصيبت ۾ سڌي ريت متاثر ٿيندو آهي. نتيجي ۾ اهو دربدر ٿيندو آهي، ان جا فصل ٻڏندا آهن ۽ اهو پنهنجي روزگار جا وسيلا به وڃائي ڇڏيندو آهي. تنهنڪري ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته هن سال به موسمياتي تبديليءَ جي ڪري ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ ماڻهن کي ڪنهن وڏي مصيبت کي منهن ڏيڻو پئي سگهجي ٿو. ان حوالي سان برطانوي ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو آهي.
برطانوي ميٽ آفيس جي سائنسي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته 2023ع ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گرمي ٿيندي، اسان جو گرهه ايل نينو لہر جو شڪار ٿيندو. ماهرن موجب ايل نينو هڪ موسمياتي رجحان آهي جنهن جي ڪري پئسفڪ سمنڊ جو گهڻو حصو معمول کان وڌيڪ گرم ٿي وڃي ٿو ۽ ڌرتيءَ جي مجموعي گرمي پد ۾ به واڌ ٿئي ٿي. سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته ايل نينو 2023ع ۾ ڪنهن به وقت واپس اچي ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ عالمي موسمياتي شدت ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان ڳالهه جو وڌيڪ امڪان آهي ته عالمي گرمي پد هڪ ڏهائي 5 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي ويندو. ياد رهي ته 2016ع هن وقت تائين دنيا جو سڀ کان گرم سال رهيو آهي. جيڪڏهن پاڪستان جهڙُو ملڪ هن خبر کي سنجيده نٿو وٺي ته ان جو مطلب اهو هوندو ته اهو ايندڙ تباهيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي پر ان تباهيءَ کي رڳو ڏسڻ لاءِ تيار آهي ۽ ان کان پوءِ جيڪو ماڻهن سان حشر ٿيندو، ان جو تماشو ڏٺو ويندو. ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف جنيوا ڪانفرنس ۾ امداد لاءِ واجهائي رهيو هو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ مالياتي ادارن پاڪستان کي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پر ڇا ان کان بهتر اهو ناهي ته هاڻ جڏهن گرميءَ جي سخت لهر کان خبردار ڪيو ويو آهي ۽ اهي امڪان به آهن ته ان جي ڪري ڪٿي وڌيڪ برساتون وسي سگهن ٿيون ۽ ڪٿي بنهه ڪونه وسنديون ته ڇا اهڙي حالت ۾ اسان جا ادارا ۽ حڪومت پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اهي هن وقت تائين ڪيتريون تياريون ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن ته گذريل سال به جنهن وقت اهي خبرون اچي رهيون هيون ته هن ڀيري معمول کان وڌيڪ برساتون وسنديون ته پاڪستان ڪابه تياري ڪونه ڪئي هئي. ان نه رڳو برساتون وسڻ جو انتظار ڪيو ۽ اهي برساتون ايتريون وسيون جو سنڌ ٻڏي وئي.
سنڌ ۾ هن وقت به قدرتي وهڪرن تي قبضا آهن. پاڪستان ۾ جتي به قدرتي وهڪرا آهن، اتي قبضا ٿيل آهن. تنهنڪري ماڻهن جو ٻڏڻ لازمي آهي. گذريل سال انهن وهڪرن تان قبضا ڪونه هٽايا ويا. نتيجي ۾ سنڌ جا ڪيترائي شهر ٻڏي ويا. برساتن سبب ماڻهن جون زندگيون سخت متاثر ٿيون ۽ انهن کي جيڪو مالي نقصان پهتو، ان جو ازالو هن وقت تائين به ڪونه ٿي سگهيو آهي. تنهنڪري رڳو امداد تي ڀاڙڻ ڪافي ڪونهي پر ان امداد جو بهتر نموني استعمال ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اها امداد ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ استعمال نٿي ٿئي ته پوءِ ڪهڙي ڪم جي آهي. موسمياتي تبديلين جو مطلب اهو هوندو آهي ته ايندڙ ڪنهن به امڪاني تباهي کان پاڻ کي بچائي سگهجي ۽ جيڪو نقصان ٿيڻو آهي، اهو نه ٿيڻ ڏجي. معمول کان وڌيڪ گرمي پوڻ ڪري به ماڻهو پريشانين کي منهن ڏئي سگهن ٿا. سنڌ ۾ ڪي اين شاهه کان وڏي جهڏي تائين جيڪا تباهي اسان گذريل سال ڏٺي هئي، ان جو ازالو اڃا تائين ڪونه ٿي سگهيو آهي. قدرتي آفتون اهڙيون ڪونه آهن، جو انهن کي منهن نه ڏئي سگهجي يا وري انهن جو حل موجود نه هجي، پر انهن کي بهتر حڪمت عملي وسيلي منهن ڏئي سگهجي ٿو، ماڻهن جي مالڪي ڪري سگهجي، انهن کي مصيبتن کان بچائي سگهجي ٿو.
اسين سمجهون ٿا ته برطانوي ماهرن جن خدشن جو اظهار ڪيو آهي، اهي سنجيده نوعيت جا آهن ۽ انهن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هن سال ڪنهن وڏي تباهيءَ کان بچي سگهجي ۽ عوام جو نقصان نه ٿيڻ ڏجي.